پکين جا به ڪيئي قسم ٿيندا آهن ڪي پاڻيءَ وارا پکي، ڪي وڻن تي ويهڻ وارا پکي ته ڪي وري زمين تي رهندڙ پکي. واهه ڇا ته قدرت جو ڪمال آهي. سچ ته پکين جا مختلف رنگ ڏسي يا ٻوليون ٻڌي هنيانءُ ٺري پوندو آهي. ڇو ته قادر ڪن فيڪون سان هن ڪائنات کي حسين بڻائي پيدا ڪيو آهي، جو ان جو جائزو وٺندي انساني دماغ دنگ رهجيو وڃي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان انسانن وحشت گيري سبب جنت کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ معصوم پکي به ناحق مارجي رهيا آهن. ٽيٽيهر هجي يا ڪوئل، تتر هجي يا تلور، مور هجي يا ڳيرو، تاڙو هجي يا تليهر. مطلب ته ڪوبه پکي منحوس يا بيڪار ناهي، پر اسان جي سوچ کي تالا لڳل آهن جو اسان سونهن کي به سوليءَ تي ٿا چاڙهيون. خبر ناهي ته ڪڏهن ايندو اسان ۾ اهڙو شعور جو ماحول کي موت کان بچائي کيس بقا بخشينداسين.
چوندا آهن ته جنهن گهر ۾ ڪڪڙ ناهن هوندا اهو گهر ٻُسو ۽ سُڃو لڳندو آهي. هن جديد دور ۾ به ماڻهو ڳوٺن ته ڳوٺن ۾ پر شهرن منجھ به ڪڪڙ پالين ٿا. ڇو ته فارمي ڪڪڙ کان ديسي ڪڪڙ ۽ سندس آنو ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي، پوءِ ڪي انهن جو ڪاروبار ٿا ڪن ته ڪي وري شوق خاطر پالين ٿا. ايئن ئي ڪيترائي ماڻهو وڏي شوق سان ڪبوتر به پالين ٿا، جن جي رهائش جو بندوبست گهرن جي ڇت تي پڃرن جي صورت ۾ ڪن ٿا، جتي هو انهن کي وقت سر داڻو پاڻي ڏيندا رهن ٿا. اهڙيءَ ريت اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪافي ماڻهو ديسي ۽ پرديسي پکين کي پڃرن ۾ قيد ڪري گهرن ۾ سونهن خاطر رکن ٿا. ڇو ته جيڪڏهن انهن کي پڃرن منجهان آزاد ڪبو ته اهي اڏامي هليا ويندا آهن ۽ وري واپس ورڻ جو سوچيندا به ناهن. ها هونئن به آزادي اتم آهي جڏهن ته قيد واري زندگي ڏاڍي ايذاءُ ڏيندڙ هوندي آهي. ٻيو ته سڀ پکي به پالتو ناهن هوندا، ان هوندي به اسان جي سماج ۾ مظلوم ۽ معصوم پکين کان اڏام جي آزادي کسي کين قيدي بڻائي پنهنجي شوق خاطر زندگي ڀر قيد رکيو ويندو آهي جيڪو عمل نهايت ئي ظالماڻو آهي.
هن وقت انساني آبادي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري نوان ڳوٺ ۽ نوان شهر اڏجي رهيا آهن انهيءَ ڪري ئي ٻيلا پڻ ختم ٿي رهيا آهن. ٻيو ته ٻيلن جي واڍي ان لاءِ به ڪئي يا ڪرائي وڃي ٿي ته جيئن خوب ناڻو ڪمائي سگهجي جيڪو پڻ هڪ ظالماڻو عمل آهي. ان کان علاوه وڏن شهرن جي آسپاس نوان تعميراتي منصوبا پڻ هلي رهيا آهن جنهن ڪري ئي شهرن جي ٻاهران اهڙي پلاننگ تحت زرعي زمينن سان گڏ وڻ به ختم ٿي رهيا آهن جنهن جو سڌو سنئون اثر پکين تي پوي ٿو. ڇو ته پکين جو سڄو گذر سفر رهائش ۽ آکيرا وغيره وڻن تي هوندا آهن سو جي وڻ ئي نه هوندا ته پکين جي رهڻ جو ايڪو سسٽم ڪٿي ٿيندو پوءِ يا ته هو ملڪ ۽ علائقو ڇڏي ويندا يا ويچارا مري ويندا، پر هر طرح سان نقصان وري به ماحوليات جو ٿيندو. ڇو ته اهي پکي ماحول جي سونهن آهن، پکين جي ٻولين ۾ قدرت عجيب مٺاس رکي آهي جيڪا من کي سرور مهيا ڪري ٿي، پر جي پکي نه هوندا ته پوءِ ماحول به ڪنهن ٻُسيءَ جي ٻانهن وانگر ٻُسو ئي لڳندو جيڪو هڪ عيب تصور ڪيو ويندو آهي.
شاهه لطيف جي شاعري کان ويندي هيل تائين جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ مختلف پکين جو ذڪر ملي ٿو. جهڙوڪ: ڪُونجَ، ڪبوتر، هماءُ، شهباز، زاغ، مور، ڪوئل، هنجُ، ٻگھ ۽ ڪانير وغيره ۽ اهڙيءَ ريت شادين ۾ پڻ اهڙا سهرا يا ڳيچ ڳايا ويندا آهن جيڪي مختلف پکين جي نالن سان منسوب هوندا آهن. خاص ڪري ڪانءُ، ڪبوتر، ڳيرو، جهرڪي وغيره ۽ ادب جي دنيا ۾ ڪيئي ڪهاڻيون يا ناول به لکيا ويا آهن ته وري نانيون ۽ ڏاڏيون خاص ڪري ٻارن کي رات جو ننڊ ڪرائڻ مهل مختلف پکين جون آکاڻيون به ٻڌائينديون آهن ته وري ماضيءَ ۾ پکين کي تربيت ڏئي انهن کان قاصدن وارو ڪم به ورتو ويندو هو. مطلب ته هن سماج ۾ اصل کان ئي پکين جي اهميت رهي آهي ۽ پکي انساني آبادي جو هڪ حصو رهيا آهن ته وري اڄ به آهن. ڇو ته سنڌ اصل کان پيار ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي جتي جانورن ۽ پکين سان به پيار ڪيو ويندو آهي. موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ منجهان به اهڙيون ڪافي مورتيون ملي هيون جن تي جانورن ۽ پکين جون شڪليون نمايان اڪريل آهن، پر افسوس سان چوڻو ۽ لکڻو ٿو پوي ته هاڻي ڪافي سارا پکي نظر ئي ڪونه ٿا اچن. ها، پر بس انهن جو ذڪر ڪتابن ۽ ڪهاڻين ۾ ئي ملي ٿو جيڪو حقيقت ۾ سونهن جو قتل آهي. ڇو ته پکي سونهن آهن ايتري قدر جو اوهان ڏٺو هوندو ته خاص ڪري مور جا پر مزارن تي رکيل هوندا آهن. جڏهن ته مور جا پر قرآن مجيد ۾ به رکيا ويندا آهن.
سهڻي سنڌ جي سهڻي راڳي شاهد جبار جوڻيجو منهنجي ڪافي شاعري ڳائي آهي جنهن ۾ خاص ڪري سنڌ جي پکين جو ذڪر هوندو آهي. هي هيٺيون غزل به جبار ئي ڳايو آهي ته:
ڪري ڪوڪ ڪوئل ٿر جي ڀٽن تي
سگهو ور سانولڙا پيار جي پکن تي
سارنگ ساٺ ڪيا هن سانوڻ آيو آ
گهماء قدم قرب جا قريبا ڪکن تي
ڪونجون هنج آڙيون تتر مور ڳيرا
جهرڪين جي چين چين ڍورن ڍنڍن تي
ڇو ته اسان سنڌي اڪثر ڪري نرم دل هوندا آهيون، اسان پکين سان پيار ڪندا آهيون. موسمن جي مناسبت سان پکين جي سارسنڀال لهندا آهيون سو جي اسان پکين جي سارسنڀال نه لهنداسين ته پوءِ پکين جو نسل ئي تباهه ۽ ختم ٿي ويندو.
ڪو وقت هو جڏهن گهر ڪچا هوندا هئا ته انهن ڪچن گهرن يا ڪانن سان جڙيل ڇپرن ۾ خاص ڪري جهرڪيون ڪک ميڙي آکيرا ٺاهي آنا لاهي نسل کي وڌائينديون هيون، پر جيئن جيئن گهر پڪا ٿيندا ويا تيئن تيئن جهرڪيون به ڏسڻ کان ڏور ٿينديون ويون. وري جڏهن اڃان وڻن ۾ واڍي ڪونه پئي هئي ۽ بندوقن جي ٺڪائن تي بندش هئي تڏهن ڪرڙن تي بلبليون به جام نظر اينديون هيون. فصلن تي هڙين جا ٽولا ايندا هئا، ڪانو ۽ ڪٻريون گهرن جي ڀتين تي لامارا ڏيئي رونق ۾ اضافو ڪندا هئا. هاڻي ته نه ڪٿي ڳجھ ٿي ڏسجي ڇو ته ڳجهه مردار جانور کائيندي آهي ۽ جانورن کي گهڻو ڪري آڪسيٽوسين جون سُيون لڳايون وينديون آهن ته جيئن مال گهڻو کير ڏئي ۽ جڏهن به اهو مال ڪنهن سبب جي ڪري مري ويندو آهي ته ڳجهون ان مال کي کائينديون آهن ۽ سندن گردا ختم ٿي ويندا آهن، ان ڪري اڄ ڳجهه به اڻ لڀ ٿي پئي آهي ۽ نه ڪٿي ڪو ڳيرو ٿو پسجي. شڪارين جي شڪار سبب ڪي پکي ماريا ويا ته ڪي ويچارا خوف کان علائقا ئي ڇڏي ويا.
اسان جي سنڌ ۾ ڍنڍن جو به چڱو خاصو انگ موجود آهي جتي پرڏيهي پکي اچي واهيرو ڪندا آهن، پر افسوس جو هاڻ ته انهن ڍنڍن ۾ به پاڻي وڃي ٿو سڪندو يا ڪڙو ٿيندو ته وري گڏوگڏ شڪاري به بندوقون ڀري تاڙ ۾ رهن ٿا جنهن ڪري ڪونجون، آڙيون، سانهيون يا ٻيا پاڻيءَ وارا پکي به تمام گهٽ تعداد ۾ اچن ٿا. ڇو ته سنڌ جهڙي طرح انسانن جو قتل گاهه بڻجي چڪي آهي تهڙي ريت ئي پکين جي خاطر به هتي ظالم ۽ وحشي انسان هر وقت گهات هنيو ويٺا آهن جيڪو نهايت ئي سوچڻ وارو لمحو آهي.
اسان جي سنڌ جي ٿر ۾ مور، تتر، تلور، چڪور ۽ ٻاٻيهو وغيره عام جام ٿئي ٿو جيڪو به سدائين عربن جي بندوقن جي نشاني تي رهي ٿو. ڇو ته عربستان جا عرب هتي اچي شڪار ڪن ٿا جن جي مدد وري هتان جا سردار ۽ وڏيرا ڪجھ نوٽن جي عيوض ڪن ٿا، پوءِ جڏهن ڪو مزاحمت ٿو ڪري ته ان جو انجام به ناظم جوکيو وارو ٿئي ٿو. ٿر ۾ هڪ ته پاڻي ڪونهي ڪو ٻيو وري ٿر هجي يا لاڙ هجي جتي ڪٿي هٿرادو ڪوئلن جون بٺيون آهن ۽ انهن بٺين ۾ ڪوئلو تيار ڪرڻ خاطر وڻن جو خاتمو ٿي رهيو آهي ۽ اهو خاتمو حقيقت ۾ پکين جي نسل ڪشي ئي آهي. اول ته سنڌ سرڪار ۽ وائلڊ لائف کاتو ڪو تحرڪ نٿو وٺي ٻيو وري مٿان وڻن جي واڍي ته پوءِ آخرڪار اهي پکي وڃن ته ڪيڏانهن وڃن. ڇو ته پکين جي لاءِ وڻن جو هجڻ لازمي آهي.
ڪو وقت هو جڏهن سنڌ ۾ ڪئنالن، واهن ۽ واهڻين جي ڪپرن تي يا وري سرڪاري آفسين جي ٻاهران وڏا وڏا مختلف قسمن جا وڻ هوندا هئا جن کي راشي ۽ لوڀي آفيسرن چند رپين جي حاصلات خاطر وڍرائي ختم ڪري ڇڏيو يا وري ڌاڙيلن جي آماجگاهه ختم ڪرڻ جي بهاني ٻيلن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو جنهن جو سڌو سنئون اثر پکين جي نسلن تي پيو ۽ نه ڄاڻ ڪيترا پکي ختم ٿي ويا جيڪي هاڻي ڪٿي نظر ئي نٿا اچن. ٻيو ته هتان جو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ به وائلڊ لائف کاتي وانگر نهايت ئي لاپرواهه آهي جيڪو ٻيلن کي نه بچائي سگهيو آهي، پر هتي جو سسٽم ايئن ٿو هلي ته رشوت ٽوڙ کاتو ئي رشوت ۾ ملوث آهي ته پوءِ ڇو نه تباهي ايندي ٻيلن جي ۽ مختلف پکين جي نسلن جي.
ڳوٺ ته هٿيارن جي آوازن سبب پکين جي چين چين، چون چان، ڪو ڪو، ڪان ڪان ۽ گهو گهو کان خالي ٿي ويا آهن، پر بس جي پکين جو ٿورو گهڻو نسل آهي ته اهو به اتي جتي ٺڪائن جي ٺا ٺا ناهي يا جتي آدم جي اچ وڃ ناهي يا وري وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مناسبت سان مختلف پکي نظر اچن ٿا. ڇو ته پکين جو به هڪ وڏو ڪاروبار ٿيندو آهي شهرن ۾ يا وري مختلف چوراهن تي ڪبوتر نظر ايندا آهن جيڪي به ماڻهن جي ڪاروبار ۽ آمدني جو وسيلو آهن. ڇو ته جتي جنهن چوڪ تي ڪبوتر هوندا آهن اتي انهن جي لاءِ داڻي وارا به هوندا آهن جيڪي داڻو وڪڻي پنهنجو پيٽ گذر ڪندا آهن يا وري ڳوٺن ۾ ڪي شوقين ڪبوتر شوق منجهان پاليندا آهن نه ته باقي ڪوئل جي ڪوڪ ۽ مورن جو ٽهوڪو ورلي ڪو ڪٿان ٻڌبو آهي.
اڳ ڳوٺن جي زمينن ۽ قبرستانن منجھ کٻڙ جا وڻ جام ٿيندا هئا جتي اڪثر ڪري تتر پنهنجي رهائش رکندو هو ته وري ٻوليون به ڪندو هو، پر هاڻي ته زرعي زمينن منجهان وڻن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قبرستانن منجھ به تترن جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته ماڻهو هاڻ قبرستانن جو ڪو احترام ئي ڪونه ٿا ڪن، جنهن ڪري تترن جو نسل به تباهي جي ڪناري تي پهتو آهي. ٻيو ته جهڙيءَ ريت هتي قبيلائي ويڙهاند مستقل بنيادن تي هلندي ٿي رهي، تهڙيءَ ريت ئي تترن کي به اهي خوني انسان ختم ڪري رهيا آهن. ها بس تتر به وڃي شوقينن جي پڃرن جي سونهن تائين محدود ٿي ويا آهن، پر افسوس جو انهن جي تحفظ ۽ بچاءُ خاطر ڪابه تنظيم ڪو تحرڪ وٺي نه سگهي آهي. جڏهن ته سرڪار سان گڏ سماجي تنظيمن جو اهو به ڪم آهي ته هو ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري پکين جي نسلن جي بقا ۽ واڌ لاءِ ڪو متحرڪ ڪردار ادا ڪن.
تتر مور ڳيرا آيون ڪين آڙيون،
بندوقن سان شڪاري ويٺا هن تاڙيون.
نه ڪونجن ڪرلاءُ نه ڪٻر ڪهاڻيون،
بلبليون بزم مان ان پر هن اڏاڻيون،
ڪبوتر ڪانويلا اڄ نه سي آکاڻيون،
سهڻي هن سنڌ ۾ پکين جون پڇاڙيون،
ڍنڍن مٿي روئن مٿو پٽي مهاڻيون،
ڪنهن ٻڌيون ڪينڪي الا روڄ راڙيون،
وڻن ۾ روز واڍي ويتر وتن ساڙيون،
ڏجن کين اماڙيون، جن پکي ماريا مهر چئي.
ناظم جوکيو کي آخر ڇو شهيد ڪيو ويو هو، بس هن جو ڏوهه اهو هو ته هن ظالم شڪارين ۽ شڪارين جي ساٿارين سان مهاڏو اٽڪايو هو ۽ هڪ طرح سان بغاوت ڪئي هئي. انقلاب خاطر آواز اٿاريو هو ته ايئن بيگناهه پکين جو شڪار ڪري سنڌ جي سونهن کي تباهه نه ڪيو. ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ هن وقت پکين جي تحفظ خاطر سنڌ سرڪار ڪوبه قدم نه کڻي رهي آهي ۽ نه وري ڪي سياسي، سماجي يا قوم پرست ڌريون اهڙي انياءَ تي ڪو آواز بلند ڪري رهيون آهن. جڏهن ته اڪثر ملڪن منجھ ايئن شڪار ڪرڻ تي وڏيون وڏيون سزائون ڏنيون وينديون آهن. ڪاش هتي سنڌ ۾ به اهڙو ڪو سخت قانون هجي ته پکين جي نسل ڪشي جو خاتمو اچي وڃي.
شڪاري ته صرف ۽ خاص ڪري انهن ئي پکين جو شڪار ڪندا آهن جيڪي حلال هوندا آهن. ڇو ته هو اهڙن پکين جو شڪار ڪري کين بازار ۾ وڪرو ڪندا آهن ته جيئن ڪجھ پئسا ڪمائي سگهجن، پر ان وقت هو اهو ناهن سوچيندا ته انهيءَ وقت بندوق جي ٺڪائن ۽ ڇرين جو اثر انهن پکين تي سڌو سنئون پوندو آهي جيڪي ڀل حلال ناهن هوندا، پر اهي ڇرڪ اچڻ سبب اهو علائقو ئي ڇڏي هليا ويندا آهن يا زخمي ٿي يا وري ٿڏي تي مري ويندا آهن ۽ اهڙن حلال پکين کي ماري وڪرو ڪرڻ جو ڪڌو ڪاروبار به عروج تي آهي ۽ اهڙي شڪار جو علم حد جي پوليس کي به هوندو آهي، پر پوءِ به پوليس ڪا قانوني ڪارروائي نه ڪندي آهي. جڏهن ته ضلعي جي ڊي سي صاحبن کي اهو اختيار حاصل آهي ته هو پنهنجي ضلعي ۾ موجود ڍنڍن ۽ ڍورن جي نظرداري ڪري ۽ اتي موجود ڏيهي ۽ مهمان ٿي آيل پکين جي واهر خاطر ڪي جوڳا اپاءُ وٺن ۽ ڏوهارين کي قانون جي ڪوڙڪيءَ ۾ قيد ڪن ته جيئن پکين کي انهن جي دشمنن کان پناهه ملي سگهي.
***