نامياري ليکڪ ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ پاران لکيل ڪتاب “سنڌيڪا سنڌي گرامر” سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو آھي. ھن ڪتاب اندر محقق لکي ٿو ته: “افسوس اھو آھي جو موجوده دور اسان جي تعليمي ادارن ۾ گرامر تي گھٽ ڌيان ڏنو وڃي ٿو. اھوئي سبب آھي جو اڄ اسان جو نوجوان پنھنجي پياري زبان جي لکڻ پڙھڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ غلطي ڪري ٿو، جيڪو اسان جي ٻوليءَ لاءِ ھاڃيڪار آھي. ان لاءِ ضروري آھي ته شاگردن کي گرامر جي صحيح ڄاڻ ڏني وڃي. ان ڪري مون سمجهاڻين سان ئي گرامر تاليف ڪيو آھي.”
ھڪ استاد، عالم ۽ اديب جو اھو فرض آھي ته ھو جيڪو پڙھي ٿو، سمجهي ٿو ۽ پرکي ٿو ته ان جي ڄاڻ نوجوانن تائين پھچائي، پر شرط اھو ته اھا ڄاڻ درست ھجي. ڇاڪاڻ ته ڪيترائي پڙھندڙ نالي جي مشھوري سبب به ڪتاب پڙھندا آھن، پوءِ ڪڏھن ڪڏھن مونجهارن سبب مايوس ٿيندا آھن. دادا سنڌي بنيادي طور تي ھڪ ناميارو تاريخدان آھي سندس تاريخ لاءِ ڪم انتھائي شاندار آھي، پر اھا خبر اڄ پئي ته پاڻ ماھر لسانيات به ھو، جيڪا پڻ خوشيءَ جي ڳالهه آھي. پاڻ پھريون ڪتاب سنڌي گرامر تي لکيائين، جيڪو سنڌيڪا پاران “سنڌيڪا سنڌي گرامر” نالي سان ڇپيو. جنھن کي غلام علي الانا صاحب پڻ پنھنجي نظر مان ڪڍيو آھي ۽ پاڻ سندس ان عمل تي وڏي خوشي جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته: “ھن ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ اھو مڃڻو پوندو ته دادا سنڌي نه فقط “افسانوي ادب” ۽ “تاريخ جو دادا” آھي، پر لسانيات جھڙي مشڪل ۽ اوکي مضمون ۾ به ھو سٺي ڄاڻ رکي ٿو. دادا سنڌي صاحب وياڪرڻ جي اصول ۽ قاعدن قانون جو به وڏو ڄاڻو آھي.” ھن ڪتاب اندر سنڌي وياڪرڻ موجب ڳالھائڻ جو اٺن قسمن تي تفصيلي طور تي ڳالھايو ويو آھي. جنھن ۾ مختلف ھنڌن تي علمي مثال ۽ سمجهاڻيون به موجود آھن. گرامر جي قاعدن، قانونن ۽ اصولن تي مشتمل ھن ڪتاب اندر فعل جو ھڪ قسم اھڙو به نظر آيو، جنھن ٿورو منجهائي وڌو. اھو فعل جو قسم “فعل لازمي” آھي.
سنڌي وياڪرڻي اصولن موجب فعل جا ٻه قسم ٿيندا آھن، اھي آھن:
1. فعل لازمي 2. فعل متعدي (الانا ص 135)
فعل لازمي
وصف
“لازمي جي معنيٰ آهي ٺھرايل حد تي قائم رھڻ، اھڙو فعل جنھن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري، پر ان جو اثر ٻئي تي نه پوي يعني ھن ۾ فاعل سان گڏ مفعول ناھي ھوندو.” (دادا سنڌي).
“فعل جو ھي اھو قسم آھي جنھن ۾ فعل سان فول فاعل ھوندو آھي، يعني فعل لازمي ۾ ڪو به مفعول نه ھوندو آھي.” (الانا ص 135).
مطلب ته فعل لازمي، فعل جو اھو قسم آھي جنھن ۾ صرف فعل جو واسطو فاعل سان ئي ھوندو آھي، مفعول جو ڪوبه جملي سان واسطو ناھي ھوندو. مثال: مان اسڪول وڃان ٿو، مان ھلان ٿو،
فعل متعدي
وصف
متعدي جي معنى آهي لنگهي ٻئي تائين ويندڙ، اهڙو فعل جنهن ۾ فاعل پاڻ ڪم ڪري، پر ان جو اثر ٻئي تي به پوي. يعني هن فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي ڄاتل ۽ سڃاتل هوندا آهن (دادا ص 57).
اُھي فعل، جن سان جملن ۾ مفعول به شامل ھجن، اھڙن فعلن کي فعل متعدي چئبو آھي.
مثال طور:
1. مان خط لکان ٿو
2. اسان خط پڙھون ٿا (الانا 136).
انھن ٻنھي وصفن کي مد نظر رکي اھو چئي سگھجي تو ته فعل متعدي فعل جو اھو قسم آھي، جنھن ۾ فعل جو تعلق فاعل ۽ مفعول ٻنھي سان ھجي.
مثال طور: اسان گانا ڳايون ٿا، توھان ماني کائو ٿا.
دادا سنڌيءَ پاران پنھنجي ڪتاب فعل جي قسم “فعل لازمي” بابت مثال ڪجهه ھن ريت ڏنا آھن، جنھن ۾ پھريون مثال آھي ته:
“اشفاق ڳائي ٿو”
دادا سنڌي مطابق ته “اشفاق ڳائي ٿو” ھڪ اھڙو جملو آھي، جنھن ۾ فعل ۽ فاعل ته آھي، پر مفعول ناھي، جنھنڪري اھو جملو فعل لازمي ۾ شمار ٿئي ٿو. ڇا واقعي! اھو جملو فعل لازمي ۾ اچي ٿو يا ڪنھن ٻئي فعل جي قسم ۾؟ اچو ته ھڪ ننڍڙي سولي چارٽ ذريعي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
فعل…! کان سوال پڇو.
ڪير/ڪنھن…؟ فاعل
ڇا…؟ مفعول
اشفاق ڳائي ٿو.
“ڳائي ٿو” فعل کان پڇون ٿا ته ڪير ڳائي ٿو؟
فعل چوي ٿو ته: اشفاق…! مطلب فاعل
ھاڻ فاعل کان پڇبو ته…! ڇا؟
ھاڻ اتي امڪاني طور تي جواب ملندو.
گانو، حمد، نعت، سھرو مطلب ته ڪجهه به ڳائي ٿو.
يعني ان ۾ امڪاني طور تي مفعول موجود آھي، پر غير واضح آھي.
اسان مٿئين جملي کي سولي نموني سمجهڻ کانپوءِ اھو چئي سگهون ٿا ته اھو جملو فعل لازميءَ جي اصولن تي پورو ناھي، پر فعل متعدي جي اصولن ۾ اچي ٿو، جنھن ۾ فعل، فاعل ۽ مفعول ٽنھي جو تعلق ملي ٿو. فعل لازمي جي درست مثالن کي سمجهڻ لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڪتاب “سنڌي ٻوليءَ جي تشريحي گرامر ” مان ھڪ جملو کڻي سمجهون ٿا.
“اسين ڊوڙون ٿا”. (الانا ص 135)
ھن جملي کي سمجهڻ لاءِ اسان وري ساڳيو مٿئين فارمولي/اصول تحت جائزو وٺون ٿا.
فعل..! ان کان سوال پڇو.
ڪير/ ڪنھن… فاعل
ڇا… مفعول
“اسين ڊوڙون ٿا”
ڊوڙون ٿا (فعل) ڪير؟
اسين…! فاعل
ڇا ٿا ڊوڙون؟
ڪو جواب ئي نٿو ملي. يعني مفعول جو ڪو امڪان ئي ناھي ته ڪو مفعول به ھن جملي ۾ آھي، پوءِ ھاڻ اھو چئي سگھجي ٿو ته ھي جملو فعل لازمي جي زمري ۾ اچي ٿو يعني ھن ۾ صرف فعل ۽ فاعل جو پاڻ ۾ تعلق آھي. ڪنھن به مفعول جو پري تائين واسطو ناھي.
اھڙي طرح ھن ڪتاب ۾ فعل لازميءَ کي سمجھڻ لاءِ ٻه ٻيا به جملا ڏنل آھن
اياز کائي ٿو.
فھميدہ ڌوئي ٿي.
مٿي ڄاڻايل ٻئي جملا پڻ غلط آھن. (ڇاڪاڻ ته ٻنھي ۾ مفعول غير واضح طور تي موجود آھي) جن کي ڄاڻايل فارمولي تحت حل ڪري اصل مقصد تي پھچي سگھون ٿا.
فعل لازمي بابت ھيٺ ڪجهه درست جملا پيش ڪريان ٿو جيڪي پڻ اوھان علمي بنياد تي پڙھي ۽ پرکي سگھو ٿا.
ڇوڪري وڃي ٿي
ڇوڪرا ڊوڙن ٿا
ڪتو روڊ تي ڊوڙي ٿو
شاھد پينگھي ۾ لڏي ٿو
ھن پوري بحث جو حاصل مقصد ته دادا سنڌي جھڙو ناميارو تاريخدان ليکڪ جنھن لسانيات جھڙي موضوع تي گرامر جھڙو پيچيده ڪتاب ته لکيو آھي، پر گرامر جي بنيادي اصولن، قانونن ۽ قاعدن کي نظر انداز ڪيو اٿس.
سندس ان نظر انداز ڪيل گرامر جي قاعدن قانون ۽ اصولن جو نقصان اھو ٿيو ته دادا سنڌي پاران پورو فعل لازمي مثالن سان غلط سمجھائي ويو آھي، فعل لازمي ۾ فعل متعدي جا مثال ڏنا ويا آھن. جڏھن ته فعل لازمي جو ھڪ به درست مثال ڏئي ناھي سگهيو. ٻيو ته اسان جھڙا پڙھندڙ جيڪي گرامر جي بنيادي اصولن کان واقف ناھن، اھي گمراھي طرف وڃن ٿا. جڏھن اھي گمراھه ٿيا ته ٻيا ڪيترائي شاگرد ان رستي تي اچي ويندا. تنھنڪري ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته گرامر جي ڪتابن اندر اھڙين بنيادي غلطين جي اصلاح ڪري ان کي درست ڪيو وڃي ته جيئن اسان جھڙا شاگرد مونجھارن کان بچي سگھن.
حوالا:
سنڌي، دادا (2010) سنڌيڪا سنڌي گرامر- سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
الانا غلام علي، ڊاڪٽر (2010) سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر- سنڌ لينگويج اٿارٽي حيدرآباد.
جوکيو، الطاف حسين (2012) “فعل لازمي ۽ متعديءَ” جو انتھائي مختصر اڀياس، سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل، ايڊيٽر: فھميده حسين، ج (5)، ش (3) ص: 41- 77، حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
***