بلاگنئون

مصور ڪٿا- فاروق چانڊيو

دادو ضلعي کان لڳ ڀڳ 40 ڪلو ميٽر جي فاصلي ۽ ميھڙ، خيرپور ناٿن شاهه کان 15 کان 16 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي واقع هڪ تاريخي شھر سيتا روڊ جنھن کي رحماني ننگر جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو.
سيتا روڊ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ ھڪ خاص اھميت حاصل ھئي، جنھن جي گمنام تاريخ ۾ ڪيترن ئي ھيرن ۽ موتين جھڙي شخصيتن جو جنم ٿيندو آيو آھي، جنھن ۾ تعليمدان، شاعر، اديب مصور، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر وڏي تعداد ۾ شمار ٿين ٿا.
سيتا روڊ جي انھن ھيرن ۽ موتين واري خزاني جي کوجنا مان ھڪ ھيري ۽ موتي جهڙو ماڻهو فاروق چانڊيو جي صورت ۾ به نظر اچي ٿو، جيڪو پيشي جي لحاظ کان مصور (تخليق ڪار) آھي، فاروق چانڊيو (عرف خان راھي) ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو ۾ عبدالرزاق چانڊيو جي گھر مئي 1982ع ۾ جنم ورتو، سندس والد محترم صحت جي شعبي سان لاڳاپيل رھيو، فاروق چانڊيو پرائمري تعليم ميمڻ محلي اسڪول سيتا روڊ مان حاصل ڪئي. آرٽ جي شروعات پنجين درجي ۾ ڪارٽون ٺاھڻ واري شوق سان ڪئي، فاروق چانڊيو ان شوق جو پورائو ڪرڻ ۾ مصروف رھڻ لڳو ۽ مختلف ڪارٽون ڪردارن جي ڊرائنگ ڪرڻ لڳو، هن ڇھين کان اٺين درجي تائين تعليم رحماني نگر جي پرائيويٽ اسڪول سر شفيق پبلڪ اسڪول مان حاصل ڪئي.
90ع واري ڏھاڪي کان بعد وارو دور فلمي دنيا جي صنعت جو عروج وارو دور ھوندو ھو، ھن دور ۾ فلمي صنعت ترقيءَ طرف قدم وڌائي چڪي ھئي سماج جو ھر فرد ئي ڪنھن نه ڪنھن فلمي ڪردار، ڊائيلاگ يا گاني مان متاثر ٿي ان کي پنھنجي عملي زندگي ۾ اختيار ڪرڻ تي فخر محسوس ڪندو ھو، پر فاروق چانڊيو ڪنھن فلمي ڪردار ۽ ڊائيلاگ کان متاثر ٿيڻ بجاءِ فلمي پوسٽرن ۽ پوسٽ ڪارڊن مان متاثر ٿيو، جنھن سبب هن ڪارٽون ٺاھڻ مان فلمي پوسٽرن جي ڊرائنگ طرف توجهه ڏنو، پڙھائي ڪرڻ سان گڏوگڏ پنھنجي شوق جي پورائي ڪرڻ ۾ ايترو ته مگن رھيو جو فري ھينڊ ۽ گراف سان ٺاھيندڙ فلمي ڪردارن کي پنھنجي مھارتن جو رنگ ڍنگ ڏيڻ لڳو جيڪو فاروق چانڊيو جي حوصلا افزائي جو سبب بڻيو.
فلمي پوسٽرن جي ڊرائنگ ۾ پذيرائي ملڻ سبب فاروق چانڊيو ان وقت جي نامياري ڪمرشل پينٽر نثار احمد ٻگھيو جي شاگردي ۾ آيو ۽ ان جي پينٽر دڪان تي لکائي ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لڳو. ٻن مھينن جي انھيءَ جدوجھد دوران فاروق چانڊيو کي پينٽنگ سکڻ جي خواھش جاڳي جنھن جي تڪميل لاءِ ھو پنھنجي استاد نثار احمد ٻگھيو جي مشوري سان سيتا روڊ کان 20 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ننڍڙي ڳوٺ پاٽ شريف جي نامياري ڪمرشل استاد ۽ مصور عزيز الله سومرو ۽ ان جي ڀاڻيجي استاد سليم سومرو جي شاگردي ۾ آيو جن کان مصوري جي بنيادي تربيت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. فاروق چانڊيو لاءِ استاد عزيز الله جي شاگردي حاصل ڪرڻ ھڪ ڏکيو مرحلو رھيو. بي خبر مسلسل ٻه مھينا ڪرائي واري سائيڪل تي چڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي شاگرد ٿيڻ ۾ ڪامياب رھيو ۽ ڪرائي واري سائيڪل تي اچڻ وڃڻ وارو سفر جاري رکيو، انھيءَ دوران فاروق چانڊيو پنھنجي استاد عزيز الله سومرو کان پينٽنگ ۽ ڊرائنگ ۾ گهڻو ڪجهه سکيو ۽ استاد سان گڏجي ڪم ڪندو رھيو ۽ پوءِ استاد جي اعتماد ۽ حوصلا افزائي سبب 1998ع ۾ سيتا روڊ ۾ پنھنجو ڪمرشل پينٽر جو دڪان کوليو، بطور ڪمرشل پينٽر فاروق چانڊيو ڪم شروع ڪيو، ڀتين تي لکائي، ٽريڪٽرن جي ٽرالين، ٿريشرن، ٽرڪن ۽ سائن بورڊن وارو ڪم ڪيو ۽ پنھنجي تخليقي مهارت سان خوبصورتيءَ جا نظارا ھر ڏسڻ واري اک تائين پھچائيندو رھيو، جيڪو آسپاس جي علائقن ۾ (خان) جي نالي سان مشھوريءَ جو سبب بڻيو. 2001ع ۾ فاروق چانڊيو ٻارھون درجو پاس ڪري سکر شھر جو رخ ڪيو.
سکر اچڻ جو سبب ڳوٺ ۾ ڪيل عشق ۾ ناڪامي ۽ نشي پتي واري سنگت ھئي جنھن کان فاروق چانڊيو بيزار ٿيو ان بيزاريءَ کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ ۽ نشي پتي ۾ ضايع ٿيڻ کان بچڻ لاءِ سکر جي هڪ پينٽر ۽ مصور غضنفر راھي ۽ حفيظ راهي جي شاگرديءَ ۾ آيو جتي استادن سان گڏجي 2001ع کان 2004ع تائين دڪان تي ڪم ڪيو جنهن ۾ سئنيما جا وڏا وڏا پوسٽر، سائن بورڊ، بينر ۽ وال چاڪنگ ڪئي. جنھن سبب پنھنجي (خان) واري لقب ۾ راھي جو اضافو ڪيو ۽ (خان راھي) لقب سڏائڻ لڳو جيڪو فاروق چانڊيو ۽ راھي استادن لاءِ اعزاز ھو.
سئنيما جو ڪم ڪرڻ دوران فاروق چانڊيو کي پنھنجي تخليقي صلاحيت ۾ ڪجھ ڪمي محسوس ٿي جنھن کي ختم ڪرڻ لاءِ ھو 2004 ۾ سنڌ يونيورسٽي جامشورو پھتو، جتي فائن آرٽ شعبي ۾ داخلا حاصل ڪئي. يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنھنجي استادن نجيب الله راشدي ۽ محمد علي ڀٽي کان گر سکيا ۽ ڪم ۾ مھارت حاصل ڪئي. نجيب الله راشدي کان ڊرائنگ ۽ محمد علي ڀٽي کان پينٽنگ ۽ آرٽ جي تاريخ ۾ معلومات حاصل ڪندو رھيو، ان سان گڏوگڏ جديد طور طريقن جي سکيا به حاصل ڪندو رھيو. ڄامشورو جي ھوائن ۾ پٿريلي پيچرن تي آرٽس فيڪلٽيءَ کان ھاسٽل جا ڪڏھن بک تي ته ڪڏھن ڍئو تي پنڌ ڪندي عشق معشوقي جا قصا ٻڌندي ٻڌائيندي، 2007ع ۾ فائن آرٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. فاروق چانڊيو پنھنجي فائن آرٽ بيچلر ٿيسز پنھنجي پاڻ تي ڪئي جنھن جو عنوان (مي ۽ مائي سيلف) ھو، جنھن ۾ ھن زندگيءَ ۽ تعليمي حقيقتن کي ريئلسٽڪ انداز ۽ مھارتن سان پينٽ ڪيو، جنھن مان آرٽ جي تاريخ ۽ استاد الله بخش سميت ڪيراويجيو جي ڪم مان متاثر ٿيڻ وارو عڪس به نظر آيو. 2008ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ پورٽ قاسم ڪراچي جي ھڪ اسڪول ۾ بطور آرٽ ٽيچر ڪم ڪيو ۽ پنھنجو آرٽ جو ڪم به ڪندو رھيو ڪم ڪرڻ کانپوءِ آرٽ مارڪيٽ جي پسمنظر کي ڏسندي پنھنجي تجربي ۽ طريقيڪار کي وڌيڪ جديد ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ پنھنجي استاد نجيب الله راشدي جي حوصلا افزائي ۽ سھڪار سان 2009ع ۾ لاھور جي نيشنل ڪاليج آف آرٽ ۾ فريسڪو پينٽنگ ۾ ڊپلوما حاصل ڪئي جنھن ۾ فريسڪو پينٽنگ جي جديد طور طريقن جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ محنت، لگن سان نيري رنگ جي فريسڪو سان تصويرون ۽ ٻيا نمونا ٺاھي پاڻ کي مڃرايو. فريسڪو پينٽنگ ۾ ڊپلوما ڪرڻ کانپوءِ 2010 ۾ انٽيڪيوٽي ڊپارٽمينٽ سنڌ گورنمينٽ ۾ بطور فريسڪو ٽرينر ڪم ڪيو. 2011ع ۾ فاروق چانڊيو ٻيھر آرٽ ٽيچنگ سان وابسته ٿيو ۽ 2013ع جي آخر ۾ مٽروپوليٽن اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ بطور آرٽ ٽيچر خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. 2012ع ۾ انڊس ويلي اسڪول آف آرٽس ڪراچيءَ ۾ ڊپلوما ڪلاسن لاءِ بطور آرٽ انسٽريڪٽر ڪم به ڪيو. 2014ع ۾ گوادر پبلڪ اسڪول گوادر بلوچستان ۾ بطور ليڪچرار منتخب ٿيو، جتي 2023ع تائين آرٽ ۽ ڪرافٽ ذريعي ايندڙ نسلن کي تخيلقي بنائڻ لاءِ ڪاوشن ۾ مصروف رھيو. انھيءَ عرصي دوران پنھنجي آرٽ تعليم ۽ ٽيچنگ جي جي ڪم ۾ جدت آڻڻ جي جستجو به ڪندو رھيو. انھي جستجو ۾ 2017ع ۾ لاھور جي هڪ مشھور بيڪن ھائوس نيشنل يونيورسٽي جي ورچوئل آرٽ ۽ ڊيزائين شعبي ۾ آرٽ ايجوڪيشن ۾ ماسٽرز ۾ داخلا حاصل ڪئي جتان 2019ع ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي، جنھن ۾ هن سائنس ۽ آرٽ جي حقيقي تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سائنس جي مضمونن ۾ آرٽ جي ذريعي ڪيئن سکڻ سمجھڻ جي صلاحيتن کي تخليقي ۽ ڪارآمد بنائي مختلف ايجادون ڪري سگھجن ٿيون. فاروق چانڊيو موجوده ملڪي آرٽ منظر نامي ۾ ڪيترن ئي ملڪي مصورن مان متاثر آھي، پر اياز جوکيو جي آرٽ کان پاڻ کي گھڻو متاثر سمجهي ٿو. فاروق چانڊيو جي آرٽ ۾ پينٽر دڪانن وارا ماھراڻا، برش اسٽروڪ، آرٽ جي تاريخ ۽ ماڊرن آرٽ جا ڪيترائي عڪس نظر اچن ٿا، ائين چئون ته مختلف اسڪول آف ٿاٽس نظر اچن ٿا.
فاروق چانڊيو ڪراچي، لاھور، اسلام آباد جي نامور آرٽ گيلرين ۾ ڪيتريون ئي گروپ نمائشون ڪري چڪو آھي. گڏوگڏ غير ملڪي آرٽ گيلرين ۾ نمائش ڪري عالمي مڃتا پڻ حاصل ڪري رھيو آھي. هو مختلف ورڪشاپ ۽ پروگرام پڻ ڪرائيندو رھندو آھي. بحيثيت فريسڪو پينٽنگ ماھر هن سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مقبرن ۾ موجود فريسڪو پينٽنگ جي مسماري تي فڪرمند آھي جنھن جي جلد از جلد بحالي لاءِ ڪاوشون پڻ ڪري رھيو آھي. فاروق چانڊيو 2024 جي شروعات کان اڄڪلهه تائين ڪيڊٽ ڪاليج ڪرم پور شڪارپور ۾ بطور ليڪچرار فائن آرٽ ڪم ڪري رھيو آهي، جتي نئين نسل کي آرٽ ذريعي سائنسي مضمونن ۾ تخليقي صلاحيتون استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي رهيو آھي، جيڪو فاروق چانڊيو عرف (خان راھي) ۽ ان جي سڀني شاگردن لاءِ فخر جو سبب آھي.
***