هلندڙ مهيني آءِ ايم ايف کان سٺي خبر ملڻ جو امڪان آهي: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هلڻ مهيني ٿيڻ جو امڪان آهي. ترڪ ميڊيا جي انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي نائين جائزي جون سموريون شرطون مڪمل ڪري ورتيون آهن، اميد آهي ته هلندڙ مهيني سٺي خبر ٻڌڻ لاءِ ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪجهه قدم بورڊ جي منظوري کانپوءِ کنيا ويندا آهن، پر هن ڀيري آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کان اڳ جيڪي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو هو، اهي اسان مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستاني عوام ماضي ۾ به چئلينجن کي منهن ڏئي چڪي آهي ضرورت پئي ته آئنده به چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. شهباز شريف چيو ته اپريل 2022 ۾ ان وقت جي حڪومت طرفان آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب پاڪستان ڊيفالٽ جي ويجهو پهچي چڪو هو. تباهي آڻيندڙ ٻوڏ به پاڪستان جي پريشانين ۾ اضافو ڪيو. عالمي صورتحال سبب پاڪستان کي مهانگائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.