ڪراچي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ سبب 4 ڄڻا فوت، 50 متاثر

ڪراچي ۾ مبينا طور زهريلي گئس پکڙجڻ جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ 50 متاثر ٿيا آهن. رپورٽ مطابق ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ مبينا طور اهو واقعو پيش آيو آهي. متاثرن کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪياماڙي جي هڪ جيٽي تي سامونڊي جهاز لنگر انداز ٿيو هو جنهن مان زهريلي گئس خارج ٿيڻ سبب علائقي ۾ ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي. متاثرن مان ڪجهه ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايس پي ان واقعي ۾ هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي