خاصنئون

والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي: انتونيو گوتريس

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جو احترام ڪرڻ گهرجي. ڪشمير بابت اقوام متحده جي ٺهرائن تي عملدرآمد ضروري آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪن. مهاجرن جي هڪ وفد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ افغانستان، تاجڪستان ۽ يمن جا مهاجر شامل هئا. وفد سيڪريٽري جنرل کي سندن ملڪ اندر ٿيندڙ تشدد ۽ ظلم جو احوال ڏنو. انتونيو گوتريس چيو ته پاڪستان افغان جنگ کان متاثر 45 لک مهاجرن کي پناهه ڏني ۽ تعريف جوڳو بندوبست ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ آبي معاهدو ٿيل آهي، معاهدي جي عالمي بينڪ ضامن آهي، پاڻي هٿيار نه پر امن جو ضامن هئڻ گهرجي، نه رڳو ڪشمير پر سموري دنيا ۾ انسانيت جو احترام ڪرڻ گهرجي