اڄڪلھه دنيا ۾ ڪنھن به خوشيءَ جي موقعي تي آتشبازي ڪرڻ ھڪ عام جام رواج بڻجي چڪو آھي. شادين جا موقعا ھجن يا نئين سال جو استقبال ڪرڻو ھجي، راندين جي افتتاحي تقريب ھجي يا مذھبي ڏڻ ھجن يا ڪنھن قسم ڪو ٻيو خوشيءَ جو موقعو ھجي، ان جو اظھار ڪرڻ لاءِ آتشبازيءَ کي ھڪ ضروري عمل سمجھيو وڃي ٿو. اھو عمل نه صرف انفرادي سطح تي ڪيو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ سرڪاري سطح تي به ھن کي اھميت ڏني وڃي ٿي. اھا آتشبازي ڪرڻ کان اڳ اھو ڪونه سوچيو وڃي ٿو ته اھا آتشبازي ماحولياتي گدلاڻ لاءِ ڪيتري ھاڃيڪار آھي؟
آتشبازيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ مواد جي تياريءَ ۾ بنيادي طور جيڪو بارود استعمال ڪيو ويندو آهي اھو گندرف، ڪاربان ۽ پوٽيشيم نائٽريٽ جو مرڪب ھوندو آھي. ان کان علاوه جيڪي رنگ استعمال ڪيا ويندا آھن، انھن ۾ خطرناڪ قسم جي ڌاتن جي آميزش ھوندي آھي. انھن ڌاتن ۾ اسٽرانشيم، سوڊيم، بيريم، ڪاپر، ميگنيشيم ۽ ٻيا ڌاتو شامل آھن. جڏھن آتشبازيءَ واري مواد کي باهه ڏني ويندي آھي ته اھي ڌاتو ۽ ڪيميڪل ھوا ۾ سڙي غائب نه ٿيندا آھن، پر ھوا سان ملي ھڪ ڪيميائي عمل مان گذرندا آھن، جنھن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مرڪب جيڪي اسان کي نظر نه ايندا آھن. ماحول تي تمام گھڻي خراب نموني سان اثر انداز ٿيندا آهن. آتشبازيءَ کي تفريح سمجھڻ کان اڳ اسان کي اھو سوچڻ گھرجي ته جيڪا شيءِ مٿي ويندي آھي اھا ڌرتيءَ ڏانھن واپس به موٽندي آھي.
آتشبازيءَ جو عارضي مزو، ماحول لاءِ گدلاڻ جو باعث بڻجندڙ ڪيتريون ئي گئسون خارج ڪري ٿو جيڪي هوا جي معيار کي متاثر ڪن ٿيون ۽ موسمياتي تبديليءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. انھن خطرناڪ گيسن ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ، نائيٽروجن آڪسائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ننڍڙا سخت ذرڙا شامل آهن، جيڪي نه صرف ڌرتي ۽ پاڻيءَ جي ذخيرن کي گدلو ڪن ٿا ان سان گڏ سموگ پيدا ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. آتشبازيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيميائي جزن جو اثر ھوا ۾ جلد ختم نه ٿيندو آھي، پر ھنن جو خراب اثر ڪيترن ئي ڏينھن تائين ماحول ۾ موجود رھندو آھي. گيسن کان علاوه آتشبازي گند ڪچري جي پيداوار ۾ پڻ اضافو ڪري ٿي جنھن ۾ ڦٽاڪن جا خول مائيڪرو پلاسٽڪس ۽ ڪاغذ شامل آھن. ان کان علاوه ڦٽاڪن جا خول جڏھن واپس زمين جي طرف ايندا آھن ته انھن جي تيز رفتاري ۽ انتھائي گرم ھجڻ ڪري خطرناڪ حادثن، جن ۾ باھ لڳڻ ۽ انسان ۽ جانورن جي سڙڻ جھڙن واقعن جي رونما ٿيڻ جو خطرو پڻ موجود ھوندو آھي.
آتشبازيءَ جو ماحول تي ھڪ ٻيو خراب اثر پڻ پوندو آھي جنھن کي آواز جي گدلاڻ چيو ويندو آھي. اھي ڌماڪا بزرگن، ٻارن ۽ مريضن جي صحت لاءِ اڪثر انتھائي نقصانڪار ثابت ٿيندا آھن. اوچتو ٿيندڙ اھي ڌماڪا نه صرف انسان جي ٻڌڻ جي صلاحيت تي خراب اثر وجھندا آھن گڏوگڏ آرام ۾ خلل انداز ٿي نفسياتي بيمارين جو ڪارڻ بڻجندا آهن. انسانن سان گڏ پکي پکڻ ۽ ٻيا جانور پڻ ھنن ڌماڪيدار آوازن سان متاثر ٿين ٿا. پاڪستان جھڙن ترقي پذير ملڪن ۾ آتشبازيءَ جي سامان جي اسٽور ڪرڻ جو ڪوبه محفوظ طريقو استعمال نٿو ڪيو وڃي، جنھن جي ڪري انتھائي خطرناڪ حادثن جو انديشو به موجود رھي ٿو. اھي حادثا جاني ۽ مالي نقصانن جو سبب بڻجن ٿا. اھڙو ئي ھڪ واقعو ڪجھ مھينا اڳ گذريل آگسٽ جي مھيني ۾، ڪراچيءَ جي ايم اي جناح روڊ وٽ ٿيو ھو، جنھن ۾ چار انساني جانيون ضايع ٿي ويون ھيون ۽ ٽيھن کان وڌيڪ انسان زخمي ٿيا ھئا. ڪروڙين رپين جو مالي نقصان ھن کان علاوه ھو.
جيڪڏھن حڪومتون ماحولياتي گدلاڻ کي قابو ڪرڻ لاءِ سنجيده آھن ته انھن کي آتشبازيءَ تي پابنديءَ لاءِ قانونسازي ڪرڻي پوندي. عوام کي به ماحول کي بھتر بنائڻ لاءِ، خوشيون ملهائڻ جا اھڙا متبادل طريقا ڳولهڻا پوندا جن جو ماحول تي خراب اثر نه پئي. ھنن طريقن ۾ گھرن ۽ بلڊنگن وغيرہ تي رنگين روشنين جو استعمال، ڊرون لائيٽ شوز، ببل شوز، ليزر شوز وغيره شامل آھن.