اسپتالن جي اڇي رنگ جي عمارتن ۽ اڇي ڪوٽ جي پويان، اڪثر ڪري ڪارا سچ لڪل هوندا آهن جن کان عام مريض ۽ انهن جي گهر وارن کي خبر ناهي. هونئن ته سنڌ جي هر اسپتال جو ساڳيو حشر آهي جنهن تي لکندي ڪيترائي نسل ختم ٿي ويا آهن، پر ڪو کڙ تيل نٿو نڪري، آخر شڪايت ڪنهن کي ڏجي. هڪ اسپتال جو قصو پڙهڻ لاءِ مليو ته هڪ عورت جو مشهور ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ آپريشن ٿيو ان بعد ڪوبه ڊيوٽي ڊاڪٽر مريض وٽ نه آيو. تڪليف دوران موجود ڪمپائونڊر هڪ انجيڪشن لکي ڏيندا رهيا آپريشن کان اڳ ۽ پوءِ اسپتال انتظاميا جو عجب رويو ڏٺو ويو. A/C ڪمري جي چارج 8700 رپيا ورتي وئي، ڪمري جو ٽيمپريچر اهو هو ته ان کان بهتر ڪمرو نان A/C هجي ها هر ٻن ڪلاڪن بعد A/C بند رکي وئي. عملي جا بااخلاق جملا سائين چانهه پياريو. مريض کي OT وٺي وڃڻ تي چانهه، واپس آڻڻ تي چانهه، آپريشن ٿي ويو ان جي چانهه، ڊاڪٽرياڻي جي ماسيءَ جي چانهه، ڪمپائونڊر جي چانهه، سوئيپر جي چانهه، چوڪيدار جي چانهه، اسپتال انتظاميه جون خرچي سهولتون فراهم ڪرڻ، ميڊيسن جي آرڊر جي خرچي، ڪمري جي صفائي جي خرچي، مريض جي ملم پٽي جي خرچي، اوهان جي هٿ ۾ چانهه، ماني، فروٽ يا ٻيو ڪجھه کائڻ جو سامان هوندو ته در کڙڪائي ان مان گُھر ڪندا آھن. بهرحال اسپتال جو حيران ڪندڙ ماحول ڏسي ڏندين آڱريون اچي ويون. ان کان علاوه ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به آهن جيڪي ڊاڪٽر هڪ ٻئي کي چوندا آهن، پر توهان کي ڪڏهن به نه چوندا. هتي اهي اسپتالن بابت 15 تلخ ۽ ڳجهيون حقيقتون ظاهر ڪريون ٿا.