خدا جي وجود تي جاويد اختر ۽ مفتي شمائل جو ڪيل فڪري مناظرو
اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ھر طرف يوٽيوب تي ھلندڙ ھڪ پروگرام The Lallantop Show جي تازو نشر ٿيندڙ پوڊ ڪاسٽ جو چوٻول آھي ۽ اھو پروگرام دراصل ھڪ انوکي، علمي ۽ فڪري مناظري تي مشتمل ھو، جنهن جو موضوع هو: “ڇا خدا وجود رکي ٿو؟” ۽ اھو دراصل هڪ اهڙو سوال آھي، جنهن تي صدين کان فلاسافي، نظرياتي سوچ، سائنس ۽ مذهبي عقيدن ۾ بحث ٿيندو رهيو آهي. هي مناظرو انڊيا جي مشهور شاعر ۽ فڪر پسند ليکڪ جاويد اختر ۽ مشهور نوجوان عالم مفتي شمائل احمد ندوي جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ دليل پيش ڪيا ۽The Lallantop جو اھو شو ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ سوچ ۽ بحث جا نوان دروازا کولڻ وارو پڻ ثابت ٿيو. پروگرام جي اها بحث مباحثي واري نشست رڳو ٻن فردن جي وچ ۾ دليلن جو مقابلو نه هئي، پر صدين کان جاري انساني جاکوڙ جو عڪس پڻ هئي. بحث جو موضوع هڪ اهڙو سوال ھو جيڪو ھميشه کان انسان جي فطرت، عقل، ۽ روح جي اڻپوري خواهش سان جُڙيل رهيو آهي.
خدا، هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو انسانن جي لاءِ معنيٰ، ترتيب، اخلاقي حڪم ۽ اميد جو سرچشمو رهيو آهي. مختلف مذهبن ۾ خدا کي رب، الله، ايشور يا گاڊ سڏيو ويو آهي، پر بنيادي فڪر اهو آهي ته ڪا هڪ اعليٰ طاقت ضرور آهي، جنھن ڪائنات کي وجود ۾ آندو، ان کي سنڀالي ٿي ۽ دنيا جو چرخو پڻ هلائي ٿي. خدا جي باري ۾ ڄاڻڻ جي جستجو اڄڪلهه جي نه، پر صديون پراڻي آھي! خدا جي ڄاڻ انسان لاءِ صرف مذهبي مسئلو نه، پر هڪ وجودي (existential) سوال پڻ آهي. دنيا ۾ صدين کان فلاسافر، صوفي، سائنسدان، شاعر ۽ عام ماڻهن سڀني ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن سوال جو جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سقراط کان وٺي ابن رشد، مولانا روم کان وٺي نيوٽن ۽ آئن اسٽائن کان وٺي اسٽيفن ھاڪنگ تائين سڀني ان ڏس ۾ غور ۽ فڪر ڪيو آهي ته ڇا ڪائنات خودڪار طريقي سان وجود ۾ آئي يا ان جي پويان ڪا حڪمت ۽ طاقت موجود آهي؟ اھڙن ئي سوالن کي وٺي تازو للن ٽاپ جي پروگرام ۾ بحث ڪيو ويو جيڪو اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي به بحث جو موضوع بڻيل آھي. پروگرام جو پھريون مھمان جاويد اختر ڀارت جو معروف شاعر، نغمه نگار ۽ ليکڪ آهي، جنھن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن ۾ هميشه عقلي سوچ، تنقيد ۽ حقيقت پسندي کي ترجيح ڏني آهي. هن ھميشه پاڻ کي صرف ثقافتي مسلمان سڏرايو آھي ۽ ڪجهه سالن کان وٺي پاڻ کي زور شور سان هڪ ايٿيسٽ (ملحد) طور به ظاهر ڪيو آهي ۽ ھميشه مذهبي عقيدن ۽ روايتن تي تنقيد ڪرڻ ۾ به اڳ ڀرو رھيو آھي! ٻئي طرف مفتي شمائل احمد عبدالله ندوي هڪ نوجوان اسلامي عالم، مقرر، قرآن، حديث، عقلي دليل، اسلامي فلسفي ۽ درس و تدريس جي ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو. حيرت جي ڳالهه اھا آھي ته انڊيا جي ھڪ وڏي اسلامي عالم ۽ محدث مولانا فضل حق خير آبادي جو پوٽو جاويد اختر اڄ ھڪ ملحد طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ديندار جي گھر ھڪ ديندار پيدا ٿئي اھو ضروري ناھي!
جاويد اختر جي سوچ ۾ سوال جو بنياد عقلي تنقيد ۽ فڪري تحقيق تي مشتمل آھي هو ھر ڳالهه کي بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي نٿو مڃي! ان جي مطابق جيڪڏهن ڪو نظريو منطق، سائنس ۽ دليل ۾ مضبوط نٿو ٿئي ته پوءِ ان کي رڳو جذباتي يا روايتي بنياد تي قبول ڪرڻ ھڪ بيوقوفي آھي! ان تناظر ۾، هو مذهبي عقيدن جي باري ۾ سوال ڪري ٿو. خاص طور تي اهڙا سوال جيڪي سڀني جي مصيبتن، ڏکن ۽ انساني تڪليفن سان لاڳاپيل آهن. انهن سوالن مان هڪ وڏو سوال خدا جي وجود جي باري ۾ پڻ آھي!
مناظري جا ڪجهه اهم سوال ۽ جواب:
ڇا خدا وجود رکي ٿو يا نه؟