بلاگنئون

خدا جي وجود تي جاويد اختر ۽ مفتي شمائل جو ڪيل فڪري مناظرو

اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي ھر طرف يوٽيوب تي ھلندڙ ھڪ پروگرام The Lallantop Show جي تازو نشر ٿيندڙ پوڊ ڪاسٽ جو چوٻول آھي ۽ اھو پروگرام دراصل ھڪ انوکي، علمي ۽ فڪري مناظري تي مشتمل ھو، جنهن جو موضوع هو: “ڇا خدا وجود رکي ٿو؟” ۽ اھو دراصل هڪ اهڙو سوال آھي، جنهن تي صدين کان فلاسافي، نظرياتي سوچ، سائنس ۽ مذهبي عقيدن ۾ بحث ٿيندو رهيو آهي. هي مناظرو انڊيا جي مشهور شاعر ۽ فڪر پسند ليکڪ جاويد اختر ۽  مشهور نوجوان عالم مفتي شمائل احمد ندوي جي وچ ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي پنهنجي پنهنجي سوچ ۽ دليل پيش ڪيا ۽The Lallantop  جو اھو شو ڪيترن ئي ماڻھن لاءِ سوچ ۽ بحث جا نوان دروازا کولڻ وارو پڻ ثابت ٿيو. پروگرام جي اها بحث مباحثي واري نشست رڳو ٻن فردن جي وچ ۾ دليلن جو مقابلو نه هئي، پر صدين کان جاري انساني جاکوڙ جو عڪس پڻ هئي. بحث جو موضوع هڪ اهڙو سوال ھو جيڪو ھميشه کان انسان جي فطرت، عقل، ۽ روح جي اڻپوري خواهش سان جُڙيل رهيو آهي.

خدا، هڪ اهڙو تصور آهي جيڪو انسانن جي لاءِ معنيٰ، ترتيب، اخلاقي حڪم ۽ اميد جو سرچشمو رهيو آهي. مختلف مذهبن ۾ خدا کي رب، الله، ايشور يا گاڊ سڏيو ويو آهي، پر بنيادي فڪر اهو آهي ته ڪا هڪ اعليٰ طاقت ضرور آهي، جنھن ڪائنات کي وجود ۾ آندو، ان کي سنڀالي ٿي ۽ دنيا جو چرخو پڻ هلائي ٿي. خدا جي باري ۾ ڄاڻڻ جي جستجو اڄڪلهه جي نه، پر صديون پراڻي آھي! خدا جي ڄاڻ انسان لاءِ صرف مذهبي مسئلو نه، پر هڪ وجودي (existential) سوال پڻ آهي. دنيا ۾ صدين کان فلاسافر، صوفي، سائنسدان، شاعر ۽ عام ماڻهن سڀني ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن سوال جو جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سقراط کان وٺي ابن رشد، مولانا روم کان وٺي نيوٽن ۽ آئن اسٽائن کان وٺي اسٽيفن ھاڪنگ تائين سڀني ان ڏس ۾ غور ۽ فڪر ڪيو آهي ته ڇا ڪائنات خودڪار طريقي سان وجود ۾ آئي يا ان جي پويان ڪا حڪمت ۽ طاقت موجود آهي؟ اھڙن ئي سوالن کي وٺي تازو للن ٽاپ جي پروگرام ۾ بحث ڪيو ويو جيڪو اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي به بحث جو موضوع بڻيل آھي. پروگرام جو پھريون مھمان جاويد اختر ڀارت جو معروف شاعر، نغمه نگار ۽ ليکڪ آهي، جنھن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن ۾ هميشه عقلي سوچ، تنقيد ۽ حقيقت پسندي کي ترجيح ڏني آهي. هن ھميشه پاڻ کي صرف ثقافتي مسلمان سڏرايو آھي ۽ ڪجهه سالن کان وٺي پاڻ کي زور شور سان هڪ ايٿيسٽ (ملحد) طور به ظاهر ڪيو آهي ۽ ھميشه مذهبي عقيدن ۽ روايتن تي تنقيد ڪرڻ ۾ به اڳ ڀرو رھيو آھي! ٻئي طرف مفتي شمائل احمد عبدالله ندوي هڪ نوجوان اسلامي عالم، مقرر، قرآن، حديث، عقلي دليل، اسلامي فلسفي ۽ درس و تدريس جي ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو. حيرت جي ڳالهه اھا آھي ته انڊيا جي ھڪ وڏي اسلامي عالم ۽ محدث مولانا فضل حق خير آبادي جو پوٽو جاويد اختر اڄ ھڪ ملحد طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ديندار جي گھر ھڪ ديندار پيدا ٿئي اھو ضروري ناھي!

جاويد اختر جي سوچ ۾ سوال جو بنياد عقلي تنقيد ۽ فڪري تحقيق تي مشتمل آھي هو ھر ڳالهه کي بنا ڪنهن ٺوس ثبوت جي نٿو مڃي! ان جي مطابق جيڪڏهن ڪو نظريو منطق، سائنس ۽ دليل ۾ مضبوط نٿو ٿئي ته پوءِ ان کي رڳو جذباتي يا روايتي بنياد تي قبول ڪرڻ ھڪ بيوقوفي آھي! ان تناظر ۾، هو مذهبي عقيدن جي باري ۾ سوال ڪري ٿو. خاص طور تي اهڙا سوال جيڪي سڀني جي مصيبتن، ڏکن ۽ انساني تڪليفن سان لاڳاپيل آهن. انهن سوالن مان هڪ وڏو سوال خدا جي وجود جي باري ۾ پڻ آھي!

مناظري جا ڪجهه  اهم سوال ۽ جواب:

  1. ڇا خدا وجود رکي ٿو يا نه؟

جاويد اختر دليل ڏنو ته جيڪڏهن سڀڪو مصيبت ۾ مبتلا ماڻهو خدا جي ذات ۾ يقين رکي ٿو پوءِ به غزہ جهڙن علائقن ۾ ٻارن جي تڪليف ۽ قتل عام کي ڇا سمجهجي؟ خدا ان ظلم ۽ نا انصافي کي روڪي ڇو نٿو؟

مفتي شمائل ندوي چيو ته خدا ھر انسان کي عقل، شعور، سوچ ۽ سمجهه عطا ڪئي آھي ۽ انسان کي فيصلا ڪرڻ ۾ بلڪل آزاد ڇڏيو آھي ۽ ھاڻي اھو ان انسان تي منحصر آهي ته اھو پنهنجي لاءِ ڪھڙو رستو منتخب ڪري ٿو ۽ ان جي ڪيل فيصلن ۾ خدا جو ڪوبه عمل دخل ناھي ھوندو! پر غزا جي بيگناھن سان جيڪڏهن ناانصافي ٿي آھي ته روز قيامت جي ڏينهن انهن جي بيگناھي جو اجورو انهن کي ضرور ڏنو ويندو!

جاويد اختر چيو جيڪڏهن واقعي خدا جو وجود آھي ته اھو ھڪ دفعو ڪو ثبوت ڇو نٿو ڏي؟ جيئن ڪنهن فٽبال ميچ وغيره ۾ اچي ڪو غيبي اعلان ڪري ته مان خدا آھيان؟

مفتي جواب ڏنو ته ڪائنات جي ھر شيءِ تي جيڪڏهن غور ۽ فڪر ڪجي ته ان مان خدا جو وجود ظاھر آھي، پر جيڪڏهن توهان خدا جي وجود کي سمجهڻ نٿا چاهيو ته پوءِ ڀلا توھان ان جي وجود جي نه هجڻ جو باري ۾ ڪو ٺوس ثبوت ڏيو؟

جاويد اختر چيو آسماني ڪتابن ۾ ڀلا ڊائنوسار جو ذڪر ڇو نه آھي؟

مفتي وراڻيو جھڙي طرح ميٿ جي ڪتابن ۾ ڊائنوسار جو ذڪر نٿو ملي ساڳي طرح  آسماني ڪتابن ۾ موضوع جي مناسبت سان شيون بيان ٿيل آھن، انھيءَ ڪري ضروري ناھي ته ھر شيءِ جو ان ۾ ذڪر ڪيو وڃي.

جاويد اختر چيو جيڪڏهن ھر شيءِ جو قادر مطلق خدا آھي ته پوءِ معنيٰ دنيا ۾ ٿيندڙ ھر ظلم جبر ۽ زيادتي به ان جي مرضي جي مطابق ٿي پئي؟

مفتي شمائل جواب ڏنو جيڪڏهن ڪو ماڻهو چاقو جو غلط استعمال ڪري ٿو ڏوھ استعمال ڪندڙ جو ٿيندو يا ان جو جنهن چاقو ٺاھيو ھو؟

مناظري دوران ٻيا فڪري حوالا ۽ دليل به پيش ڪيا ويا آهن:

جهڙوڪ ڪاسموس جي ترتيب، ڪائنات جي وجود ۽ منطق جي سائنس سان لاڳاپيل بحث. نظريئي طور انساني اخلاقيات ۽ انساني وجود جي معنى تي بحث، جنهن ۾ مفتي شمائل جو چوڻ ھو ته اخلاقيات رڳو سماجي روايت نه، پر خدا جي حڪمن سان پڻ منسلڪ ھجڻ گھرجي!

مشهور فلاسافر ڪانٽ جو ھڪ قول آهي ته انسان جو عقل صرف انهن شين کي سمجهي سگهي ٿو، جيڪي اھو ڏسي يا ڇهي سگهي ٿو. ان جو بهترين مثال اسان جي مادي دنيا آهي، پر جيئن ئي اسان ان دنيا کان اڳتي “خدا” جي وجود جي ڳالهه ڪيون ٿا ته انساني عقل بيوس ٿي وڃي ٿو. توهان ڪائنات کي ڀلي ڪھڙي به عينڪ پائي ڏسو، اوهان کي اها ائين ئي نظر ايندي جيئن اوھان ان کي سمجهي رھيا آھيو. جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ يقين آهي ته اوهان کي هڪ ننڍڙي پن ۾ به خدا جي قدرت نظر ايندي، پر جيڪڏهن اوهان ان کي رڳو ايٽمن جو مجموعو سمجهو ٿا ته وڏي کان وڏا دليل به اوهان لاءِ صرف هڪ “ڪيميائي عمل” رهندا. ڇو ته اصل فيصلو اوهان جي سوچ ڪندي آهي، دليل نه. تاريخ ۾ خدا جي وجود بابت ٿيندڙ بحثن ڪڏهن به ڪنهن جو عقيدو ناھي بدلايو. ان جي اهم وجهه اها آهي ته اڪثر اهڙا بحث سچ جي تلاش لاءِ نه، پر پنهنجي انا کي مڃرائڻ لاءِ ڪيا وڃن ٿا.

جاويد اختر ۽ مفتي شمائل ندوي جي مناظري جو حال به ساڳيو هو. ٻڌندڙن اهو ئي مڃيو، جيڪو اڳ ئي مڃيندا آيا هئا، جن کي جاويد پسند هو، انهن کي اهو ئي صحيح لڳو ۽ جن کي مذهب سان لڳاءُ هو، انهن لاءِ ندوي سچو ثابت ٿيو. منهنجي نظر ۾ اهڙا بحث صرف وقت جو ذيان آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهن کي ويجهو آڻڻ بدران وڌيڪ پري ڪري ڇڏين ٿا.