گذريل ڏينهن ملير بار ۽ ڪراچي بار کان سوين وڪيل سراپا احتجاج بڻجي سنڌوءَ مٿان ڇهه ڪئنال اڏڻ خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي تاريخي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ان ڌرڻي ۾ سڄي سنڌ جي وڪيلن سميت سياسي، مذهبي، سماجي ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿي ويون آهن. ان قومي عظيم جدوجهد تي کين سلام پيش ڪريون ٿا، جيڪي ڏينهن رات پنهنجي ڌرتي، پنهنجي درياءِ سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن جي بچاءُ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهن پنهنجا گهر، پنهنجا خاندان، پنهنجو آرام ڇڏي نٽهڻ اس ۾ رستن تي نڪري، سنڌ جي جيئري رهڻ لاءِ آواز اٿاريو آهي. ڇو ته اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته درياءِ سنڌ صرف پاڻي ناهي اها اسان جي تاريخ آهي، اسان جي تهذيب آهي، اسان جو وجود آهي. نون ڪئنالن خلاف هي مسلسل جدوجهد سنڌ جي بقا جي جنگ آهي. منهنجي سنڌ جا غيور جوانو! اوهان جون قربانيون وسارڻ جهڙيون ناهن، اوهان جا آواز سنڌ جي ڌڙڪن آهن ۽ اوهان جو حوصلو اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي. اوهان جي پاڪ جدوجهد يقينن سنڌ جي ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪري رهي آهي. يقينن اوهان جون ڪوششون ڪامياب ٿينديون ۽ سنڌو درياءَ سدائين آزادي سان وهندو رهندو سنڌ ۽ بلوچستان جي دنگ تي به لڳل ڌرڻو ايوانن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ چوي ٿو ته ڪئنالن وارو فيصلو ڪنهن به صورت ۾ واپس نه وٺنداسين. مصدق ملڪ سنڌ جو پاڻي، ڪوئلو، گئس ۽ بجلي کڻڻ بعد هاڻ سنڌو کي وڌيڪ کاٽ هڻي چوي ٿو ته ڪئنال ٺھيو ته ڪهڙي قيامت ايندي؟ سندن اهڙي ٻولي يقينن سنڌ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. وڪيلن جي تحريڪ ۾ عوام جي پاڻمرادو شرڪت ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته هاڻي هو سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن به ڌارئي کي برداشت نه ڪندا. هاڻي گهڻو ڪجهه ٿي چڪو آهي برداشت جي به ڪا حد هوندي آهي هڪ ته صوبي جي وسيلن تي قبضو پيا ڪن ته ٻئي طرف ڏاڍ ڏيکاري وڏي صوبي جي حڪمرانيءَ جو حق پيا جتائين. کين ياد ڪرڻ گهرجي ته سنڌ اهو صوبو آهي جنهن پاڪستان جي قرارداد سڀ کان اڳ منظور ڪئي هئي. هاڻي جيڪڏهن پنجاب هڪ هٽي قائم ڪري سنڌ جي وسيلن خاص طور تي سنڌ جي پاڻيءَ تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو ته سنڌ جا ماڻهو ساڻس لاتعلقي اختيار ڪندي سمورا گهٽ ۽ گهيڙ بند ڪري ڇڏيندو. وڪيل رياست جو ٽيون ٿنڀو آهن جن سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ وفاقي توڙي پنجاب سرڪار کي الٽيميٽم ڏنو ۽ چيو ته 17 تاريخ تائين اگر ڪينالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويو ته اهي ڌرڻو هڻندا، پر سرڪار سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪينالن جي تعمير جاري رکي جنهن خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج رهي. هن وقت سموري وڪيل برادري هڪ نعري هيٺ گڏ ٿي ٻٻرلوءِ باءِ پاس بند ڪري ويٺل آهي، سندن هڪ ئي نعرو آهي ته ڪينال سمورا نامنظور. درياءَ جي تحفظ لاءِ شروع ٿيل تحريڪ هاڻي نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي ۽ سندن مطالبو آهي ته ڪئنالن وارو مطالبو واپس وٺو سنڌ جون زمينون وڪڻڻ بند ڪيو ۽ 26 هين آئيني ترميم جو خاتمو آڻيو، ٻي صورت ۾ اهو ڌرڻو جاري رهندو. هن وقت تائين وفاقي سرڪار جو ڪوبه مثبت بيان سامهون نه آيو آهي.
جڏهن ته وڪيلن ٻٻرلوءِ وٽان قومي شاهراهه بلاڪ ڪرڻ بعد ڊيره موڙ ڪشمور وٽان به انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب سنڌ کان پنجاب ويندڙ تمام رستا مڪمل طور بند ٿي ويا آهن. وڪيل اڳواڻن موجب جيڪڏهن ٻٻرلوءِ باءِ پاس جي احتجاج جو نتيجو نه نڪتو ته سندن پلان بي، شاهراهه دستور اسلام آباد تي ڌرڻو هوندو. وڪيل اڳواڻن جو اهو به چوڻ آهي ته سمورن معاملن جي جڙ 26 ھين آئيني ترميم آھي، 26 ھين آئيني ترميم، پيڪا آرڊيننس، تڪراري ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ سميت ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي. وفاق پاران سنڌو درياءَ تي 6 نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ کي هٿ سان تباهه ڪيو پيو وڃي. ڪئنالن جي ٺهڻ سان سنڌ جو آبادگار معاشي طور تي تباهه ٿي ويندو ۽ زمينون ويران ٿي وينديون ڪئنالن جي ٺهڻ سان ٺٽي ۽ سجاول جي سموري ساحلي پٽي کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. سنڌو تي ڌاڙا احساس محرومي کي جنم ڏيندا جنهن سان خطرناڪ بحران پيدا ٿيندو. جيڪڏهن 6 نوان ڪئنال ٺهيا ته ڪراچي سميت وڏن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي به نه ملندو. سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ٺٽي جي ساحلي پٽي کي اڳ ۾ سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ ڪئنال ٺهيا ته ٺٽو ۽ سجاول سميت ساحلي پٽي تي موجود سمورا ڳوٺ غرق ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي به وفاقي حڪومت سنڌوءَ درياءَ تي ڪڇي، چشما رائيٽ بئنڪ، ريڻي، گريٽر ٿل، ٿر ۽ چولستان 6 ڪئنال ٺاهي، سڌو سنئون سنڌ کي ويران ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي، جنهن سان سنڌ مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ٿي ويندي. هي خطرناڪ مسئلو نه صرف سماجي تباهي جو باعث ٿيندو، پر ساڳئي وقت آئيني ڀڃڪڙيءَ جو وڏو ڪارڻ ٿيندو.
هيءَ سازشي رٿا مجموعي طور تي پاڪستاني قوم کي تباهي طرف وٺي وڃي رهي آهي، جنهن سان سنڌ ۾ زراعت مڪمل ختم ٿي ويندي ۽ وڏو معاشي ڏيوالو سامهون ايندو. ان ڪري هر پليٽ فارم تي هن سازشي رٿا جي نه صرف سخت مخالفت ٿي رهي آهي، پر ان سلسلي ۾ شديد احتجاج به ٿي رهيا آهن ۽ اهي مطالبا ٿي رهيا آهن ته اهي منصوبا ڪنھن به ريت قبول ناھن، حڪمرانن کي پرامن طريقي سان منھن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، جيڪڏهن حڪمران ھوڏ تان نه لٿا ته سنڌ جي سمورين عدالتن جي ڪارروائين جو بائيڪاٽ وارو آپشن پڻ موجود آھي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي وڪيلن جي هن نئين تحريڪ کي ڪيئن ٿي منهن ڏئي!!!؟