بلاگنئون

اسان جي ملڪ ۾ معافي وٺڻ جي روايت ئي ناهي

ڪنهن خاص مامري ۾ اوهان جي هڪ راءِ ٿي سگهي ٿي جيڪا ان مامري تي ممڪن آهي ۽ پاپولر راءِ کان مختلف هجي. اوهان جي راءِ عمل جي قابل به ٿي سگهي ٿي ۽ عملدرآمد جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته اها گهربل نتيجن جي لائق نه هجي يا بلڪل ممڪن آهي ته اوهان جي اندازي کان وڌيڪ مثبت نتيجا آڻڻ جو سبب بڻجي. جيڪڏهن مثبت نتيجا پيدا ٿين ته ٺيڪ آهي ۽ جيڪڏهن نتيجا سٺا نه ملن  ته اوهان فورن ان راٰءِ کي ڇڏي ڪري معافي گهري وٺو ۽ نتيجن جي ذميواري قبول ڪندي ڪمپني يا وڏي سطح تي قوم کان معافي گهري ڪري عهدي کان الڳ ٿي وڃو. ڇو ته ان سان اوهان جي ذات ۾ ڪا گهٽتائي اچڻ  واري آهي نه  ئي توهان جي بيعزتي ٿيندي، پر هتي اسان وٽ پنهنجي غلطي تي معافي وٺڻ جي ڪا روايت يا رواج ئي ناهي رهيو. اسان جي غلطي جي سبب کان ڪنهن جو وڏي کان وڏو نقصان ٿي وڃي. اسان کي پرواهه ناهي، پر معافي ناهي وٺڻي، معافي وٺڻ ڄڻ ته عيب آهي. خاص طور تي قومي مامرن تي ڪنهن ليڊر يا طاقتور ڌرين ۾ اهڙو ڪو رواج يا مثال موجود ناهي، جنهن ۾ ڪنهن ذميوار عهدي تي مقرر شخص ڪڏهن پنهنجي غلطي يا راءِ تي قوم کان معافي ورتي هجي، بلڪه مشاهدي ۾ اهو آيو آهي ته هر ذميوار شخص سدائين پنهنجي غلطي يا غلط راءِ جو دفاع ئي ڪندو آيو آهي، ڄڻ  ته هو ڄائي ڄم کان ئي ڄاڻو هجي، ان جي راءِ غلط ٿي سگهي ٿي نه ان جو ڪو عمل غلط ٿي سگهي ٿو. ان ريت وڏيون وڏيون غلطيون ٿيون، مگر اڄ تائين اها توفيق نه ٿي ته پنهنجي غلطي ئي تسليم ڪري وٺي، معافي ته بعد جي ڳالهه آهي.

پاڪستان ٨٠ جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي عروج تي هو يا ائين چئجي ته باقي سڀني پاڙيسرين (چين کان) کان بهتر پوزيشن ۾ هو ۽ هر مامري ۾ ٽاپ ٽين، ترقي ۾ ٽاپ ٽين، ادارن ۾ ڊسيپلين جي طور تي ٽاپ ٽين. مقصد ته زندگي جو ڪو به شعبو وٺو اوهان کي ٢٠٨٩ جو ريشو ملندو هو، پوءِ نڀاڳ جي هوا گهلي ۽ مطالعي پاڪستان جي بقراطين کي عهدا ملي ويا جن هن شيشي جي دڪان ۾ سان وانگر گهڙي (A bull in a china shop)  سڀ ڪجهه تباهه و برباد ڪري ڇڏيو. ملڪ ۾ راندين جا مضبوط ڊپارٽمينٽ هئا، جيئن پي آءِ اي، بينڪس، واپڊا ۽ ٻيا ادارا تڏهن دنيا ۾ ڪرڪيٽ ۽ هاڪي ۽ اسڪوائش ۾ پاڪستان جو چرچو هو. ڪرڪيٽ پاڪستان بنا مڪمل نه هئي، هاڪي پاڪستان کان بنا تصور نه ڪئي ويندي هئي. اسڪوائش ۾ پاڪستان جو ڪو مٽ نه هو، اسان جا مذهبي عالم، اڳواڻ ۽ استاد دنيا سڄي ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺا ويندا هئا.

ايستائين ته سفر جي لاءِ يورپ ۽ مغرب جا ماڻهو ۽ عرب پي آءِ اي ۾ سفر ڪرڻ پسند ڪندا هئا. ڀارتين جي سدائين اها خواهش هوندي هئي ته ڪاش اهي جامعه پنجاب ۾ پڙهي سگهن ها. تڏهن ايئر مارشل نور خان جيان هر ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ ٻيو نور خان نروار ٿيندو هو، جيڪو ادارن جي ڪارڪردگي چنڊ جيان چمڪائي ڇڏيندو هو، ميرٽ تي ڪمپرومائيز نه ٿيندو هو. راندين ۾ شاندار ڪاميابين جي پٺيان به هڪ ايئر مارشل نور خان هو، جنهن به شعبي ۾ ان طلسمي شخص کي آندو ويو هن ان کي ڪمال تائين پهچائي ساهه پٽيو، پي آءِ اي، پي سي بي، هاڪي فيڊريشن، اسڪوائش فيڊريشن سڀ مئل گهوڙا هئا. هن کي موقعو مليو ته ٽپ ڏئي اٿي ڊوڙڻ لڳا. هن جي اڳواڻي ۾ پي آءِ اي جو شمار دنيا جي پنجن وڏين ايئر لائينن ۾ ٿيڻ لڳو. هاڪي جو ڪو اهڙو ٽائيٽل نه بڻيو جيڪو پاڪستان وٽ نه هو، اسڪوائش ڄڻ ته پاڪستان کان ئي شروع ٿي هئي. ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ اسان وٽ آيو، چئمپين ٽرافي اسان وٽ مقصد ته جنهن به ٽائيٽل جو نالو وٺو ڪپ اسان وٽ هوندو هو. پوءِ ائين ٿيو ته اسان جي قومي زندگي ۾ ٽي بقراط، سقراط ۽ مهاتما نروار ٿيا، ضياءُ الحق، نواز شريف ۽ عمران خان. ٽئي ساڳئي سوچ جا مالڪ هئا يعني انهن وٽ سوچ منڍ کان هئي ئي نه، ٽنهي بنا سوچ ويچار جي هر شيءِ کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وقت ۽ وسيلا تباهه ۽ برباد ڪيا. ضياءُ سياسي نظام ۽ مذهب کي اهڙين تشريحن جي حوالي ڪيو ته اڄ دنيا پاڪستان کي انهيءَ جي ڪري نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي. مذهب بذات خود انسانن کي چڱائيءَ جي طرف وٺي وڃي ٿو، پر اهڙا عقيدا مذهب ۾ داخل ڪيا ويا جن حقيقي مذهب جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. سياست کي دولت جي ڏي وٺ جي نظر ڪيو ويو، جنهن ۾ عام ماڻهو جو لنگهه مشڪل ته ڇا ناممڪن بڻايو ويو. نواز شريف بنا سوچڻ سمجهڻ جي قومي ادارن جي پرائيوٽائزيشن شروع ڪئي جنهن جي سزا قوم اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي.

هن بنا سوچڻ سمجهڻ جي مارگريٽ ٿيچر ۽ ريگن جي چوڻ تي پاڪستان کي هلائڻ وارا ادارا ٽڪي پئسي تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن سان پاڪستاني معيشت کي وڏو ڌڪ رسيو جنهن ۾ اڄ تائين پيل روح رنڀي رهيو آهي. جڏهن ته اتي چين ۽ ڪوريا جن اسان جو ماڊل اختيار ڪيو هو، اهي اڄ دنيا تي راڄ ڪرڻ واري پوزيشن حاصل ڪري چڪا آهن. جڏهن ته اسان انهن ئي ملڪن کان خيرات گهري ملڪ هلائي رهيا آهيون، پر هن به ڪڏهن قوم کان معافي گهرڻ جي توفيق نه ڪئي. باوجود ان جي ته ظاهر ۾ برطانيه ۽ آمريڪا لبرل اڪانومي جا شوقين هئا، ليڪن سدائين پردي پٺيان آمريڪا ۽ برطانيه کي سرمائيدار ئي هلائيندا رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن پنهنجي ئي مصنوعات جي وڪري تي ڌيان ڏنو،

اهائي گذريل پنج سئو سالن کان برطانيه جي حڪمت عملي هئي ۽ بعد ۾ آمريڪا به ساڳئي رستي تي هلي ڪري سامراجيت پکيڙڻ جو ڪارڻ بڻيو، پر ميان صاحب انهن ٻنهي ملڪن جي پردي واري ڳالهه نه سمجهي سگهيو ۽ ڄار ۾ ڦاسي پيو. راندين جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سٺي راند جي بنياد تي ادارا يا ڊپارٽمينٽ رانديگرن کي اعزازي نوڪريون ڏيندا هئا، جنهن سان انهن جي گهر جي چلھه ٻرندي هئي ۽ اهي راند تي ڌيان ڏئي ڪري سدائين ملڪ جو نالو روشن ڪندا هئا. پاڪستان هاڪي، ڪرڪيٽ ۽ اسڪوائش ۾ ناقابل شڪست هو، پر ٿيو ائين ته عمران خان راندين ۾ گهڙي پيو ۽ دانهون ڪرڻ لڳو ته ڊپارٽمينٽ جي بجاءِ علاقائي ٽيمون ٺاهيون وڃن ته جيئن ماڻهن ۾ دلچسپي وڌيڪ ٿئي ۽ راند ترقي ڪري، خان آسٽريليا ۽ پنهنجي زال جي ملڪ انگلينڊ کان گهڻو متاثر هو، نٿي چاهيائين ته اهي صدين کان اها راند کيڏي رهيا آهن ۽ اهو اعزاز سندن جو ڪلچر بڻجي ويو آهي. ساڳئي سسٽم جي هتي به ڪاپي ڪرڻ ٿي چاهيائين، اسان ڪاپي ڪندڙ قوم آهيون، جيتوڻيڪ ان جي خواهش تي ڊپارٽمينٽ رانديگرن جي سار سنڀال ڇڏي ڏني. ائين پهرين هاڪي وئي پوءِ اسڪوائش هينئر ڪرڪيٽ به ختم ٿي چڪي آهي.

 جيڪڏهن ڪرڪيٽ ۾ ڪجهه باقي آهي ته اها هڪ مولوي جي تبليغ ۽ جوارين جي جوا، باقي راند ۽ رانديگر ٻئي ختم آهن. عمران کي به معافي گهرڻ جي توفيق نه ٿي، مقصد ته مري وينداسين، پر غلطين جي معافي نه گهرنداسين. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ اها روايت ئي ناهي. هن وقت وري جيڪا ميان شهباز شريف ۽ سندس ٽيم ملڪ جو جهڙي ريت ڪاروهنوار هلائي رهي آهي. ان جي معلومات ته سڀني کي آهي ۽ ڏسجي ته اها باقي ملڪ جي اندر رهيل سهيل ڪسر کي ڪيئن ٿي پورو ڪري؟