ڪنهن خاص مامري ۾ اوهان جي هڪ راءِ ٿي سگهي ٿي جيڪا ان مامري تي ممڪن آهي ۽ پاپولر راءِ کان مختلف هجي. اوهان جي راءِ عمل جي قابل به ٿي سگهي ٿي ۽ عملدرآمد جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو ته اها گهربل نتيجن جي لائق نه هجي يا بلڪل ممڪن آهي ته اوهان جي اندازي کان وڌيڪ مثبت نتيجا آڻڻ جو سبب بڻجي. جيڪڏهن مثبت نتيجا پيدا ٿين ته ٺيڪ آهي ۽ جيڪڏهن نتيجا سٺا نه ملن ته اوهان فورن ان راٰءِ کي ڇڏي ڪري معافي گهري وٺو ۽ نتيجن جي ذميواري قبول ڪندي ڪمپني يا وڏي سطح تي قوم کان معافي گهري ڪري عهدي کان الڳ ٿي وڃو. ڇو ته ان سان اوهان جي ذات ۾ ڪا گهٽتائي اچڻ واري آهي نه ئي توهان جي بيعزتي ٿيندي، پر هتي اسان وٽ پنهنجي غلطي تي معافي وٺڻ جي ڪا روايت يا رواج ئي ناهي رهيو. اسان جي غلطي جي سبب کان ڪنهن جو وڏي کان وڏو نقصان ٿي وڃي. اسان کي پرواهه ناهي، پر معافي ناهي وٺڻي، معافي وٺڻ ڄڻ ته عيب آهي. خاص طور تي قومي مامرن تي ڪنهن ليڊر يا طاقتور ڌرين ۾ اهڙو ڪو رواج يا مثال موجود ناهي، جنهن ۾ ڪنهن ذميوار عهدي تي مقرر شخص ڪڏهن پنهنجي غلطي يا راءِ تي قوم کان معافي ورتي هجي، بلڪه مشاهدي ۾ اهو آيو آهي ته هر ذميوار شخص سدائين پنهنجي غلطي يا غلط راءِ جو دفاع ئي ڪندو آيو آهي، ڄڻ ته هو ڄائي ڄم کان ئي ڄاڻو هجي، ان جي راءِ غلط ٿي سگهي ٿي نه ان جو ڪو عمل غلط ٿي سگهي ٿو. ان ريت وڏيون وڏيون غلطيون ٿيون، مگر اڄ تائين اها توفيق نه ٿي ته پنهنجي غلطي ئي تسليم ڪري وٺي، معافي ته بعد جي ڳالهه آهي.