17 اپريل 2025 کان سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ جي بار ايسوسئيشن (ڪي بي اي) پنهنجو احتجاجي جلوس ڪڍيو ۽ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻي ٻٻرلوءِ باءِ پاس جيڪو سکر ۽ خيرپور جي وچ ۾ واقع آهي، اهو رستو بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري سنڌ کان ٻين صوبن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ ۽ ٻين صوبن کان سنڌ ڏانهن ايندڙ گاڏيون هلي نه سگهيون.
هڪ سال کان سنڌ ۾ هلندڙ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ ڪئنالن جي معاملي تي سجاڳي واري مهم ۾ گذريل ٻن مهينن ۾ تمام گهڻي تيزي اچي وئي آهي ۽ هاڻي هيءَ مهم پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڃي رهي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت سڄي سنڌ پاڻيءَ جي معاملي تي بيدار ۽ هڪ ئي خيال تي متفق آهي ته اسان پنهنجي پاڻيءَ جي آئيني حق تي ڌاڙو لڳڻ نه ڏينداسين ۽ پنجاب کي پنهنجي حق کان وڌيڪ پاڻي کڻڻ نه ڏنو ويندو. ارسا جي فارميشن کي درست ڪرائڻ جي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ به وفاق کي گهرائي جواب طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ جون سڀئي سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽيون هڪ ئي سوچ سان هڪ ئي ايجنڊا تي پنهنجا احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيون آهن ته سنڌو درياءَ تي ڇهه ڪئنال اڏڻ نه ڏنا ويندا. ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڪيلن جي برادري به پنهنجو انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جو صدر عامر وڙائچ ۽ ٻين ضلعن جي بارن جا وڪيل هن وقت ٻٻرلوءِ باءِ پاس وٽ ڌرڻو هڻي ويٺل آهن. سندن گُهر اها آهي ته وفاقي حڪومت ان ڳالهه جو لکت ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ته انهن ڪئنالن تي ڪم هڪدم روڪيو ويندو، جيستائين اهو نوٽيفڪيشن جاري نٿو ڪيو وڃي تيستائين انهن وڪيلن جو ڌرڻو اتي جاري رهندو ۽ ممڪن آهي ته ان قسم جا ڌرڻا سنڌ ۽ پنجاب کي ڳنڍيندڙ ٻين روڊن تي به لڳايا وڃن، جنهن سان يقينن صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي ٿي ويندي. ان ۾ وفاق کي هوش کان ڪم وٺي عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن وقت سنڌ جا ماڻهو سنڌ جون سڀ سياسي جماعتون ۽ خاص ڪري سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون تمام گهڻيون متحرڪ نظر اچي رهيون آهن، ڇو ته سنڌ جي هر باشعور ماڻهو کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته پنجاب هميشه سنڌ سان مختلف طريقن سان ويساهه گهاتي ڪئي آهي ۽ اسان جي وسيلن تي ناجائز طريقي سان قبضو ڪري سنڌ کي ترقي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. پاڻي ڪنهن به جاندار جي لاءِ بنيادي ضرورت آهي. دريائن جي پاسن کان ثقافتون جنم وٺنديون رهيون صرف ان ڪري ته اتي پاڻيءَ جي موجودگي انهن ثقافتن کي وڌڻ ۽ ويجهڻ جو موقعو فراهم ڪيو، پر هن وقت ائين لڳي رهيو آهي ته پاڪستان جيڪو هڪ وفاقي ملڪ آهي، ان ۾ پنجاب ۽ وفاق سنڌ صوبي کي پنهنجي پاڻيءَ جي آئيني حصي کان محروم ڪري تباهه ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙي آهي. ڇو ته پاڻيءَ جي کوٽ اتان جي ماڻهن کي، اتان جي جانورن کي، اتان جي زراعت کي نقصان پهچائيندي ۽ آهستي آهستي ان خطي تان زندگيءَ جا آثار ختم ٿيندا ويندا ۽ ايئن نه ٿئي جو اها ثقافت تاريخ جو حصو بڻجي وڃي. انهن سڀني خطرن کي محسوس ڪندي سنڌ جا نوجوان، سنڌ جا باشعور ماڻهو ۽ سنڌ جا وڪيل هن وقت ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي موجود آهن. 19 اپريل 2025 تي سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن سان گڏوگڏ ٻين سياسي جماعتن به سن جي وڪيلن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ اتي پهچي ويا.
هن وقت پاڪستان ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا حالات ڇڪتاڻ جو شڪار آهن ۽ ڪئنالن جي معاملي تي سنڌ جي پرامن حالتن ۾ به ڇڪتاڻ پيدا ٿي چڪي آهي، پر وفاق جي ڪن تي اڃان تائين ڪا جُون به سرندي نظر نٿي اچي. ان بيحسيءَ جي ڪري وفاق هن وقت تمام گهڻي خطرناڪ صورتحال جو شڪار آهي، پر اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ ماڻهن جو متحد ٿي پنهنجي حقن لاءِ گُهر ڪرڻ هڪ خوبصورت عمل آهي. هن ڌرڻي ۾ هڪ خوبصورت روايت اڀري سامهون آئي آهي ته اتان جا مقامي ماڻهو ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن کي پنهنجي هڙان وڙان مانيون کارائي رهيا آهن، انهن جي پيئڻ جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ڪري رهيا آهن، کين مفت ۾ چانهيون پياريون پيون وڃن، نه صرف ايترو بلڪه پرڏيهه کان ڪجهه ماڻهن پئسا اماڻي انهن ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن لاءِ ٻين ڪجهه سهولتن جو به انتظام ڪري رهيا آهن. هن وقت سڄي سنڌ کي هن ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن جي سهائتا ڪرڻ جي ضرورت آهي. مختلف نوجوانن کي اڳيان وڌي ڪميٽيون ٺاهي ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهن کي مختلف سهولتون فراهم ڪرڻ، انهن جي همتن کي وڌائڻ جي لاءِ مختلف تفريحي پروگرام رٿڻ ۽ انهن جي همت وڌائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اتي ڌرڻي ۾ ويٺل ماڻهو پنهنجي قوم جي پٺڀرائي کي محسوس ڪري سگهن ۽ هن ڌرڻي کي ايستائين جاري رکي سگهن جيستائين سندن آئيني گُهرون پوريون نٿيون ڪيون وڃن.