سنڌ حڪومت صوبي ۾ بدامنيءَ کي روڪڻ لاءِ نمبر پليٽ متعارف ڪرائي جنھن تي اجرڪ جي پٽي لڳل آھي جنھن تي آءِ ڪيٽ لڳل آهي ۽ رات ۾ به چمڪي ٿي ۽ سي سي ٽي وي جي ڪيمرائن ۾ آساني سان اچي ٿي ۽ اُن موٽرسائيڪل يا ڪار جي سڃاڻپ ٿي وڃي ٿي. توڙي جو اهو تجربو حيران ڪندڙ به هو، پر سرڪار جو موقف به عجيب لڳو ته ان عمل سان بدامنيءَ کي روڪي سگهجي ٿو۔ جولاءِ کان رائج ٿيل اهو قانون هن وقت تائين ڪيترا ڏوهاري پڪڙي چڪو آهي؟ ان کانسواءِ قوم کي اهو ٻڌايو وڃي ته نئون ٺاهيل قانون صرف ڪراچي لاءِ آهي يا سڄي سنڌ لاءِ آهي۔ هن وقت سموري سنڌ ۾ امن و امان جي صورتحال ڪا چڱي ڪونهي هر شهر توڙي ڳوٺ مان ڦر جون وارداتون ٿيڻ روز جو معمول بڻيل آهن۔ جنهن تي سرڪار جو ڪوبه ڌيان ڪونهي۔ نمبر پليٽ تي سياست ڪرڻ واري روش سنڌ جي گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالھائيندڙن طرفان شروع ٿي ۽ سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيءَ تي زھر اوڳاڇيندا رهيا جنهن مان سنڌ ڌرتيءَ سان نفرت جي بوءِ اچڻ لڳي. ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ آفاق احمد سنڌي اجرڪ تي تنقيد ڪندي چيو ته سنڌي اجرڪ اسان جي ثقافت ناھي ان ڪري اسين سنڌي اجرڪ واري پليٽ نه لڳائينداسين. ان کان سواءِ ڪراچيءَ جي مخصوص طبقي اھو چوڻ شروع ڪيو آھي ته پيپلزپاٽي سنڌين جي پارٽي آھي ان ڪري اھي اھڙا فيصلا ٿي ڪري، مگر حقيقت اھا آھي ته پيپلزپارٽيءَ جو وجود ئي لاھور ۾ پيو هاڻ جڏهن پنجاب مان پيپلز پارٽيءَ جو وجود ختم ٿيندو پيو وڃي تڏهن سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي ثقافت جو نئون کيل کيڏي رهي آهي ورنه پيپلز پارٽيءَ کي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ سميت ڪنهن به ثقافتي شيءِ ۾ ڪابه دلچسپي ناهي انهن ثقافت جي نالي تي سنڌ اندر جيڪو ڪرپشن ۽ بدامنيءَ جو جيڪو ٻج ڇٽيو آهي ان سڄي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي.
تازو جماعت اسلامي پاران گڏهن جي ڳچيءَ ۾ اجرڪ واري پليٽ وجهي جيڪو احتجاج ڪيو هو اهو عمل ڏاڍو ڏکوئيندڙ هو. اهو احتجاج نمبر پليٽ خلاف نه، پر دل اندر موجود سنڌي اجرڪ ۽ ثقافت واري دشمنيءَ جي باهه هئي جيڪا اچانڪ ڀڙڪي اٿي هئي، اهو سندن سنڌين سان نفرت ۽ سنڌي ٻوليءَ سان نفرت جو اظهار هو، جيڪو ظاهر ڪيو ويو، ان کان اڳ ڪراچي ۾ اجرڪ پل ڊاهڻ وارا منظر به سامهون آيا هئا، جنهن بابت چيو ويو ته اها ڊزائين غير ضروري هئي۔ اگر ائين ئي آهي ته پوءِ لکين رپيا خرچ ڇو ڪيا ويا۔ساڳي ريت سنڌي ڪلچر ڊي ملهائڻ تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن مٿان تشدد ڪرڻ، شاهه لطيف بابت پروگرام ڪرڻ تي سنڌي ماڻهن مٿان ظلم جا پهاڙ ڪيرائڻ وارا ڪم وقفي وقفي سان ٿيندا رهيا آهن. هاڻي وري نمبر پليٽ کي نشانو بڻائي سنڌي ثقافت سان نفرت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. جڏهن مٿن تنقيد ٿي ٿئي ته چون ٿا کين اجرڪ سان نفرت ناهي، پر هن جو نمبر پليٽ تي لڳائڻ سان تقدس پائمال ٿيڻ ڪري کين ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿئي ٿو، جو پليٽ تي مٽي، گندگي لڳي ٿي ان ڪري اجرڪ خراب ٿئي ٿو. ان ڪري هو اجرڪ کي پليٽ تان هٽائڻ جي گهر ڪري رهيا آهن، هاڻي هنن جي تقدس جو جائزو وٺجي ته هنن پاڪستان ٺهڻ جي مخالفت ڪئي هئي، هنن جناح کي ڪافر اعظم سڏيو هو، وري پاڪستان ٺهڻ بعد وڏا محب وطن پاڪستاني بڻجي ويٺا آهن. هنن کي اجرڪ جي توهين تي ڏک ٿيو آهي ته هنن کي مسجد ۽ جناح جي قبر جي توهين تي ڏک ڇو ڪونه ٿيو، اسلام آباد جي گاڏين جي رجسٽريشن تي پليٽ تي فيصل مسجد جي تصوير لڳل هوندي آهي، ڪراچيءَ جي نمبر پليٽ تي جناح جي قبر جو فوٽو لڳل هوندو آهي، پنجاب جي گاڏين تي ڪڻڪ جي ٻوٽي جي تصوير لڳل هوندي آهي، جيڪڏهن هو مسجد کي مقدس مڃيندڙ آهن ته مسجد جي تصوير هٽائڻ جي هنن گهر ڪڏهن ڇو ڪونه ڪئي آهي. پنجاب ۾ انسانن جي خوراڪ وارو ڪڻڪ جو ٻوٽو مقدس ناهي جو لکين انسان ان جي کائڻ سان زنده رهي رهيا آهن. جيڪڏهن قبرون سندن وٽ مقدس آهن ته جناح جي قبر جو تقدس کانئن ڇو وسريو ٿو وڃي، اچي اچي کين اجرڪ جو احترام نظر آيو ته مٽي لڳڻ ڪري اجرڪ جي پوزيشن خراب ٿي رهي آهي. اصل ۾ غير سنڌي جماعتن وٽ اجرڪ، سنڌي قوم، سنڌي ثقافت سان ساڙ رهيو آهي. جهڙي طرح ماضيءَ ۾ اوهان هوشو شيدي جو مجسمو ڊاهيو هو، اوهان حيدر چوڪ جيڪو سنڌ جي مظلوم هارين جي ڀرجهلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نالي سان منسوب هو، ان کي اوهان ڊاهي ڇڏيو، صدر ۾ ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جي نالي واري روڊ تان تختي توهان ميساري ڇڏي آهي، اوهان مير ڪرم علي ٽالپر، مولانا دين محمد وفائي سان گڏ ٻين ڪيترن ئي سنڌي هيروز جا نالا هٽائي ڇڏيا آهن، اسان اوهان جي من ۾ ويٺل چور کي سڃاڻي ويٺا آهيون. اوهان جي ڪرتوتن کي سموري سنڌي قوم ڏسي رهي آهي، اوهان ڪلچر ڏينهن تي اجرڪ اوڍيل معصوم ٻچڙن کي ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون آهن، اوهان جي تعصب پرست نالائق سياستدان سنڌين جي ڪلچر کي گڏهن چارڻ وارن جو ڪلچر ڪوٺيو هو، اڄ جو زمانو پراڻو دور نه رهيو آهي جو اوهان هر من مستي ۽ ٺڳي سنڌي قوم سان ڪندا رهيا هئا، اڄ سنڌي ماڻهو پنهنجي شهرن جي مالڪي ورائي وٺڻ لاءِ شهرن ۾ اچي رهيو آهي ته اوھان کي سنڌين جو وجود پسند نٿو اچي، روز اوهان جا بي راهه روي جو شڪار ٻار سوشل ميڊيا تي ڄاڙي هڻي سنڌين مٿان الرون ڪندا رھن ٿا، پر سنڌين جي صبر اوهان کي ڪجھ ڪين چيو آهي، توهان پيپلزپارٽيءَ سان سياسي مخالفت ڀلي ڪريو، پر سنڌ جي ثقافت سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪريو، سنڌي ٻوليءَ جي بهتريءَ لاءِ جيڪڏهن ڪو قدم نه ٿا کڻي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ ان خلاف وات بند رکو. سياسي مخالفت ۾ سنڌي قوم سان مذاق ڪرڻ ڇڏي ڏيو. ياد رکو جيستائين هڪ به سنڌي زنده آهي تيستائين سنڌ جي انگ انگ جي حفاظت ڪندو، جيڪڏهن تاريخ ۾ زنده رهڻ چاهيو ٿا ته سنڌ ۽ سنڌين سان نفرت واري سوچ کي ختم ڪريو، ڇو ته سنڌ سنڌين جي آهي ۽ ان طرف ميري اک کڻي ڏسندڙ سان مهاڏو اٽڪائڻ سنڌين کي ايندو آهي. سنڌ جي ثقافت سان گستاخي ڪندڙ ٽولي کي ڪڏهن به سنڌي قوم معاف نه ڪندي.