سنڌ ۾ ميلا لڳائڻ جي شروعات تمام آڳاٽي دور کان ٿي آهي. اهي ميلا ملاکڙا سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر جو چٽو اهڃاڻ ۽ ثبوت آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي ميلن ڌرتي جي سونهن وڌائڻ سان گڏ پنهنجي ڪلچر ۽ سنڌي ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ان سان گڏ علائقي جي خاص ڪري غريب ماڻهن جي تفريح ۽ روح وندرائڻ جو تمام وڏو ذريعو پڻ ميلا آهن. جڏهن ته مخصوص طبقي يعني جيڪي ماڻهو ميلي ۾ دڪان لڳائين ٿا. سرڪس، موت جو کوھ، پينگها، بجلي ۽ پيٽرول تي هلندڙ ريل گاڏي، ٻيڙي ۽ مختلف جانور ميلي ۾ نظر ايندا آهن. اهي ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهن. اهي سڀ ماڻهو وڏي سيڙپ ڪري سڄي سنڌ ۾ وڃي وڏي خوبصورتي سان دڪان سجائي، اوجاڳا ڪري، چند ڏينهن لاءِ برن ۾ بازارون لڳائي ڇڏين ٿا. چمڪدار رنگين پني، رنگين بلب بتيون ڏسي ماڻهو واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي ۽ عقل دنگ رهجيو وڃي. ٿوري دير لاءِ سوچجي ٿو ته هي ميلو لڳائڻ وارا دڪاندار شايد هميشه لاءِ هتي هوندا، پر ائين هرگز نه آهي، رڳو چند ڏينهن لاءِ اهي ماڻهو وڏي محنت ۽ مشقت ڪري، ڪنهن مسافر جيان پنهنجي روزي روٽي ڪمائڻ خاطر سڄي سنڌ جو چڪر ڪاٽين ٿا ۽ ڀٽائي، قلندر، سمن شاهه، گاجي شاهه، سانوڻ فقير جي درگاهن کانسواءِ سنڌ جي ٻين هنڌن تي وڃي پنهنجا مٺائي، ڪشمش ۽ رانديڪن جا دڪان، چانھ ماني جون هوٽلون لڳائي انهن کي رات ڏينهن وڏي محنت سان سجائي سينگاري خوبصورت بنائي ميلي جي شڪل ڏيئي ان ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت جا رنگ ڀري ڏسندڙن جي دل خوش ڪري ڇڏين ٿا. هر طبقي جو ماڻهو خاص ڪري غريب طبقو وڏي انگ ۾ پنهنجي ٻارڙن کي به پاڻ سان گڏ وٺي ميلو گهمڻ اچن ٿا۔ ان کانسواءِ ماضي ۾ ماڻهو ڏورانهن هنڌن کان مال ڪاهي ميلي ۾ ايندا هئا ۽ ڪروڙن ۾ مال جو واپار ٿيندو هو، ان وقت ميلي جو اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو هو، پر اڳيان هلي مال پڙيون لڳڻ کانپوءِ هن وقت اڪثر ميلن ۾ مال اچڻ بند ٿي ويو آهي. اهو به وساري نٿو سگهجي ته عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ، سٽي پريس ڪلب ماتلي جي پليٽ فارم تان آزاد بلوچ ۽ مون علي حيدر شاھ سال 2014 ۾ ماتلي جي راڳي راشد حيدري ۽ نالي واري آرٽسٽ ممتاز ڪنول سان سرهي سانجهه ملهائي. 2015 ۾ بدين جي سريلي فنڪار بادل راهي ۽ مشهور آرٽسٽ نسرين ناز سان سرهي سانجھ ملهائي وئي. وري ٽئين سال به 2016 ۾ فنڪار خوشبو لغاري ۽ سدا بهار آرٽسٽ اسرار لغاري سان سرهي سانجھ ملهائي وئي. انهن پروگرامن کي هزارين ماڻهن ڏٺو ۽ پسند ڪيو. وري تازو پنهنجي ڪلچر ۽ پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ ماتلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سٽي پريس ڪلب جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڀلوڙ آرٽسٽ ۽ صحافي آزاد بلوچ ۽ مير محمد سولنگي پاران پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ماتلي جي سدا بهار شخصيت ۽ پنهنجي ثقافت سان پيار ڪندڙ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي مرحوم بشير احمد هاليپوٽو ۽ پهرين سنڌي فلم ايڪتا جي هيرو، ڪي ئي ڪتاب جي خالق ۽ موسيقار ڪريم بخش نظاماڻي جي ياد ۾ ماتلي ۾ پنجن ڏينهن وارو ثقافتي ميلو لڳايو. اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ميلو لڳائڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. هن ميلي ۾ موت جو کوھ، سرڪس، پينگها، بجلي تيل تي هلندڙ ٻيڙي، مختلف قسم جا جانور ميلي ۾ هئا. ان کانسواءِ مٺائي ڪشمش جا دڪان، رانديڪن جا دڪان، پڪوڙن جا دڪان، چانھ ۽ ماني جون هوٽلون جن کي وڏي خوبصورتي سان سينگاريو ويو هو، جن کي ڏسي دل خوش ٿي رهي هئي، شهزاد بشير هاليپوٽو ۽ هاشم رضا نظاماڻي کي بوسڪي جا پٽڪا ٻڌائي ميلي جو افتتاح ڪيو ويو. ميلي جي پهرئين ڏينهن تي ملھ مقابلا ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿيا. ميلي جي ٽئين ڏينهن ثقافتي مچ ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سگهڙن حاڪم لغاري، حسن بصري، اياز لاشاري، بچل جمالي، غلام محمد جنجهي کانسواءِ فنڪار غلام شبير انصاري، عباس لنجواڻي ۽ سٺي فنڪار علي اڪبر شاهه شرڪت ڪري هن ثقافتي ميلي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. رات جي ٿڌڙين هوائن ۽ تاڙين جي ٺڪائن ۾ ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ زمين تي آسمان جا تارا لهي آيا هجن. ميلي جي آخري ڏينهن تي پوزيشن کڻندڙ گهوڙن جي مالڪن، ملھ پهلوانن ۽ ميلي کي سٺو سينگاريندڙ دڪاندارن کي سندن حوصلا افزائي لاءِ سٽي پريس ڪلب جي نالي سان ڇپيل ڪارڪردگيءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. سڄي ميلي جو انتظام سنڀاليندڙ حاجي سولنگي، شبير سولنگي ۽ دلدار سولنگي کي مون علي حيدر شاھ ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏئي سندن حوصلا افزائي ڪئي. پوليس طرفان ميلي جا سٺا انتظام سنڀالڻ تي SHO ماتلي جي واکاڻ ڪئي وئي. ائين هي ثقافتي ميلو 22 ڊسمبر 2025 تي پنهنجي پڄاڻي کي پهتو ۽ هن ثقافتي ميلي جا سڀئي رنگ هوا ۾ وکري چڪا، ڪامياب ۽ خوبصورت ميلو لڳڻ کانپوءِ علائقي ۾ سٽي پريس ڪلب سٿ جو مان مٿانهون ٿيو آهي ۽ سٽي پريس ڪلب صحافتي ميدان ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيو آهي. جڏهن ته هن پريس ڪلب ۾ آزاد بلوچ، مير محمد سولنگي، اشرف چانڊيو، نياز خاصخيلي، مسرور حسين مڱڻهار، اعجاز نظاماڻي، رزاق پنهور سميت 22 صحافي ڪم ڪري رهيا آهن. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته عوامي خدمت جو جذبو رکندڙ هي پريس ڪلب اڄ تائين سرڪاري فنڊ کان محروم آهي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سٽي پريس ڪلب ماتلي کي ڊي سي بدين ۽ تعلقه ميونسپل ڪميٽي ماتلي جو چيئرمين ساليانو فنڊ ڏئي ته جيئن هي صحافتي ادارو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي.