بلاگنئون

ماتليءَ جهڙو خوبصورت شهر ڪيترن ئي بنيادي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي

ماتلي قديمي شهر آهي ۽ ضلعي بدين جو ٻئي نمبر تي وڏي ۾ وڏو شهر ليکيو وڃي ٿو. هن وقت ماتلي شهر جي آبادي سرڪاري انگن اکرن مطابق 471100 چار لک ايڪھتر ھزار ھڪ سئو آھي. انگريزن طرفان 1908ع ۾ حيدرآباد کان بدين تائين ريلوي لائين وڇائڻ وقت هن شهر جو نالو ماتلي رکيو ويو. ان کانسواءِ باباءِ ثقافت ڪريم بخش نظاماڻي به هن شهر تي ماتلي نالو پوڻ جو ذڪر سندس لکيل “ڪيئي ڪتاب” ۾ پڻ ڪيو آهي. پاڻ لکيو اٿس ته ان جاءِ تي ميتلا ذات وارا ماڻهو رهندا هئا جنهن ڪري ماتلي اسٽيشن قائم ڪئي وئي ۽ پوءِ هي شهر ماتلي ٿي ويو. اوائلي دور ۾ نم ۽ انبن جا وڌيڪ وڻ هئڻ ڪري ماتلي کي انبن جو شهر به چوندا هئا. ان کانسواءِ ڪمند جو فصل وڌيڪ هئڻ سان گڏ وڌيڪ مقدار ۾ تيل ۽ گئس نڪرڻ ڪري هن شهر کي آئل  ۽ شگر ڪين اسٽيٽ به سڏيو وڃي ٿو جيڪو شهر جي آبادي وڌڻ ۽ ترقيءَ جو به هڪ وڏو سبب آهي. هن وقت ماتلي کي سب ڊويزن جو درجو حاصل آهي. آمدرفت جي سهولت اڪثر هنڌن تي جر جو پاڻي مٺو هئڻ ۽ حيدرآباد کي ويجهو هئڻ، هن شهر جي ترقي جو راز آهي. جڏهن ماتلي جي آبادي پنج ست هزار ماڻهن تي مشتمل هئي، ان وقت شهر جو ڪاروبار، ٻيڙين ۽ ريل رستي ٿيندو هو. هن وقت نه ٻيڙيون هلن ٿيون ۽ نه ريل گاڏي جي ڇڪ ڇڪ جو آواز آھي، ان کانسواءِ شھر ۾ ٽانگا ھلندا هئا ڏاڍي سڪون واري سواري ھوندي هئي. جڏھن گھوڙا شھر جي روڊن رستن تي ھلندا هئا ۽ سندن پيرن جي ٺڪ ٺڪ جو آواز وري ڪنھن ساز کان گھٽ نھ ھوندو ھو. ان ڪري ھي گيت اڄ بھ ڏاڍو ياد اچي ٿو. مين ھون ٽانگي والا،  گھوڙا ھي لاھوري ميرا،  ٽانگا ھي پشوري ميرا، بيٺو جي بيٺو لالا، مين ھون ٽانگي والا. سچ پچ اھو وقت يعني ماضي ڏاڍو حسين ھو ۽ وسري ئي نٿو. ھن وقت شھر ۾ رڪشا ھلن ٿا ۽ ٻين شھرن تائين پھچڻ لاءِ ڪوسٽر ۽ وين جي سواري آھي. گاڏين مان نڪرندڙ دونھين ۽ شور جي گدلاڻ سڪون برباد ڪري ڇڏيو آھي. جڏهن تھ  حادثا روز جو معمول بڻيل آھن. ان کانسواءِ ڪوسٽر ۽ وين ۾ سفر ڪندڙ فيملي وارا ماڻھو سخت تڪليفن کي منھن ڏيندا رھن ٿا. انتظاميه ڪٿي به نظر نٿي اچي. اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته الله وارا بزرگ مولوي نظر محمد نظاماڻي جهڙا ماڻهو به هن شهر ۾ پيدا ٿيا، جن جي دعا سان هي شهر ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ماتلي، علم ۽ ادب جي زيور سان به مالامال آهي. شاعر، وڪيل، صحافي ۽ استاد پڻ هن شهر جي سڃاڻپ آهن. جڏھن تھ سيد، سونارا، نظاماڻي، خاصخيلي، شيدي، پاٽولي، ڪشميري، قائمخاني، مڱڻھار، ماڇي، پٺاڻ، پنجابي، ميمڻ، سومرا، واڻيا، ميگھواڙ، ڪولھي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻھو امن سان ھن شھر ۾ رھن ٿا. اوهان کي اھو بھ ٻڌائيندو ھلان تھ ونجھه وٽي ۽ ڪوڏي ڪوڏي راند کي مشھور ڪرڻ ۾ بھ ماتلي جي شيدين جو وڏو ھٿ ھو. جن ۾ مرحوم لاٽي شيدي عرف راڪيٽ، مرحوم غلام شيدي عرف ڪالا نانگ، مرحوم بچايو شيدي عرف رٻڙ، خميسو عرف چاندي شيدي ۽ ٻيا شامل آھن، جن جي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ھاڪ هئي ۽ ماتلي کي روشن ڪرڻ ۾ سندن اھم ڪردار ھو. ماتلي جي تاريخي قبرستان پير سخي سميت پنج قبرستان ھن شھر ۾ آھن. مونوٽيڪنيڪل ڪاليج، عورتن جي سکيا جو ووڪيشنل سينٽر، SSGC، مختيارڪار، اسسٽنٽ ڪمشنر، حيسڪو (واپڊا)، ايريگيشن، ٽي اِي او پرائمري ميل، فيميل، ٽي اي او ايليمينٽري سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري ميل فيميل، نادرا، ڊي ايس پي جون آفيسون بھ ھتي آھن. سول جج، فيملي جج، سينئر سول جج ۽ ايڊيشنل سيشن جج جون ڪورٽون بھ ھتي آھن. جڏھن تھ ٽي گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول جن مان ھڪ تاريخي ھاءِ اسڪول جيڪو 1956ع ۾ ٺھيو. ھڪ گورنمينٽ گرلس ھاءِ اسڪول، پاڪ مسلم مڊل اسڪول سميت ٻھ بوائز مڊل اسڪول، چار ايليمينٽري اسڪول، ھڪ گورنمينٽ  گرلس ڪاليج 1989ع ۾ قائم ٿيو، جنھن کي اڳيان ھلي اپ گريڊ ڪري ان کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. ان کان علاوه ھڪ گورنمينٽ بوائز ڪاليج  1974ع ۾ قائم ٿيو. جنھن کي اڳيان ھلي اپ گريڊ ڪري ڊگري ڪاليج جو درجو ڏنو ويو. ان کانسواءِ ماتلي ۾ قديمي گورنمينٽ پرائمري مين سنڌي اسڪول سميت شھر ۾ ٽيھن کان مٿي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اسڪول ھلي رھيا آھن. پندرھن کان مٿي پرائمري جا پرائيويٽ اسڪول ھلن پيا. جڏھن تھ ماتلي ۽ ان جي ڀرپاسي بدين روڊ تي ھڪ درجن کان مٿي رائيس ملون آھن، جيڪي شھر جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رھيون آھن. انھيءَ روڊ تي ٽي ڪلو ميٽر جي پنڌ تي انصاري شگر مل ھلي رھي آھي، جنهن سان بھ ماتلي کي وڏو فائدو ٿيو آھي. چودري فضل احمد آرائين جي ڪوششن سان 1958ع ۾ ماتلي کي بجلي ڏني وئي. هن شهر جي لڳو لڳ اوڀر طرف لائينڊ چينل وهي ٿو جيڪو ايوب خان جي دور حڪومت ۾ هتان ڪڍيو ويو. لائينڊ چينل ڪڍڻ جو اصل مقصد بدين ۾ رهندڙ فوجين کي پاڻي جي  سهولت پيدا ڪري ڏيڻ هو. ان کانسواءِ وچ شهر مان ڦليلي وهڻ ڪري هن شهر جي خوبصورتي ۽ حسن ۾ اڃان به اضافو ٿئي ٿو. وري ماتلي خوشنصيب شهر ان ڪري به آهي ته باباءِ ثقافت مرحوم ڪريم بخش نظاماڻي ڄائو به هن شهر ۾ ۽ وري سندس آخري آرام گاھ به ڦليلي ڪناري سندس بنگلي “ماءِ نيسٽ” جي اڱڻ تي ماتلي ۾ موجود آهي. وري رات جي وقت “ماءِ نيسٽ” بنگلي تي جنھن ويل سر ڇيڙبا هئا ۽ ڇير جي ڇم ڇم ٿيندي هئي ايئن محسوس ٿيندو ھو ڄڻ سڄو شھر جاڳي رقص ڪري رھيو ھجي. ان کانسواءِ ماتلي جي آس پاس زرخيز زمينون، تيل ۽ گئس جي کوهن شهر جي آبادي ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ هن شهر جي قسمت بدلائي ڇڏي آهي. شهر جي وچ مان ڦليلي ڪئنال وهڻ ڪري هي شهر وڌيڪ خوبصورت لڳي ٿو. جيئن هن شهر کي ڏکڻ طرف سمنڊ پڻ ويجهو آهي. وڏڙن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ جڏهن شهر سميت ڦليلي ڪناري تي بيٺل نمون ۽ انب ٻور جهليندا هئا ۽ انبڙيون ٿيڻ جي شروعات ٿيندي هئي ۽ جڏهن ڏکڻ جي هير لڳندي هئي ته ان ويل سڄو شهر انبن ۽ نمن جي ٻور جي خوشبوءِ سان واسجي ويندو هو. وڏڙا وري ڦليلي ڪناري انبن جي هيٺان ڪانڀون ڪڍي ڪچهريون ڪري لطف اندوز ٿيندا هئا. ان وقت جي ڪنهن اردو شاعر چيو ته: حسين ماتلي تجهه پر لاکون سلام، لبالب بهي تيري نديا ڪا جام. ان کانسواءِ ڪيترائي شهر جهڙوڪ: ميرپورخاص، ڊگهڙي، مٺي، گولاڙچي ۽ ٽنڊوباگو، روڊ ذريعي ماتلي کي پاڻ سان ملائين ٿا. اهوئي سبب آهي جو هن شهر جي آبادي وڌڻ سان گڏ هن جي ترقي ۾ پڻ ڏينهنون ڏينهن اضافو  ٿيڻ سان گڏ شھر ۾ انيڪ مسئلا بھ جنم وٺي رھيا آھن. تعلقه اسپتال ماتلي جو ايم ايس گلاب ڪشميري ھڪ تھ ذات پرست ۽ ٻيو وري ڪرپٽ ماڻهو آھي. اسپتال جو ٻاھريون ڏيک انتھائي خوبصورت ۽ اندريون ڏيک انتھائي ڀوائتو آھي. اسپتال ۾ غريب کي علاج جي ڪابھ سھولت نھ آھي، دوائون نٿيون ملن، نه ئي غريب عورتن کي آپريشن يا نارمل ڊليوري جي ڪا سھولت آھي. شھر ۾ پوليس اسٽيشن ٿاڻو موجود آھي، پر شھر ۾ ھر قسم جي منشيات ھلي رھي آھي . چورين ۽ ڦرن جو آزار آھي، پوليس شھر ۾ امن و امان بحال رکڻ ۽ شھرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آھي. مختيارڪار ماتلي جي آفيس ۾ رشوت جو بازار گرم آھي ۽ ھر ڪم پئسن سان ٿئي ٿو. تعلقھ ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين حاجي رضوان احمد قائمخاني جنھن شھر جي ڪجھه مين روڊن ۽ گلين کي سي سي بلاڪ ۽ پيور بلاڪن جي مدد سان پڪو ڪيو آھي، پر شھر جا اڪثريتي علائقا پيئڻ جي صاف پاڻي، واٽر سپلاءِ، ڊرينيج، بجلي، گئس ۽ روڊ رستن جي سھولت کان بلڪل محروم آھن. ميونسپل ڪميٽي جي سالانھ 35 پنجٽيھه ڪروڙ کان مٿي بجيٽ آھي اھا ڪيئن ۽ ڪٿي پئي خرچ ٿئي ان جي ڪابھ خبر ناھي. ان کانسواءِ شھر ۾ ٻيا بھ ڪيترائي انيڪ مسئلا آھن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ميونسپل ڪميٽي ماتلي جي چيئرمين ۽ ھتان جي چونڊيل نمائندن کي گھرجي تھ ماتلي شھر تي خصوصي ڌيان ڏئي مسئلا حل ڪن تھ جيئن ماتلي جهڙو خوبصورت شهر جمھوريت جي اصل حُسن سان مالا مال ٿي سگھي.