نئون

دادو ويجهو خوفناڪ ٽريفڪ حادثو 8 ڄڻا فوت

دادو ويجهو خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خبرن موجب حادثو ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪوچ کي دادو ۾ پيش آيو. جتي تيزي سان ايندڙ ڪوچ هڪ چانورن جي ٻورين سان ڀريل ٽريلر سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ 8 مسافر موقعي تي ئي فوت ۽ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. زخمين ۾ چئن ڄڻن جي حالت خطرناڪ ٻڌائي پئي وڃي. ايس ايس پي پرويز عمراڻي صحافين کي ٻڌايو ته ڪوچ جو ڊرائيور موقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. جڏهن ته حادثي بعد امدادي ڪارروايون شروع ڪندي لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.