آمريڪا ۾ مڊ ٽرم اليڪشن بعد ٽرمپ ناراض، ميڊيا کي ڌمڪيون
آمريڪا ۾ مڊ ٽرم اليڪشن ٿي گذري جنهن ۾ ٽرمپ جي ريپبليڪيشن پارٽي جي اڪثريت وڃائڻ بعد ٽرمپ ناراض ٿي پيو ۽ پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو. حد ٿي وئي جڏهن پنهنجي هار کي ٽرمپ پنهنجي فتح چوندو رهيو. ٽرمپ جي ڌمڪين جو نشانو ان جي مخالفن سميت ميڊيا جا نمائندا به بڻجندا رهيا. ٽرمپ پنهنجي ڏيڍ ڪلاڪ جي پريس ڪانفرنس ۾ ميڊيا تي الزام به هڻندو رهيو ته ميڊيا ساڻس غير منصفاڻي ڪوريج ذريعي ناانصافي ڪندو آهي، جنهن سان گڏ هو صحافين جي سوالن جي جواب ۾ انهن تي نسل پرست هئڻ ۽ سندن سوالن کي شرمناڪ سوال چوندو به رهيو ۽ انهن جي جواب ۾ توهين آميز ريمارڪس به ڏيندو رهيو. اليڪشن ۾ پنهنجي پارٽي جي اڪثريت وڃائڻ بعد ٽرمپ پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ هو، صحافين جي سوالن جا جواب به ڏيندو رهيو ۽ هن اهو به چيو ته هو آمريڪي قوم کي متحد ڏسڻ گهري ٿو. جڏهن ته ميڊيا جي رويي سبب ملڪ دشمن هئڻ ثابت ڪندي آهي. ٽرمپ پنهنجي مخالف ڊيمو ڪريٽ اڳواڻن کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن انهن هن جي پارٽي جي اڳواڻن خلاف تحقيقات ڪرائي ته هو بدلي ۾ ڊيمو ڪريٽس سان به ساڳيو رويو رکندو. پنهنجي ٽيڪس جي معلومات کي پبلڪ نه ڪرڻ واري ضد تي هو اڃان به قائم رهيو ۽ مختلف معاملن کي خراب ڪرڻ جي ذميداري هو ٻين کي ڏيندو رهيو. ان کان علاوه هن جو رويو ………. جي صحافين سان به توهين آميز رهيو. هن پريس ڪانفرنس بعد آمريڪي ميڊيا ۾ ٽرمپ خلاف هڪ تازو بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ ٽرمپ تي تنقيد به جاري آهي.