بلاگخاصنئون

موسمياتي تبديلي انسان ذات لاءِ خطرو

صديون يا سال پوئتي ڪونه ٿا وڃون ڇو جو اسان جو حافظو مڙئي ڪچو آهي. ها باقي گذريل سياري ۾ ڇا ته ٿڌ هئي صفا لِڱَ ساڙيندڙ هئي، وري هاڻي گرمي به ڏسو ته اصلي لِڱَ ساڙيندڙ آهي. اُها ٿڌ يا هيءَ گرمي ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته ڇاجي ڪري ٿي ٿئي؟ يا ڪجهه سال خشڪ ساليءَ جي ڪري ٿر موت جو منظر پيش ڪندو آهي ته وري ڪڏهن مينهن واچ ڪري اهڙو ته وسندو آھي جو ماڻهو تنگ ٿي ويندو آهي. خبر اٿوَ هيءَ گهڻي گرمي، گهڻي ٿڌ، گهڻي خشڪ سالي ۽ گهڻي برسات ڇا جي ڪري ٿئي ٿي؟ ان جو جواب آهي موسمياتي تبديلي. اڄ مان هن ڪالم ۾ ڪوشش ڪندس ته توهان کي سولو ڪري موسمياتي تبديليءَ بابت سمجهايان.
موسمياتي تبديلي ڇا آهي؟. اسان سادن لفظن ۾ ان کي هيئن بيان ڪيون ٿا ته نه صرف سنڌ بلڪه پوري دنيا جي موسم ۾ ڦيرگهير اچي وڃي. يعني پوري دنيا جي گرمي پد ۾ تبديلي اچي وڃي. جنهن جو اثر اهو نڪري ته جتي ٿڌ هئي اُتي گرمي وڌي وڃي، جتي مينهن نه وسندو هجي اتي به مينهن وسڻ شروع ٿي وڃن. مثال طور: دبئي ۾ اڳ شديد مينهن نه وسندا هئا هن سال ڏٺو ويو ته اتي ڪلائوڊ برسٽ سبب تمام گهڻو مينهن وسيو، جنهن جي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٻن سالن جو مينهن ٻن ڪلاڪن ۾ وسيو. يورپ ۾ گرمي نه هئڻ برابر ٿيندي هئي هاڻي اتي به هيٽ ويوِ جون دانهون ٿي رهيون آهن. هيءَ موسمي ڦيرگهير نه صرف دبئي، يورپ ۽ اسان جي ملڪ تائين محدود آهي، پر هن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن مان اينٽارڪٽيڪا کنڊ به نه بچي سگهيو آهي.
موسمياتي تبديلي جا ڪهڙا سَبب آھن؟ ھيءَ ڌرتي هڪ گِرِهه آهي. جيئن ٻين گرهن کي پنهنجو هڪ مخصوص ماحول هوندو آهي، ايئن ڌرتيءَ کي به پنهنجو هڪ مخصوص ماحول آهي. جنهن جو ڪم ڌرتيءَ کي سج مان نڪرندڙ شعاعن کان بچائڻ آھي. اھو ماحول حقيقت ۾ گئسن جو مجموعو آهي، جنهن کي گرين هائوس گئسز چيو ويندو آهي. گرين هائوس گئسز ۾ مکيه گئسون ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين، نائٽرس آڪسائيڊ، واٽر ويپر ۽ ڪلورو فلورو ڪاربان گئسون آهن.
گرين هائوس گئسز جو ڪم آھي ڌرتيءَ کي هڪ بيلنسڊ ماحول ڏيڻ. گرين هائوس گئسز کان علاوه ماحول جي اسٽريٽواسفيئر تههَ ۾ موجود اوزون گئس به آهي جيڪا اوزون ليئر ٺاهي ٿي. هي اوزون ليئر حقيقت ۾ ڌرتيءَ کي هڪ مدافعتي تهه مهيا ڪري ٿو. هي اوزون ليئر اسان کي سج مان نڪرندڙ الٽراوائليٽ شعاعن کان بچائي ٿو. هن وقت گرين هائوس گئسز جي مقدار ۾ واڌارو اچڻ جي ڪري اوزون ليئر ۾ سوراخ ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ڌرتيءَ تي سج مان نڪرندڙ الٽراوائليٽ شعاعون پهچن ٿيون جيڪي ٻين جاندارن سان گڏ انسانن ۾ به ڪيترين ئي بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون، جنھن ۾ ڪينسر جهڙو موذي مرض به شامل آهي. يعني گرين هائوس گئسز ۽ اوزون ليئر جو ڪم ڌرتيءَ تي رهندڙ ساهوارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آھي. پر ساڳي ئي ڌرتيءَ تي هڪڙو جاندار انسان به رهي ٿو جنهن جي حرڪتن جي ڪري گرين هائوس گئسز ۾ تبديلي اچي وئي آهي. انسان جو فاسل فيول جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڪوئلو اچي وڃن ٿا، جو استعمال ۽ ڪوئلي تي هلندڙ انڊسٽرين، گاڏين، ايئر ڪنڊيشنن، فرجن، وڻ ڪپڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري گرين هائوس گئسز ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي. ان جي ڪري انهن گئسن جي مقدار ۾ِ ڏينهون ڏينهن واڌارو اچي رهيو آهي. جنھن ٿڌ، گرمي، مينهن ۽ خشڪ سالي ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو آهي. يا ائين کڻي چئون ته هزارين سالن کان هلندڙ موسمي توازن کي بگاڙي ڇڏيو آهي، جنھن کي اسان وري گرين هائوس اثرات به چئون ٿا. گرين هائوس اثرن جي ڪري پوري دنيا جي گرمي پد ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي جنهن کي اسان گلوبل وارمنگ به چئي رهيا آهيون. جنهن جي ڪري مينهن به جام پون ٿا. جيئن 2022 ۾ سنڌ ۾ شديد برساتون پيون. جنهن جي ڪري سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، هنن جا فصل ٻڏي ويا، هنن جا جانور گاهه نه ٿيڻ جي ڪري مري کپي ويا، ڪيترين ئي موتمار بيمارين جنم ورتو، غربت ۾ اضافو ٿيو ۽ سماجي ويڳاڻپ به جنم ورتو. هي ساڳيو الميو پوري دنيا ۾ گهڻو مينهن وسڻ يا خشڪ ساليءَ جي ڪري جنم وٺي رهيو آهي، پر سڌريل ملڪن وٽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ نيڪ نيتي آهي جنهن جي ڪري هُو مسئلي کي ترت ئي ٺيڪ ڪري وڃن ٿا، پر پٺتي پيل ملڪن ۾ وڏا وڏا سانحا جنم وٺن ٿا. باقي هن وقت موسمياتي تبديليءَ بنا ڪنهن رنگ نسل، مذهب ۽ قوم جي فرق جي پوري انسان ذات لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.
موسمياتي تبديليءَ جو هڪڙو سبب ته گرين هائوس افيڪٽ آهي. توهان ۽ اسان اُهو ضرور نوٽ ڪيو هوندو ته هتي ڪجهه سال لاڳيتو خشڪ سالي ٿئي ٿي ته ڪجهه سال وري شديد مينهن وسن ٿا. يعني يا ته خشڪ سالي آھي يا وري برساتون جام پون ٿيون. پوءِ ايئن ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن؟. هن موسمياتي تبديليءَ جو هڪ ٻيو سبب ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مطابق ايل نينو El Nino ۽ لا نينا LA Nina جا ايونٽس آھن. ايل نينو ۽ لا نينا اندلسي ٻوليءَ جا لفظ آهن جن جي معنيٰ لڳاتار پٽ ۽ ڌيءَ آهي.
ايل نينو ۽ لانينا هڪ قسم جون ڦيري واريون هوائون آهن جيڪي بحرِالڪاهل يا ماٺو سمنڊ (Pacific Ocean) ۾ ٿينديون رهنديون آهن. اهي ڪيئن ٿين ٿيون ان جو هڪڙو سادو مثال پاڻيءَ جو ٽب آهي جنهن ۾ توهان هڪڙي پاسي ڏانهن پاڻيءَ جي ٽينڪي کوليو ته اهو پاڻي لهرن جي صورت اختيار ڪري ٻئي طرف روانو ٿيندو. جڏھن ته ڌرتي پنهنجي محور ۾ اولهه کان اوڀر طرف ڦرندي آهي، ان جي برعڪس ايل نينو دوران ٽريڊ ونڊس بحرِالڪاهل ۾ اوڀر کان اولهه ڏانهن سفر ڪنديون آهن يعني آسٽريليا- انڊيا کان ٿيندو سڌو آمريڪا ڏانهن.
جڏهن مضبوط تيز ٽريڊ ونڊس بحرِالڪاهل ۾ گرم لهرن جي صورت ۾ سفر ڪن ٿيون ته هي گرم لهرون سمنڊ جي مٿاڇري تي هلن ٿيون جنهن جي ڪري سمنڊ جي هيٺانهين حصي ۾ وري ٿڌو پاڻي سفر ڪري ٿو جيڪو وري آسٽريليا ۾ واڌاري (Upwelling) کي جنم ڏئي ٿو. هي Upwelling وري اولهه کان اوڀر طرف ٿڌي پاڻي سان گڏ قيمتي معدنيات جيڪي زندگيءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري آهن به کڻي وڃي ٿو جيڪو ميرين ايڪوسسٽم جي لاءِ سازگار آهي. ايل نينو جي ڪري گرم لهرون وڌيڪ بخارات کي جنم ڏين ٿيون جنهن جي ڪري وڌيڪ ڪڪر ٺهن ٿا ۽ وڌيڪ برسات پوي ٿي. هن ئي ايل نينو جي ڪري ڪڏھن ڪڏھن آمريڪا، پيرو، ايڪواڊور ۽ ٻين ملڪن ۾ وڌيڪ برسات پوي ٿي. ان جي ابتڙ جڏهن ٽريڊ ونڊس ڪمزور ٿين ٿيون ته لا نينا ٿئي ٿو جنهن جي ڪري آسٽريليا، ننڍي کنڊ ۽ سنڌ ۾ ڪڏھن ڪڏھن وڌيڪ مينهن وسي ٿو جيڪو ٻوڏ جي صورت به اختيار ڪري وڃي ٿو.
هاڻي اسان کي اهو ذهن نشين ٿي ويو ته موسمياتي تبديليءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن. وڏي ڳالھ ته اسان کي اها به خبر پئي ته هن ڌرتيءَ کي ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ پنهنجي هٿن سان منفي سرگرمين سبب تباهه ڪري رهيا آهيون. هاڻي اسان کي نه پر پوري دنيا جي حڪمرانن سميت عام ماڻهن کي جنگي بنيادن تي ڪجهه ماحول دوست قدم کڻڻا پوندا ۽ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. پهريان ته جيڪي به ترقي يافته ملڪ آهن اهي پنهنجون صنعتون بند ڪن جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، نائٽرس آڪسائيڊ، ميٿين، ڪلورو فلورو ڪاربان گئسون ۽ ٻيا ڪيميائي مادا خارج ڪري گرين هائوس گئسز ۾ اضافو ڪري رهيون آهن. خاص ماڻھن کان وٺي عام ماڻهو تائين سڀ پيٽرول/گئس تي هلندڙ ننڍين وڏين گاڏين کي ترڪ ڪري پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن يا پنڌ ڪرڻ کي ترجيح ڏين. ڪشادا ۽ هوادار گهر ۽ آفيسون ٺاهيون وڃن ته جيئن گهٽ کان گهٽ ايئرڪنڊيشنر استعمال ڪجن. وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن. ان کان علاوه عام ماڻهن کي به هن مسئلي بابت سولي طريقي سان آگاهي ڏجي ته جيئن هو به ماحول دوست قدم کڻي پنهنجو حصو وجهي سگهن. هن دفعي به سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي پيشن گوئي ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ اميد آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي عوام کي بچائڻ لاءِ اڳواٽ تياري ڪئي هوندي ۽ ڳوٺن ۽ شهرن کي ٻڏڻ کان بچاءُ لاءِ حفاظتي قدم کنيا هوندا ته جيئن ان قدرتي آفت جي ڪري نقصان کي گهٽائي سگهجي.