بلاگنئون

سال 25-2024ع جي بجيٽ پاس عوام لاءِ ڳرا ٽيڪس اسيمبلي ميمبرن جي مراعتن ۾ واڌ

ملڪ جي ايندڙ سال جي لاءِ بجيٽ پاس ٿي چڪي آهي، جنهن تي مخالف ڌر واڪ آئوٽ ڪيو، پ پ حڪومت جي حمايت ڪئي، مخالف ڌر جون تجويزون رد ڪيون ويون، پيٽروليم تي ليويز ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو، اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويو، گئس ۽ بجلي جي اگهه ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو، مجموعي طور تي بجيٽ عوام جي لاءِ سودمند نه رهي آهي. سبب اهو آهي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجيٽ ٺاهي وئي آهي.
وزير خزانه دعويٰ ضرور ڪئي آهي ته اسان ملڪ جي موجود وسيلن ۾ رهندي بهتر کان بهتر بجيٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عام طور تي اهو چيو ٿو وڃي ته اها بجيٽ اشرافيه جي لاءِ پيش ڪئي وئي آهي ۽ جن ڳالهين تي آءِ ايم ايف جو مطالبو هو ته وڌيڪ ٽيڪس امير طبقي تي لڳايا وڃن اهي نه لڳايا ويا آهن ۽ ٽيڪسن جو رخ سڌو يا اڻ سڌو عام عوام طرف آهي. ان جو مثال اهو آهي ته جيڪڏهن پيٽرول وڌندو ته بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌارو ايندو ۽ متاثر ته عام عوام ئي ٿيندو. ٻئي پاسي ڏسجي ٿو ته پاڪستان سرڪار قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ تمام گهڻو واڌارو ڪيو آهي. شايد انهن کي اهو فائدو ان ڪري ڏنو ويو آهي جو انهن بجيٽ پاس ڪرڻ ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن پگهارن ۾ واڌاري جي پڻ مخالفت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ واڌاري مان اهي پڻ فيضياب ٿيندا. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس وڌائڻ سان ان طبقي جي پريشاني ۾ واڌارو ايندو، پر حڪومت انهن جي پريشاني طرف ڌيان نه ڏنو. سولر پينل انوينٽر ۽ بيٽرين ۾ استعمال ٿيندڙ سامان تي ٽيڪس جي ڇوٽ کي برقرار رکيو ويو آهي. انهيءَ عمل کي بهتر چئي سگهجي ٿو. سبب اهو آهي ته اسان وٽ بجلي عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندي پئي وڃي. سبب اهو آهي ته بجلي حد کان وڌيڪ مهانگي ٿي چڪي آهي ۽ لوڊشيڊنگ جو عذاب پڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، عام ماڻهو چڪيءَ ۾ پيسجي پيو، ان ڪري هو ڪوشش ڪري شمسي توانائي طرف وڃي رهيو آهي. ان ۾ ڪم ايندڙ شيون سستيون ٿينديون ته ان جو لاڀ عام ماڻهو کي ضرور پوندو. ملڪ ۾ جڏهن به سالياني بجيٽ پاس ٿيندي آهي ته ان کانپوءِ هميشه ايئن ٿيندو رهيو آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ هڪ سپليمينٽري بجيٽ آندي ويندي آهي جنهن جي ڪري ماڻهن جي مٿان معاشي بار اڃان به وڌي ويندو آهي. عام پاڪستاني هن حڪومت مان جيڪا توقع ڪئي هئي ته بجيٽ عوام دوست هوندي، سندس اها توقع ته پوري نه ٿي سگهي، پر هاڻي اها توقع ڪئي ٿي وڃي ته ڪابه سپليمينٽري بجيٽ نه ايندي. پيٽرول جي اگهن کي قابوءَ ۾ رکيو ويندو، جنهن جو خدشو آهي ته ايندڙ مهيني کان انهن ۾ واڌ ٿيڻ جا گهڻا امڪان موجود آهن.
اسٽيشنري تي ٽيڪس لڳائڻ جي سمجهه نه آئي اهو ملڪ جتي اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر هجن صرف ان ڪري ته هنن وٽ ڪتاب خريد ڪرڻ جا، بال پينن خريد ڪرڻ جا، رٻڙ، پينسلون ۽ شاپنر خريد ڪرڻ جا پئسا نه هوندا آهن، هن ٽيڪس لڳڻ کانپوءِ اهي سڀ شيون پڻ مهانگيون ٿينديون، جنهن جو بار ٻارن جي والدين تي پوندو، جيڪي پنهنجي پيٽ کي بکيو رکي ٻار پڙهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ طرف حڪومت جو ڌيان بلڪل نه ويو. اهو ضرور ٿيو ته پنج پنج هزار يونٽ بجلي فري حاصل ڪندڙ اشرافيه جي طبقي کان هڪ يونٽ به واپس نه ورتو ويو. عام ماڻهو اهو سمجهڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته بجيٽ جي انگن اکرن جي راند صرف ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ رچائي وڃي ٿي. بجيٽ جو فائدو صرف هڪ طبقي کي ڏنو وڃي ٿو، غريب عوام طرف ڌيان نٿو ڏنو وڃي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ غربت، جهالت، بيروزگاري وڌي رهي آهي، پر حاڪمن کي ماڻهن جي انهن تڪليفن جو احساس نه آهي.