انتهائي افسوسناڪ خبر آهي ته ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي دهشتگردن طرفان خودڪش ڌماڪو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين رپورٽن موجب 30 کان مٿي بيگناهه ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي آهن جيڪي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتالن ۾ داخل ٿيا آهن جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻيءَ جوڳي آهي. دهشتگرد ۽ دهشتگردي ڪهڙي به روپ ۾ هجي، ڪهڙي به نالي سان هجي انهيءَ جو مقصد دهشتگردي ڪري بيگناهه ماڻهن جون جانيون وٺڻ هوندو آهي. عام ماڻهو ۽ عام مسافر انهن جو آسان نشانو هوندو آهي، جن تي حملو ڪري سندن جانيون وٺي پوري ملڪ ۾ خوف ۽ حراس جي فضا قائم ڪئي ويندي آهي، جيڪا اسان وٽ نظر اچي ٿي.
خيبر پختونخواهه هجي يا بلوچستان هجي ايستائين جو سنڌ جي گاديءَ وارو شهر ڪراچي به محفوظ نه آهي. مختلف نالن سان دهشتگرد تنظيمون ڪارروايون ڪري رهيون آهن ۽ جيڪڏهن انهن تي ڪا سختي ٿئي ٿي ته پوءِ ڪيتريون ئي سياسي ۽ مذهبي تنظيمون اڻ سڌي طرح انهن جي وڪالت ڪن ٿيون. هن وقت بلوچستان دهشتگرد ڪاررواين جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. دهشتگرد تنظيمون قومرپستن جي نالن سان نوجوان بلوچن کي جذباتي ڪري غلط رستو ڏيکاري اهڙيون ڪارروايون ڪرائين ٿيون جنهن سان نه صرف انهن جي جان هلي وڃي ٿي، پر ان جهڙن ٻين بلوچ نوجوانن تي پڻ رياست جي فطري طور ڪاوڙ ٿي وڃي ٿي. اڃان 8 تاريخ نومبر جي بلوچستان جي هڪ نوجوان بلوچستان جي هڪ ايم اين اي ۽ آءِ جي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته هن وقت هو پنجاب يونيورسٽي ۾ ٽئين سال جو شاگرد آهي ان کي جذباتي بڻائي دهشتگرد تنظيم بي ايل ايل پنهنجو ڪري پهاڙن تي موڪلي ڇڏيو، پر هن کي احساس ٿيو ۽ هو ڀڄي اچي گورنمينٽ جي پناهه ۾ ويٺو ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي. ان جي صرف 24 ڪلاڪن کانپوءِ ڪوئيٽا اسٽيشن تي هي ڌماڪو ٿيو آهي. بلوچستان جا دهشتگرد هاڻي ڪنهن نسلي تفريق کان بغير بيگناهه ماڻهن کي مارڻ جون ڪارروايون جاري رکيو اچن ٿا، ايستائين جو سندن ظلمن کان معصوم اسڪولي ٻار به محفوظ نه آهن، اهڙوئي واقعو پنجگور اسڪول ۾ ٿي چڪو آهي. ڪوئلي جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ بلوچ مزودر پڻ ڪاررواين جو نشانو بڻجي رهيا آهن ۽ يقينن هن ڌماڪي ۾ پڻ بلوچ نسل جا بيگناهه ماڻهو پڻ مارجي ويا هوندا. اسان نسلي تفريق جي خلاف آهيون، هنن سٽن لکڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته دهشتگرد صرف دهشتگرد هوندو آهي، سندس نسل، سندس شناخت دهشتگردي کان سواءِ ڪجهه به نه هوندي آهي، ان جو مقصد بينگاهه ماڻهن کي ماري خوف جي فضا قائم ڪرڻ هوندي آهي. ڇو ته بيگناهه ماڻهن کي آساني سان نشانو بڻائي موت جي منهن ۾ موڪلي سگهجي ٿو. جيئن ڪوئيٽا اسٽيشن تي پهتل هي مسافر پنهنجن خاندانن سان ملڻ لاءِ پنهنجن پنهنجن شهرن ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا، پر دهشتگرديءَ جي ڪارروائي سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا. اسان دهشتگردي جي سخت مذمت ڪندي پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته عام بيگناهه ماڻهن کي تحفظ ڏنو وڃي. اربين رپيا سيڪيورٽي ايجنسين تي خرچ ٿيڻ جي باوجود، پوليس، ليويز، ايف سي ايستائين جو آرمي پڻ بلوچستان ۾ موجود هئڻ جي باوجود بلوچستان جي گادي واري هنڌ تي ريلوي اسٽيشن تي خودڪش بمبار جو پهچڻ انهن سڀني ايجنسين جي ناڪامي آهي. اهي ئي پوليس وارا ڪنهن شريف مسافر کان سندس سامان جي ايئن جهڙتي وٺندا آهن ڄڻ اهو مسافر سامان نه، پر بارود کڻي گهمي رهيو هجي، پر جڏهن خودڪش بمبار اچن ٿا ته پوءِ سندن چڪاس، واڪ ٿرو گيٽ ۽ ايجنسيون ڪٿي گم ٿي وڃن ٿيون جو اهڙا واقعا پيش اچن ٿا. دنيا اسان کي هڪ پر خطر ملڪ چوي ٿي، دنيا جا ماڻو پاڪستان ۾ اچڻ کان ڪيٻائين ٿا. ملڪ هن وقت معاشي استحڪام جي دڳ تي هلڻ شروع ڪيو آهي. سياسي استحڪام پڻ ايترو خراب نه آهي، پر هاڻي دهشتگرد پنهنجي حملن سبب ملڪ کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. انهن دهشتگردن کي ختم ڪرڻ، دهشتگردي جي ڪارروائي کي ٿيڻ کان پهرين روڪڻ اها سڄي ذميواري ملڪ ۾ موجود ايجنسين جي آهي.
هاڻي حڪومت صرف ايترو ڪندي جو هنن شهيدن جي مائٽن کي ۽ زخمين کي پئسا ڏئي عوام کي اهو ڏيکاريندي ته هنن پنهنجي ذميواري ادا ڪئي آهي، پر ائين آهي ڪونه. ٻه ٽي لک جي رقم ملڻ سان ڪنهن به ماءُ جو جوان پٽ، ڪنهن ڀيڻ جو جوان ڀاءُ ۽ ڪنهن وني جو مڙس واپس نه ايندو. انهن خاندانن جو روڳ پوري زندگي هلندو رهندو. اسان جو مطالبو حڪومت سان ۽ اپوزيشن سان آهي ته اهڙين ڪارروائين جي خلاف پاڻ ۾ متحد ٿيو ۽ بلوچستان جو قومپرست جماعتون پڻ اهڙين ڪاررواين جي کلي عام مذمت ڪن ۽ جيڪڏهن سندن وس ۾ آهي ته حڪومت جو ساٿ ڏئي اهڙن سماج دشمن فردن ۽ تنظيمن جي نشاندهي ڪن، جيئن انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي سگهجي ۽ بيگناهه ماڻهن جون جانيون مستقبل ۾ بچائي سگهجن.