بلاگنئون

وهي کاتي جا پنا

ليکڪ: لڇمڻ داس (آتم ڪٿا)

ورھاڱي جي تاريخ تي ڪي ھزارين ڪتاب لکيا ويا آھن ۽ مون انھن منجھان گھڻا نه ته به سوين ڪتاب ته ضرور پڙھيا ھوندا. اھڙن ڪتابن ۾ مون ڪجھ اھڙا ڪتاب به پڙھيا آھن جيڪي ڌارين جا لکيل آهن، ڌارين ٻولين خاص ڪري انگريزي ۾ لکيل آھن. ساڳئي موضوع تي لکيل مون ڪجھ اھڙا ڪتاب به پڙھيا آھن جيڪي ديسي ماڻھن ڌارين ٻولين جھڙوڪ: انگريزي يا اردو ۾ لکيا آھن، پر ان موضوع تي مون ڪڏھن به اھڙو ڪتاب، خاص ڪري آتم ڪٿا، ناھي پڙھيو جيڪو سھڻي سنڌ مان لڏي ويل ڪنھن سھڻي سنڌي ماڻھوءَ جو اسان جي سھڻي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ھجي.

اھا منھنجي ڪيڏي نه خوش قسمتي آھي جو لڇمڻ ڪومل جو ڪتاب ‘وھي کاتي جا پنا’ ورھاڱي جي موضوع تي منھنجي پنھنجي ٻولي ۾ لکيل پھريون ڪتاب آھي، جيڪو مون ڪي ٻه ھفتا اڳ پڙھي پورو ڪيو. ھن ڪتاب مون کي پنھنجي سحر ۾ ائين وڪوڙي ڇڏيو جيئن ڪنھن زماني ۾ انگريز ناول نگار ميان جانيٿن سئفٽ پنھنجي جڳ مشھور ناول ‘گليورس جا سفر’ سان ڦوھه جواني ۾ منھنجا سسراٽ ڪڍرائي ڇڏيا ھئا. مُون اھڙا ليکڪ تمام گھٽ ڏٺا ۽ پڙھيا آھن، جيڪي اڳئين ماڻھو کي ڪڙي کان ڪڙو سچ به اھڙي مٺڙي ۽ تکي طنزيه ٻوليءَ ۾ چئي وڃن جو اڳئين جو پٽڪو به لھي وڃي ۽ اھو ماڻھو محسوس به نه ڪري. لڇمڻ ڪومل جيڪو منھنجو ڳوٺائي پڻ ھو، جو به انداز بيان اھڙو پراثر، وڻندڙ، ترش ۽ مٺڙو آھي جيڪو پڙھندڙ تي اڻ پيتي جا نشا چاڙھي ٿو ڇڏي. آئون چاھيان ٿو ته پڙھندڙن کي ڪتاب جو سرسري احوال ڏيان پوءِ روايتي تنقيدن جا تير وھائي اڄ جي نون آتم ڪٿائون لکندڙ لڇمڻن کي پنھنجي حقير ڄاڻ سان آگاھي ڏيان ته آتم ڪٿا ڪيئن لکبي آھي؟

‘وھي کاتي جا پنا’ لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا آھي. لڇمڻ جو ھي ڪتاب سال 2015 ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب ۾ لڇمڻ پنھنجي پوري زندگيءَ جو احوال تمام دلچسپ ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڪيو آھي. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آھي ته ھي ڪتاب ھڪ اعليٰ قسم جي زرخيز ادبي سنڌي ٻولي ۾ لکيل ھڪ انمول شھپارو آھي. مون کي خبر ناھي ته سنڌي ادب ۾ آتم ڪٿا جي ابي جو لقب  ڪنھن قلمڪار کي ڏنو ويو آھي يا نه، پر جيڪڏھن ڪير مون کان پڇندو ته آئون بلا ڌڙڪ اھو تاج لڇمڻ جي اڇڙن وارن واري مٿي تي رکي ھو جمالو تي رقص ڪندس!، پر اھو شايد وقت کان اڳ جو فيصلو ھوندو. اڄوڪي زماني جي معيارن جي حساب سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته لڇمڻ ڪو ايڏو وڏو ماڻھو نه ھو، پر ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ معلوم ٿو ٿئي ته ھو اڄ واري دور جي مدي خارج معيارن کان سوين دفعا اتم ۽ عظيم ماڻھو ھو، جنھن ھڪ لازوال زندگي گذاري. آئون چاھيان ٿو ته آئون پڙھندڙن کي ان لازوال ماڻھو جي با ڪمال زندگي بابت ٻڌايان پوءِ اڳتي وڌان.

لڇمڻ ٽٽل دل ۽ آلين اکين سان ٻڌائي ٿو ته ‘ھن جو خاندان سنڌ جي شھر ڪنڊيارو جو ھو. ھنن جو اصل ڳوٺ ڊڀڙو (ڊڀرو) ھو ۽ پوءِ لڏي اچي ڪنڊياري ويٺا ھئا. سندس تعلق ھڪ پڙھيل لکيل زميندار گھراڻي سان ھو، پر ورھاڱي جي ڪري (جنھن کي ھو جلاوطني سمجھي ٿو)، ھنن کي ھندستان ڏانھن سفر ڪرڻو  پيو.’ لڇمڻ 1936 ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس خاندان کي 1947 ۾ ئي ٽپڙ کڻي جان بچائڻ لاءِ ھندستان ڏانھن ڀڄڻو پيو. لڏڻ وقت لڇمڻ جي عمر فقط يارهن سال ھئي. لڇمڻ پنھنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي ھندستان لاءِ نڪتو. جيئن ته سندن والد ديوان چيلا رام سرڪاري آفيسر ھو، تنھنڪري اھو پاڪستان ۾ ئي رھيو. ورھاڱي وقت لڇمڻ جي والد جي پوسٽنگ نوابشاھ ضلعي ۾ ھئي. لڇمڻ جي والده سنڌ جي شھر راڻيپور جي ۽ سچل سائين جي پاڙيسري ھئي.

ڪنڊياري کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان ھندستان سفر دوران لڇمڻ جي ننڍڙي معصوم ڀيڻ سفر جي بک، اڃ ۽ تڪليفن جي ڪري پاڻي واري جھاز ۾ گذاري وئي ‘جنھن کي ٻين مري ويلن ماڻھن سان گڏ سمنڊ ۾ اڇلايو’ ويو. بھرحال ڏکيو، سکيو سنڌ مان لڏي ويل ٻين ماڻھن سان گڏ ھي وڃي ھندستان پھتا ۽ شروع ۾ پناھگير ڪيمپن ۾ رھڻ لڳا. پوءِ وري ھندستان جي مختلف شھرن جھڙوڪ: احمدآباد، اجمير، گجرات کانپوءِ وڃي ڪانپور رھڻ لڳا. سندن والد صاحب نوڪري جي ڪري نوابشاھ ۾ ئي رھيو.

ڪتاب پڙھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته لڇمڻ ھڪ ذھين، شرارتي، عياش ۽ انتھائي رول قسم جو ماڻھو ھو. زندگي جي ڌڪن ٿاٻن ھن کي ڪڏھن ڪٿي ته ڪڏھن ڪٿي رھڻ تي مجبور ڪيو. محنت، مزدوري به ڪئي ته زماني جا ظلم به سٺا. مطلب لڇمڻ تمام ننڍي عمر ۾ گھڻو ڪجھ برداشت ڪيو ۽ سکيو.

وقت سان گڏ ھنن کي پنھنجا ٻيا به سنڌي ھندو ملندا ويا ۽ آھستي آھستي، لڇمڻ جو خاندان به پنھنجو ڪو مسقل ٺڪاڻو ڪرڻ لاءِ ھڪ مسواڙ جي گھر ۾ رھڻ لڳو. ڪجھ عرصي بعد سندس والد ديوان چيلا رام به ھندستان پھچي ھنن کي ڳولهي لڌو. ٿوري ئي عرصي ۾ لڇمڻ جي والد صاحب کي سٺو سرڪاري عھدو ملي ويو ۽ ھنن جو خاندان دھلي شفٽ ٿي ويو جتي لڇمڻ ۽ سندس ڀاءُ ھاسو ۽ ڀينرون پڙھڻ لڳا.

ڪتاب پڙھڻ مان اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته لڇمڻ ھر فن مولا ماڻھو ھو. پيٽ پالڻ لاءِ ھن ٿيٽرن تي ناچو ٿي به نچيو ته ننڍيون ننڍيون ملازمتون به ڪيون. زندگي ۾ چار عشق ڪيا جن مان ٽي لاحاصل رھيا. آخري عشق گوپي نالي ھڪ ڇوڪري سان ڪيو جنھن سان بعد ۾ سندس شادي ٿي. سندس زال گوپي به سنڌي ڇوڪري ھئي ۽ ھندستان جي سرڪار ۾ تمام وڏي عھدي تي نوڪري ڪندي ھئي. گوپي سان ھن جو تعلق دھلي ڪاليج ۾ پڙھڻ دوران ٿيو. گوپي اصل ۾ حيدرآباد جي ھئي. گوپي منجھان لڇمڻ کي ٽي ٻار لالي (پٽ) ۽ رجني ۽ سنڌو (ڌيئر) پيدا ٿيا جيڪي اڳتي ھلي آمريڪا جا شھري ٿي آمريڪا ۾ اعليٰ عھدن تي فائز ٿيا.

جواني ۾ ئي لڇمڻ اھو پڪو پھ ڪري ڇڏيو ھو ته سرڪاري نوڪري ناھي ڪرڻي تنھنڪري ھن ٻه ٽي پرائيويٽ نوڪريون ڪيون، پر بعد ۾ ڇڏي ڏنيون. اڳتي ھلي وقت ڦيرو کاڌو ۽ لڇمڻ ھندستان جي وڏي ۾ وڏي اخبار ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. صحافت کان علاوه لڇمڻ، ادب سان به وابسطا رھيو ۽ ھندستان ۾ سنڌي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ، ٻين سنڌي ھندن سان گڏجي تمام گھڻو ڪم ڪيو. شعر، شاعري کان علاوه لڇمڻ سنڌي اسٽيج ڊراما وغيره به ڪيا.

لڇمڻ ساڳي وقت سنڌ ۽ سنڌين سان به ڳنڍيل رھيو. ھن سنڌ جا ڇھ ست دورا ڪيا. لڇمڻ جي سنڌ جي تمام سنڌي اديبن سان تمام گھري دوستي ھئي. امر جليل سندس ويجھي ۾ ويجھو دوست ھو. امر جليل ۽ لڇمڻ ساڳي ئي سال ۾ ڄاوا ۽ ساڳي ئي سال ۾ ھنن جي شادي ٿي ھئي. لڇمڻ ھن ڪتاب ۾ سنڌي ماڻھن سان پيار جو به پڻ تمام گھڻو اظھار ڪيو آھي، پر ساڳئي وقت ڪافي ميارون به ڏنيون آھن. خاص ڪري امر جليل لاءِ لڪيل ڇپيل لفظن ۾ گھڻو ڪجھ چيو آھي. ڪتاب جي اختتام تي چوي ٿو ته، ‘انسان جا ٻه ئي مستقل دوست آھن: ھڪ ڪتاب ۽ ٻيو شراب.’ اھو اشارو شايد امر جليل ڏانھن آھي، ڇو ته پاڪستان جي ھڪ دوري دوران، لڇمڻ امر جليل سان اسلام آباد ۾ ملڻ پئي چاھيو، پر امر جليل ملڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو (مارشلا جو دور ھو) لڇمڻ وٽ اسلام آباد جي ويزہ به ھئي، پر… بھرحال سنڌي ادب کان علاوه لڇمڻ نه صرف اردو، انگريزي، ھندي ۽ رشين، پر باقي دنيا جي ادب سان گڏوگڏ ھندستان ۽ سنڌ جي تاريخ جو به خاصو ذڪر ڪيو آھي. مرزا غالب، مير تقي مير، فيض احمد فيض، ملڪئه ترنم نورجهان، سنجي دت، اميتاڀ بچن، قرت العين حيدر ۽ ٻين جو خاصو احوال ڏنو آھي. ھو لکي ٿو ته ‘اميتاڀ بچن جي ناني سنڌ جي شھر ڊگھڙي جي ھئي ۽ اميتاڀ موڪلن ۾ اچي ڊگھڙي رھندو ھو.’ نورجهان سندس پھرئين ڪرش ھئي. سنڌ جي لوڪ فنڪاره ‘مائي ڀاڳي به اصل ھندستان جي شھر پالڻپور جي ھئي.’ لڇمڻ سنڌ جي مھان شيخ اياز تي به ھلڪا ڦلڪا تنقيد جا تير ھنيا آھن، جيڪي گھڻي قدر حقيقت تي مبني لڳن ٿا. ‘ھو لکي ٿو ته اياز زندگي جي آخري ايامن ۾ مذھبي لاڙو ورتو ۽ اھڙي قسم جي شاعري پڻ ڪئي.’ پڙھندڙن کي منھنجي صلاح آھي ته ڪتاب پڙھي وڌيڪ اوک ڊوک پاڻ ڪن.

لڇمڻ ساڳئي ئي وقت سياسي ماحول سان به ڳنڍيل رھيو. ھن ذوالفقار ڀٽي، ضياءُالحق، بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري سان به ملاقاتون ڪيون. ڀٽي سان ملاقات ۽ شمله معاهدي جو برجستو احوال ڏنو اٿائين.

لڇمڻ ڪتاب جو اختتام غير منتقي انداز سان ڪري ٿو. ڪتاب جي پڄاڻي لڇمڻ جي آمريڪا جي دوران ٿئي ٿي، ڇو ته سندس اولاد اتي رھيل آھي ۽ پاڻ به آمريڪي شھريت حاصل ڪري چڪو آھي. ڪتاب جي آخري حصي ۾ ترقي يافته ملڪن خاص ڪري آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ وڌندڙ ڇڙواڳي ۽ آزادي جي منفي اثرن تي ڇوہه ڇنڊيا اٿس. اھڙي ڳالھ حقيقن جي منافي لڳي ٿي. ڇو ته ھندستان جا پنھنجا حالات، آمريڪا کان بنھه مختلف ناھن.

ھي ڪتاب تمام زبردست لکيل آھي. لڇمڻ ھي ڪتاب لکڻ تي جس لھي. مون سنڌي ادب ۾ اھڙي قسم جي دلچسپ آتم ڪٿا ھن ڪتاب کان اڳ نه پڙھي آھي. ھي ھڪ مڪمل ڪتاب آھي جنھن ۾ تاريخ به آھي ته ادب به، الميو به ته مذاق به، سونھن ۽ عشق به، پيار به ته بيھودگي به، اميري به ته غريبي به. ڪتاب پڙھندي پڙھندي ڪڏھن دل روئڻ لاءِ ٿي چوي ته ڪڏھن وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي بي حساب کلڻ تي به. ڪتاب حقيقت پسندي ۽ طنز و مزاح جو حسين سنگم آھي. لڇمڻ جي طنز کان نه ماڻھو بچيل آھي ۽ نه ئي مذھب. لڇمڻ پنھنجي وڌندڙ عمر ۾ آتم ڪٿا لکڻ شروع ڪري ٿو ته ھو لکي ٿو ته ‘ھن اڇي مٿي ۾ زندگي جو ڪارو اعمال نامو لکي رھيو آھيان.’ يا ڪنھن سنجيده موقعي تي اھڙو دلچسپ لطيفو ٿو ٻڌائي جو پڙھندڙ کي پاڻ ڏانھن وڌيڪ متوجهه ڪري ٿو. لڇمڻ جون ڪجھ دلچسپ ڳالھيون ھيـٺ ڏجن ٿيون.

‘موقعو ملندي ئي مون ٽائيمز آف انڊيا ۾ بطور صحافي نوڪري شروع ڪري ڏني ۽ تمام جلد ئي مون محسوس ڪري ورتو ته رنڊي ۽ صحافي جو ڌنڌو شروع ئي شام ٿيڻ کانپوءِ ٿيندو آھي.’

‘پاڙي جي ھڪ بنگالڻ ڀوڏ ڪتو پاليو ھو، جيڪو سڄي رات ڀونڪي، نه ننڊ ڪرڻ ڏيندو ھو ۽ نه مون کي لکڻ پڙھڻ. ھڪ ڏينھن وڃي چيومانس، جان من، تنھنجو ڪتو ڏاڍو پيارو آھي. اھو مون کي وڪڻي تون ڪو نئون پپي پال، مائي ٽي سئو ۾ سودو طئي ڪيو. ڪتو خريد ڪري ٻئي ڏينھن ميونسپالٽي وارن کي فون ڪري، ڪتن پڪڙڻ واري گاڏي گھرائي اماڻي ڏنم. ٽن سئو رپين ۾ سڪون خريد ڪرڻ سياڻپ ڀريو سودو ھو.

‘منھنجي اڳيان ھڪ تصوير رکي آھي، ويھ ٻاويھ سال پراڻي. ان تصوير ۾ جيون ھئم، ھريڪانت ۽ مان ڪنھن دعوت ۾ مھمانن کي ماني کارائي پياري، ھڪ ئي پليٽ مان ڪجھ بچيل سچيل ھڪ ٻئي کي کارائي رھيا آھيون. چئني جي چھري تي سرھائي ۽ منھن تي مرڪ آھي. اڄ انھن مان ٽي مرڪون مون کان موڪلائي منھنجي منھن تي اھا مايوسي ملي ويا آھن، جنھن کي اگھڻ لاءِ مون وٽ ڪو اوڇڻ ئي نه رھيو آھي.’

‘مان زندگي ۾ چئن چيزن سان بي انتھا محبت ڪندو رھيو آھيان: ڪتاب، سنگيت، عورت ۽ دوست. انھن مان پھريون ٽي چيزون مون کي سمجھ ۾ نه اينديون آھن ۽ چوٿين مون کي سمجھي نه سگھندي آھي. ان ڪري چوياري ۾ مان سدائين بدنام پئي رھيو آھيان، پر ھاڻي مون کي احساس ٿيو آھي ته اھا بدنامي يارن جي وڇوڙي جي بدبختي کان بدرجه بھتر آھي.’

‘منھنجي شادي جي ٽن سالن جي اندر اسان کي ٻه ٻار ٿيا. ٻئي ڌيئرون ڄايون، رجني ۽ سنڌو. ٻنھي نياڻين جي ڄمڻ تي مان ۽ منھنجي گھرواري گوپي ڏاڍا خوش ٿياسين… اسان جي سنڌي قوم وٽ نياڻي جو جيڪو تصور آھي اھو شايد دنيا جي ٻئي ڪنھن قوم وٽ ناھي… سنڌي مسلم سماج ۾ نياڻي کي ست قرآن مڃيو ويندو آھي ۽ سنڌي ھندو نياڻين جا نالا گيتا، گنگا، لڪشمي ۽ سرسوتي وغيره رکندا آھن. ھندستان ۾ اچي اسان مان ڪيترن پنھنجين نياڻن جا نالا سنڌو به رکيا آھن. سنڌ جي تاريخ ۾ نياڻين اڳيان وڏن وڏن جابرن به پنھنجا ھٿيار ڦٽا ڪيا آھن.’

‘مون ھميشه اھوئي چاھيو آھيو ته منھنجو پٽ ڪنھن سنڌياڻي سان ئي شادي ڪري، خواھ اھا عاملياڻي ھجي، ٻانڀڻياڻي ھجي، واياڻي ھجي، سيدياڻي ھجي، امتياڻي ھجي، ٻروچياڻي ھجي، آرياڻي ھجي، خواھ باگڙياڻي ھجي، پر سنڌياڻي اوس ھجي، پر ھن وڃي ايڊنبرگ جي  اسڪاٽياڻي سان لائون لڌيون. ڪٿان جا ميل ڪٿي ٿا ٿين؟.. ڪٿي ڊڀڙي ۽ ڪنڊياري جي سيٺ ڏامي مل جو تڙ پوٽو ۽ ڪٿي اسڪاٽلينڊ جي اديب سر والٽر اسڪاٽ جي پڙ پوٽي، تڙ پوٽي.’؟

مٿي ڏنل چونڊ ڳالھيون لڇمڻ جي ذھني سجاڳي، حقيقت پسندي، سنڌ سان لازوال محبت، معاشري تي مٺي تنقيد ۽ دوستن کان وڇڙڻ جي درد ڪيڏيون گھريون ڳالھيون ڪھڙن سھڻن ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪيون آھن.

باوجود ھزارين خوبين جي، ھن ڪتاب ۾ ڪن ٻن ٽن شين جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، پر سٺاين کي ڏسي انهن کي درگذر ڪرڻو پوي ٿو.  ھڪ ته ھي ڪتاب تمام وڏو آھي جنھن جا چار حصا آھن، پر اصل مسئلو اھو آھي ته ڪافي ڳالھيون بار بار دھرائجن ٿيون. ائين ٿو محسوس ٿئي ڪنھن ڊرامي جون قسطون پڙھي يا ڏسي رھيو آھيان.

ھن ڪتاب جو ٻيو مسئلو اھو آھي ته ھي ڪتاب ٽڙيل پکڙيل آھي. سرسري ڪھاڻي ناھي. ڪا ڳالھ ڪاٿي آھي ته ڪا ڳالھ ڪاٿي. لڇمڻ ھر ڳالھ لاءِ لکيو آھي ته فلاڻي ڳالھ اڳتي ھلي ڪندس. بار بار اھو لکڻ تنگ ڪندو رھي ٿو ۽ تيستائين اھا ڳالھ ئي وسري ٿي وڃي. ٽئين ڳالھ ته ھن قائداعظم کي پاڪستان جو وزيراعظم ۽ آصف زرداري کي وقتي صدر ڪري لکيو آھي جيڪا ھڪ تاريخي غلطي آھي ۽ نه ھجڻ گھرجي ھا. اھڙن معاملن ۾ ليکڪ کي ھميشه سرڪاري انگ اکر ڏسڻ گھرجن. ھڪ ننڍڙي غلطي جي ڪري پڙھندڙ، ليکڪ کي غير ذميوار سمجھندا. آخري ڳالھ اھا آھي ته ايڏي زبردست ڪتاب جو ڪوبه اختتام ئي ناھي.! ايڏو زبردست ڪتاب لکڻ کانپوءِ آخري باب ۾ لڇمڻ پنھنجي سڄي زندگي ۽ ڪتاب ۾ لکيل ڳالھين جو تجزيو ڪري اختتام ڪري ھا ته سون تي سھاڳ ٿي وڃي ھا، پر ڪتاب ائين ختم ٿو ٿئي جيئن فلم ۾ ڪو رومانٽڪ سين شروع ٿيڻ وارو ھجي، پر بجلي ھلي وڃي. اھو کڻي مڃجي ته لڇمڻ کي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ صحت جي مسئلن کي منھن ڏيڻو پيو، پر جيڪڏھن آخري باب سان گڏ اختتامي تجزيو به لکي وڃي ھا ته بھتر ھو. الائي ڇو ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ آخري پنو ڪنھن ٻئي ماڻھو لکيو آھي يا بيماريءَ جي ڪري لڇمڻ جي ذھني حالت تبديل ۽ مايوسي جو شڪار ٿي وئي آھي. مون دنيا جي ڪيترن وڏن ماڻھن ۽ اديبن جون انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪافي آتم ڪٿائون پڙھيون آھن. مون گانڌي کي به پڙھيو آھي ته نيلسن منڊيلا کي به؛ مون نھرو، بينظير، مشرف، ايوب خان، ولي خان، ارونڌتي راءِ ۽ ٻين ڪيترن کي ئي پڙھيو آھي. اھڙي طرح آئون سنڌي ٻوليءَ ۾لکيل سنڌي اديبن جون به ڪافي آتم ڪٿائون پڙھي چڪو آھيان. شيخ اياز کي پڙھان پيو. ڪريم بخش نظاماڻي ۽ موھن ڪلپنا جون آتم ڪٿائون انتظار ۾ آھن.

دنيا جا ڏاھا جڏھن پاڻ تي لکندا آھن ته اھي پاڻ سان پيش ايندڙ مسئلن تي لکي ٻڌائيندا آھن ته انھن ڪھڙن ڪھڙن ڏکين مرحلن کي ڪيئن منھن ڏنو. منڊيلا جي آتم ڪٿا کي ئي ڏسي وٺو؛ ڇا ته ڪتاب جو نالو آھي ۽ ڇا ته ان ۾ مواد آھي!، پر اسان جا ماڻھو جيئن ته گانڌي، منڊيلا ۽ ارونڌتي کان ڪجھ وڌيڪ پڙھيل ۽ فھم ۽ فڪر رکن ٿا، تنھنڪري پوءِ کڻي شيخ اياز ھجي يا ٻيو ڪير، اھي پاڻ تي لکڻ جي بدران، دنيا جي ادب، فلسفي ۽ تاريخ جي ڊيمن جا بند کولي مون جھڙن گھٽ پڙھيل ماڻھن کي اھڙو ته منجھائين ٿا جو منڊيلا، گانڌي يا ارونڌتي جھڙا سادڙا ليکڪ ته سمجھي ٿا وڃون، پر سنڌي ۾ آتم ڪٿائون لکندڙ ڏاھا سمجھ ۾ نٿا اچن!! حقيقت اھا آھي ته ھڪ وڏو لکاڙي پاڻ تي لکي ٻين کي اتساھ ڏئي وڏي ٿيڻ جا گر سيکاريندو آھي، پر اسان جي ادب ۾ خاص ڪري آتم ڪٿائن ۾ ائين نه پيو ڏسجي. آئون سمجھان ٿو ته اسان وٽ آتم ڪٿا جي فن کي اڃان ڪن گھٽ ماڻھن سمجھيو آھي، پر سٺي ڳالھه اھا آھي ته ابتيون يا سبتيون، آتم ڪٿائون لکجي رھيون آھن ۽ اميد ٿي ڪجي ته وقت سان گڏ بلوغيت جي منزل تي پھچي وينديون.

پر مٿين ڳالھين ۽ لڇمڻ جي ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ آئون اھو چئي سگھان ٿو ته لڇمڻ جي آتم ڪٿا ھينئر تائين وارين لکيل سنڌي آتم ڪٿائن کان نه صرف گھڻو مٿي بيٺل آھي، پر بلوغيت جي مقام جي پڻ تمام ويجھو آھي. ھر باذوق ماڻھو کي ھي ڪتاب لازمي پڙھڻ گھرجي ته جيئن سنڌي ۾ لکجندڙ آتم ڪٿا جي صنف کي پڙھي، پروڙي، اصلي مقام ڏياري سگھجي.

آئون موقعي جو فائدو وٺندي سندس ٻارن، سنڌو، رجني ۽ لالي سان پنھنجي ۽ سنڌ وارن جي طرفان پيار ۽ عقيدت جو اظھار ٿو ڪريان ۽ اھا پرارٿنا ٿو ڪريان ته ھو جتي به ھوندا پنھنجي مھان پتا شري لڇمڻ ڪومل وانگر سنڌ ۽ سنڌ وارن سان محبت جي سڳڙن ۾ ٻڌل رھندا.

***