بلاگنئون

ايران جي شهر يزد ۾ زائرين جي بس سان دل ڏاريندڙ حادثو

لاڙڪاڻي کان ڪربلا (عراق) ويندڙ زائرين جي بس ايران جي شهر يزد لڳ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا ويا، ڪيترائي زائرين زخمي ٿيا آهن جن مان گهڻن جي حالت تشويشناڪ آهي، انهن کي يزد شهر جي اسپتال ۾ علاج مهيا ڪيو پيو وڃي.
تفصيل مطابق لاڙڪاڻي کان ٻه بسن جو قافلو هڪ سالار جي اڳواڻي ۾ ڪربلا جي لاءِ روانو ٿيو. انهن مان هڪ بس کي ڪاغذ پورا نه هجڻ ڪري تافتان بارڊر تي روڪيو ويو ۽ ٻي بس رواني ٿي چڪي هئي، جنهن شهر يزد مان ڪراس ڪندي ٻڌايو ٿو وڃي ته تيز رفتاريءَ جو شڪار ٿي وئي ۽ ان بس جو بريڪ پڻ فيل ٿي ويو، جنهن سبب اها بس هڪ اسڪول جي چوديواري سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 35 کان وڌيڪ زائرين حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي آهن. اسين انهن فوت ٿيلن ۽ زخمين جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. حڪومت پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا ته انهن زائرين جا جسد خاڪي جلد کان جلد پاڪستان آڻڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ جيڪي زخمي بي يارو مددگار يزد جي اسپتال ۾ موجود آهن انهن جي ڀرپور سار سنڀال ڪئي وڃي ۽ انهن کي بهتر علاج مهيا ڪيو وڃي ۽ انهن متاثر خاندانن کي زخمين بابت ۽ فوت ٿيلن جي جسد خاڪي کي پهچائڻ بابت مستقل آگاهي ڏني وڃي. ايران ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي انتظاميه انهن متاثرين سان رابطي ۾ رهي ۽ انهن جي هر طرح سان مدد ڪري، جيڪو سندن بنيادي فرض آهي. پاڪستان مان هر سال لکين زائرين نجف کان ڪربلا تائين مشي ڪرڻ جي لاءِ ۽ زيارتون ڪرڻ جي لاءِ ايران ۽ عراق جو سفر ڪندا آهن. جيڪي صاحب حيثيت هوندا آهن اهي هوائي جهازن جي ذريعي پهچندا آهن ۽ غريب ماڻهو ويچارا سالن جا سال پيٽ ڪاٽي صرف ايترا پئسا جمع ڪندا آهن ته جيئن روڊ رستي ئي سهي زندگي ۾ هڪ دفعو زيارتون ڪري اچن. انهن مان ڪن کي بهتر سالار ملندا آهن ته انهن جو سفر آسان گذرندو آهي ۽ جن کي سالار بهتر نه ملندا آهن انهن جو سفر انتهائي ڏکيو هوندو آهي. 5 هزار کان وڌيڪ ڪلو ميٽر جو سفر بس ذريعي ڪرڻ آسان ڪم ته نه آهي. هن سالار تي به اهڙي قسم جا الزام لڳي رهيا آهن ته ايڏي وڏي سفر جي لاءِ هن جيڪي بسون ڪرائي تي ورتيون هيون انهن جي حالت بنهه بهتر نه هئي. اهڙو اظهار هڪ زائر پنهنجي خاندان جي ماڻهن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو آهي، ان مطابق انهن بسن جي ڊرائيورن پڻ سالار سان شڪايت ڪئي هئي ته هي بسون ايترو وڏو سفر ڪرڻ جي قابل نه آهن پر لالچ جي ڪري ۽ ڀاڙي ۾ سستي هجڻ جي ڪري سالار پنهنجي ذميواري کي محسوس نه ڪيو ان جو نتيجو اسان جي سامهون خوفناڪ حادثي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو، جنهن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هتي موجود انهن جي وارثن کي ذهني تڪليف پهتي آهي، جنهن جو اندازو ان سالار کي نه هوندو.
هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ايڏي وڏي سفر تي ويندڙ بس جي فٽنيس ڪئي وئي هئي يا نه؟ بس ۾ موجود صرف هڪ ڊرائيور هو يا ان ۾ ٻه ڊرائيور موجود هئا؟ انهن ڊرائيورن جي جسماني ۽ ذهني حالت ڪهڙي هئي؟ ائين ته نه هو ته اهي ڊرائيور ڪنهن نشي جا عادي هئا؟ انهن سڀني سوالن جو جواب ڪير ڏيندو؟ صرف ان حادثي کي نصيب سمجهي سڀئي خاموش ٿي ويندا. ائين نه ٿيڻ گهرجي انهن سوالن جا جواب ملڻ گهرجن ۽ جيڪي ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙي ڀوائتي حادثي جو سبب بڻيا آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. حادثي ۾ فوتين جي وارثن کي مالي معاوضو پڻ ملڻ گهرجي. هڪ دفعو ٻيهر اسان انهن خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.