ايڊيٽوريلنئون

ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي ڏوهن ۾ واڌ

            ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ جنهن کي “ننڍڙو پاڪستان” سڏيو ويندو آهي. ڇو ته هتي رهندڙ ماڻهو پاڪستان جي مختلف صوبن سان تعلق رکن ٿا، مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا، مختلف ثقافتون رکن ٿا، پنهنجي ثقافت جي حساب سان کائين پيئن ٿا ۽ هڪٻئي سان گڏجي به رهن ٿا. جتي اهو سڀ ڪجهه آهي، اتي ڪراچيءَ جا ڪجهه ڳنڀير مسئلا به موجود آهن. جنهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڻيءَ جو مسئلو، آدمشماريءَ ۾ تيزيءَ سان واڌ جنهن سبب ڏوهن ۾ تيزيءَ سان اضافو ڳڻتيءَ جوڳو آهي. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو معاشي مرڪز آهي. ڇو ته هتي تمام وڏي ڪپڙي جي صنعت ۽ مينيو فيڪچرنگ سيڪٽر موجود آهي. نه صرف ايترو بلڪه 90 سيڪڙو وڏين وڏين ڪمپنين جا هيڊڪوارٽر به ڪراچي شهر ۾ آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ بينڪن جا وڏا وڏا ادارا ملٽاءِ نيشنل ڪارپوريشنون به موجود آهن. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچيءَ جهڙو شهر بنا منصوبابنديءَ جي ڏينهون ڏينهن وڌي ۽ ويجهي رهيو آهي، جنهن جو نقصان ان ماڻهوءَ کي ٿي رهيو آهي، جيڪو ڪراچيءَ ۾ قانوني طريقي سان رهي ٿو، واپار ڪري ٿو، سيڙپ ڪري روزگار جا ذريعا پيدا ڪري ٿو، ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿو. هن وقت اهو حلقو هڪ وڏي بدامنيءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت، حڪومت پاڪستان يا رياست پاڪستان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته يقينن اهو سرمائيدار جيڪو ڪراچيءَ جي معاشي سرگرمين کي واڌ ويجهه ڏئي ٿو هڪڙي ڏينهن ڪراچيءَ مان پنهنجو ناڻو ڪڍي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جي لاءِ منتقل ٿي سگهي ٿو.

            ڪراچي هن وقت نوجوانن جي هڪ وڏي انگ کي پالي رهيو آهي، پر انهن مان ڪيترائي نوجوان بيروزگار، اڻ سڌريل ۽ غير تربيت يافته هجڻ جي ڪري سماج جي لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻيل آهن. رپورٽ مطابق هلندڙ سال جي ٻن مهينن ۾ ڪراچيءَ ۾ رستن تي ٿيندڙ ڏوهن جي انگ ۾ ڏهه هزار واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن، جيڪا سنڌ حڪومت جي لاءِ ۽ ڪراچيءَ جي پوليس جي لاءِ هڪ شرمندگيءَ جي صورتحال آهي. تفصيل ڪجهه هن ريت آهن ته 2025ع جي ٻن مهينن دوران شهر ۾ رستن تي ٿيندڙ ڏوهن ۾ ڏهه هزار ٽي سئو ڇاونجاهه واقعا رپورٽ ٿيا آهن. پوليس جي رپورٽ مطابق ٻن مهينن اندر ٻارهن شهري ڌاڙن جي مزاحمت تي قتل، ايڪيتاليهه زخمي ٿيا. جڏهن ته ان دوران ٻه هزار اٺ سئو ڇهه شهرين کان موبائل فون ڦريا ويا. رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته هلندڙ سال 28 فيبروري تائين شهر مان ٽي سئو ڇهه گاڏيون، ست هزار ٻه سئو چوئيتاليهه موٽرسائيڪلون ڦريون ۽ چوري ڪيون ويون. هلندڙ سال موبائل ڦرڻ جي روزاني شرح 48.4 گاڏين جي چوري ۽ ڦرجڻ جي شرح 5.3 جڏهن ته موٽرسائيڪلن ڦرجڻ ۽ چوري ٿيڻ جي روزاني شرح 124.9 رهي. ان رپورٽ مطابق لڳي ايئن ٿو ته ڪراچي شهر ۾ پوليس ستل آهي. آءِ جي پوليس وٽ ڏوهن جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڪا خاص منصوبابندي نه آهي يا ته وري پوليس ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ نٿي چاهي. سماج ۾ جڏهن ڏوهن کي ڪنٽرول نه ڪيو ويندو ته اهو سماج تباهي ۽ برباديءَ جو شڪار ٿي پنهنجون رونقون به وڃائي ويهندو آهي ته پنهنجو سرمايو به وڃائي ويهندو آهي. ڪراچيءَ ۾ سڌو سنئون ڏوهن کي ختم ڪرڻ کان اڳ ۾ شهر جي بنيادي مسئلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي. سوال اهو آهي ته ان لاءِ ڪهڙي قسم جي پاليسي ٺاهڻ گهرجي؟ سڀ کان اڳ ۾ ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچيءَ مان غير قانوني سڀني ماڻهن کي ڪڍيو وڃي، جيڪڏهن انهن جو تعلق ٻين صوبن سان آهي ته انهن کي انهن جي صوبن ڏانهن اماڻيو وڃي ۽ جيڪڏهن غير قانوني طور تي رهندڙ ماڻهو ٻاهرين ملڪن مان اچي هتي آباد ٿيا آهن ته انهن کي سندن ملڪن ڏانهن جلد کان جلد اماڻيو وڃي.

            هن وقت سنڌ جو ماڻهو معاشي بدحاليءَ کي منهن ڏيئي رهيو آهي. مهانگائي وڌي وئي آهي، بيروزگاري، غربت عام آهي ۽ ڏوهارين ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. ان جي لاءِ سنڌ سرڪار کي نوجوان آباديءَ کي بهتر هنري تربيت ڏئي پنهنجا ننڍا ننڍا روزگار ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ گهرجن ته جيئن اهي ماڻهو پنهنجو ننڍو ڪاروبار ڪري پنهنجي روزي ڪمائي سگهن. پوليس ۾ سڌارن جي به سخت ضرورت آهي، ڇو ته هن وقت پوليس ۾ به ڪرمنل عنصر شامل آهن، جنهن جي ڪري پوليس جي ڪارڪردگي متاثر ڪندڙ نظر نٿي اچي. ضروري آهي ته پوليس ۾ ڀرتي ٿيندڙ ماڻهن جي نفسيات، انهن جي ٽريننگ ۽ پوءِ پوليس جي ڪارڪردگيءَ کي جاچڻ جي لاءِ نظام جوڙيو وڃي، جنهن جي لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو سهارو وٺي سگهجي ٿو ته جيئن پوليس امن امان کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي. ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته ڪراچيءَ جا جيڪي به اسٽيڪ هولڊر آهن انهن سڀني کي پاڻ سان گڏ ويهاري ۽ انهن کان به صلاحون وٺي ته ڪراچيءَ جي امن امان کي ڪيئن بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هوندي به هن وقت سنڌ حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪتل نظر اچي ٿو. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو پنهنجي گرفت کي ڪراچيءَ تي مضبوط ڪري ۽ امن امان کي بهتر ڪرڻ لاءِ سٺيون پاليسيون ٺاهي ۽ انهن کي لاڳو ڪري ته جيئن ڪراچيءَ جي مسئلن کي حل ڪري سگهي. ڇو ته ڪراچي محفوظ هوندو ته سنڌ محفوظ رهندي ۽ پاڪستان محفوظ رهندو.