ظاهر جعفر جيڪو هڪ ڪاروباري خاندان جو حصو آهي، هن 20 جولاءِ 2021 تي اسلام آباد ۾ پنهنجي گهر ۾ نور مقدم جيڪا هڪ اڳوڻي سفارتڪار شوڪت مقدم جي ڌيءَ هئي، کي قتل ڪرڻ کان اڳ تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ انتهائي بي رحميءَ سان ان جو سر قلم ڪيو. هن واقعي تي پورو پاڪستان سراپا احتجاج بڻجي ويو. ظاهر جعفر کي نور مقدم قتل ڪيس ۾ سزا ملي آهي.
سڀ کان پهرين 24 فيبروري 2022 تي اسلام آباد جي هڪ مقامي سيشن ڪورٽ نور مقدم جي قتل جي الزام ۾ ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي، ان سان گڏ عدالت هن کي 25 سال قيد جي سزا پڻ ٻڌائي هئي. سيشن ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ظاهر جعفر، سندس والدين ۽ ٻين شريڪ جوابدارن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪيون.
13 مارچ 2023 تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سيشن ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي ظاهر جعفر جي موت جي سزا کي برقرار رکيو. هاءِ ڪورٽ ظاهر جعفر جي نوڪرن جان محمد ۽ افتخار جي سزا جو عرصو 10 سال گهٽائي ڇڏيو، پر انهن کي سزا يافته قرار ڏنو. آخر ۾ ظاهر جعفر ۽ ٻين شريڪ جوابدارن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ چئلينج ڪيو.
21 جولاءِ 2025 تي سپريم ڪورٽ به ظاهر جعفر جي موت جي سزا کي برقرار رکيو ۽ سندس اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ عدالت موت جي سزا سان گڏ، نور مقدم خاندان کي معاوضي جي ادائگي جو حڪم پڻ برقرار رکيو. سيشن ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تائين سزاءِ موت جي فيصلي ۽ ان جي برقرار رکڻ واري حڪم کانپوءِ هي طاقتور ۽ امير خاندان پنهنجي پٽ کي بچائڻ جي هڪ ٻي ڪوشش طرف قدم وڌائي رهيو آهي.
ٻڌڻ ۾ آيو پئي ته ظاهر جعفر پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري کي رحم جي اپيل ڪرڻ وڃي رهيو هو، رحم جي اپيل کان پهرين سزا يافته ماڻهو کي هڪ ميڊيڪل بورڊ جي ذريعي طبي طور جاچيو ويندو آهي، ان جو نفسياتي جائزو ورتو ويندو آهي. جيڪڏهن اهو سزا يافته شخص ذهني مريض يا نفسياتي مريض ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ اهو صدر پاڪستان جو اختيار آهي ته هو سندس ڦاسيءَ جي سزا معاف ڪري عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏي.
ان جي لاءِ پمز اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرن کي هڪ بورڊ ۾ ظاهر جعفر جي ذهني صلاحيتن کي ڏسڻ ۽ ان جي تشخيص ڪرڻ جي لاءِ شامل ڪيو ويو. انهن ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق ڏوهاري ظاهر جعفر ذهني طور مڪمل صحتمند ۽ نارمل آهي ۽ ڏوهاري ۾ ڪنهن به قسم جي نفسياتي بيماري يا دماغي خرابيءَ جا ڪي به نشان نه مليا آهن.
پاڪستان ۾ عورت کي قتل ڪرڻ تمام گهڻو آسان آهي ۽ وري انهن قاتلن کي قانون جي چنبي مان ڇڏائڻ ان کان به وڌيڪ آسان آهي. مختلف حربا استعمال ڪري اهڙن ڏوهارين کي خاندان وارا پاڻ ئي پنهنجن ڌيئرن، ڀينرن، ننهرن يا مائرن جا قتل معاف ڪري ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ اهي قاتل آزاد ٿي وري ڪنهن ٻي عورت جي قتل ڪرڻ جي تياري ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن.
نور مقدم جي ڪيس ۾ ظاهر جعفر کي سيشن ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ تائين ڪٿي به ڪو رليف نه مليو آهي ۽ سندس موت جي سزا کي برقرار رکيو ويو آهي، جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي. ان کانپوءِ انهن خبرن عوام جي اندر هڪ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي هئي ته سندس رحم جي اپيل صدر وٽ داخل ٿيڻ واري آهي، جنهن جي لاءِ ظاهر جعفر کي ڊاڪٽرن جي بورڊ اڳيان ويهاري سندس ذهني حالت کي ڏٺو ويندو.
ان خبر سڀني پاڪستانين جي دلين ۾ هڪ اڻڄاتل خوف پيدا ڪري ڇڏيو هو ته شايد هن بورڊ جي طرفان کيس ذهني مريض ظاهر ڪري کيس رحم جي اپيل ڏياري ويندي. اها خبر ٻڌي عوام جي اندر خوشيءَ جي لهر ڊوڙي وئي آهي ته پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن جي بورڊ ظاهر جعفر کي مڪمل طور تي ذهني طور صحتياب ڄاڻايو آهي. هاڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته هو صدر پاڪستان وٽ اپيل ڪرڻ لاءِ اهل ناهي.
جيڪڏهن ان کانپوءِ به سندس اپيل صدر پاڪستان جي آفيس ۾ وڃي ٿي ته اسان کي پورو پورو يقين آهي ته صدر صاحب جنهن جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، سندس گهرواري کي به بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ هو عورت جي عزت، احترام ۽ تحفظ جو تقدس برقرار رکندو ۽ هو اهو هرگز اهو نه چاهيندو ته هڪ عورت جي قاتل کي ڪنهن به صورت ۾ ڪوبه رليف فراهم ڪري. اهو اعتماد عوام جو صدر پاڪستان جي آفيس ۾ آهي، اميد آهي ته اهو اعتماد قائم رهندو.