خاص

وزيراعظم اڄ قوم کي خطاب ڪندو، رليف پيڪيج جي اعلان جو امڪان

پيٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ بعد وزيراعظم اڄ قوم کي خطاب ڪندو، ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف معاشي ڏکيائين بابت قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ سان گڏ پئٽرول اگهن ۾ واڌ بابت حقيقتن کان آگاهه ڪندو. قوم کي خطاب دوران وزيراعظم طرفان رليف پيڪيج جي اعلان جا به امڪان آھن. جڏھن ته حڪومت پيٽرول اگهن کانپوءِ يوٽيلٽي اسٽورن تي به سرڪاري اٽو مهانگو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. يوٽيلٽي اسٽورن تي 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 180 رُپيا مهانگو ٿي ويو، 10 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي اگهه ۾ 90 رُپيا واڌ، يوٽيلٽي اسٽورن تي 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 800 مان وڌي 980 رپين جو ٿي ويو.