بلاگنئون

افغانستان جھڙي منافق ۽ سفاڪ دهشتگرد کي پاڪ فوج طرفان منھن ٽوڙ جواب

دھشتگردي دنيا ۾ ھڪ اھڙو خطرناڪ ناسور بڻجي وئي آهي، جنهن ملڪن کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچائڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو. دھشتگرديءَ جي ذريعي معصوم انسانيت جو خون وھايو ويندو آهي. دھشتگردي جي انت واري جنگ ۾ پوري دنيا کان وڌيڪ اسان جي ملڪ پاڪستان قربانيون ڏنيون آهن، نه رڳو ايترو، پر دھشتگرديءَ جي ذريعي ٿيندڙ معيشت جي تباهي جو مقابلو پاڪستان جي عظيم ۽ بھادر عوام ڪيو آهي، جنهن پنھنجي پاڙيسريءَ ملڪن جي دربدر عوام جو بار به برداشت ڪيو آهي ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ھر ممڪن قرباني به ڏني آهي. پاڪستان ۾ ھي دھشتگرديءَ جو ماحول ضياءُ الحق جي مارشلا نافذ ڪرڻ واري فيصلي سان گڏ الائي ڪيئن وجود ۾اچي ويو، جيڪا مختلف نعرن، جھادن ۽ فسادن جي روپن ۾وقت بوقت ٿيندي رهي جيڪا وقت سان گڏ وڌندي وئي ۽ اھا دھشتگردي نائن اليون بعد آمريڪا ۽ افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان ۾ پنھنجا پير پختا ڪري وئي. پاڪستان جو عوام ھميشه امن، ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ رهيو آهي. جڏهن به ڪنهن پاڙيسري تي ڏکيو وقت آيو آهي ته پاڪستان جي قوم پنهنجي پاڙيسرين جو وڌ کان وڌ خيال رکندڙ قوم بڻجي انهن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آھن، پر پاڪستان جي قوم تي دھشتگردي مڙھي پاڪستان کي نقصان پھچائڻ جون بين الاقوامي سازشون ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته ضياءُ الحق جي دور ۾ جنم وٺندڙ دھشتگردي پرويز مشرف جي دؤر حڪمراني ۾ عروج تي پهچي وئي ۽ پاڪستاني قوم کي خودڪش بمبار حملن سان مارڻ جي شروعات ڪئي وئي. ھزارين معصوم شھرين کي دهشتگردي ڪري زنده ساڙي شھيد ڪيو نه رڳو ايترو، پر پاڪ فوج سيڪيورٽي فورس، پوليس، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن، عورتن ۽ ٻارڙن کي گوليون هڻي بم ڌماڪا ڪري شھيد ڪيو ويو. جڏهن ته انھيءَ جنگ جي خاتمي بعد جڏهن افغانستان آمريڪا جي ڪنٽرول ۾ رھڻ کانپوءِ آمريڪي فوج ۽ نيٽو جي فوج بنا ڪنهن مزاحمت بنا ڪنهن سبب وري افغانستان کي انھيءَ دھشتگرد ٽولي افغان طالبان جي حوالي ڪيو ۽ پنھنجا اربين ڊالرن جا ھٿيار، گاڏيون، جنگي اوزار افغان طالبان کي ڏئي خوشيءَ سان موڪلائي ڊرامائي انداز ۾ افغانستان کان ٻاهر نڪتا، تڏهن به انھيءَ ڊيل تي ھر باشعور ماڻهو سوال ڪري رهيو ھو ۽ اڄ به اهي سوال ڪري رهيو آهي. اھو سوال تاريخ جو هڪ ورق بڻجي ويو آهي، جنهن جو جواب آهي منافقي، ڊراما بازي، مسلم دنيا جي دشمني ۾ آمريڪا ڀارت افغانستان جو ڳٺ جوڙ. جڏهن ته پاڪستان۾ دھشتگردي جي خلاف سڀ کان وڌيڪ آواز سنڌ بلند ڪندي رهي آهي، پوءِ اھا ڪھڙي به دھشتگردي ھجي دھشتگردي ته دھشتگردي ئي آهي. باقي ڪڏهن ڪڏهن دھشتگردي کي ڪنهن نئين ويس ۾ ويڙهي نالي ماتر قوتون حمايت به ڪنديون هيون، ڪڏهن اسلام جي آڙ ۾ ته ڪڏهن قوميت جي نالي ۾ ته ڪڏهن صوبائيت جي آڙ ۾ ته ڪڏهن وري ڪنهن نئين رنگ ڍنگ ۾، پر سنڌ جيڪا صوفين ۽ درويشن جي مهان ڌرتي آهي، انھيءَ ھر دھشتگردي جي خلاف آواز بلند ڪيو آهي ۽ ھا وري سياسي پارٽين جي ڳالهه ڪبي ته پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ، عوامي نيشنل پارٽيءَ، ۽ سنڌ جي عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي ھي اھڙيون پارٽيون آهن جن ھر دور ۾ ھر روپ ۾ ٿيندڙ ھر دھشتگردي جي خلاف جدوجھد ڪئي آهي ۽ ھر دھشتگردي جي خلاف جدوجھد سان گڏوگڏ مقابلو ڪري پوري دنيا ۾ لڪيل دھشتگردي جي چھرن کي بي نقاب ڪيو آهي ۽ دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون سنڌ ڌرتيءَ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۽ خيبر پختونخواهه جي عوامي نيشنل پارٽيءَ ڏنيون آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ليڊر بينظير ڀٽو سان گڏوگڏ ھزارين ڪارڪن ۽ جيالا دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيا آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ خودڪش حملا پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪيا ويا، ڌمڪيون ڏنيون ويون، پر سلام آهي منهنجي پارٽيءَ جي قيادت ۽ جيالن کي جن ھنن قاتلن جي اڳيان جھڪڻ جي بجاءِ سر ڪٽائي شھيدن جي فھرست ۾ شامل ٿيا. جڏهن اسان چيو پئي 1986 ۽ 1987 ۾ ته ھي دھشتگرد تربيت يافته آهن، ھي بين الاقوامي منصوبا بندي جي تحت پاڪستاني قوم جو خون وهائي رهيا آهن، تڏهن ڪنهن به تسليم نه ڪيو. سنڌ ۽ پيپلزپارٽي انھيءَ وقت به آواز اٿاريو، جڏهن ھي البدر دربدر اسان کي دربدر ڪرڻ جي ٺيڪي تحت پاڪستاني قوم تي لڪي لڪي وار ڪري ماري رهيا هئا ۽ پوءِ ميان نواز شريف جڏهن امير المومنين بڻجي لٿو ته مشرف وري غاصب ٿي آيو، تڏهن به ڪير ھنن دھشتگردن کي دھشتگرد مڃڻ ۽ چوڻ وارو نه ھو، سمورا خوف کان سر بچائي ھنن جا قصيدا پڙھي رهيا ھئا، پر تڏهن به پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام، عوامي نيشنل پارٽيءَ ھنن کي للڪاري رھيون ھيون ۽ ھي وحشي صفت دھشتگرد اسان جي قيادت ۽ جيالن کي قتل ڪرڻ ۽ ٻاھر نه نڪرڻ ۽ جدوجهد کان روڪڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا رهيا. سلام آهي اسان جي بھادر ۽ بيباڪ قيادت ۽ جيالن کي، جن ھنن کي للڪاريو، جنهن جي نتيجي ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي قافلي تي خودڪش حملا ڪيا ويا، سوين جيالا شھيد ڪيا ويا ۽ پوءِ پيپلزپارٽي جي اليڪشن ڪئمپن ۽ جلوسن تي حملا ڪيا ويا ۽ آخر ۾ روالپنڊي ۾ خودڪش حملو ڪري محترمه بينظير ڀٽو صاحبه کي ساٿين سميت شهيد ڪيو ويو. ائين ھزارين ماڻهن کي شھيد ڪيو ويو. عوامي نيشنل پارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻن کي شھيد ڪرايو ويو، ملالا يوسفزئي تي قاتلاڻي حملي ۾ کيس شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ھزارين دھشتگرد ڪارروايون ڪري پاڪستاني عوام، رياستي ادارن جي اهلڪارن، فوج پوليس، رينجرز، سياسي سماجي ڪارڪنن، صحافين جو قتل عام ڪيو ويو، پر جڏھن مشرف کانپوءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ٿي ته ڪافي ڪارروائيون ڪيون ويون پوءِ نوازشريف ۽ عمران خان جي حڪومت ۾ به ڪارروائيون ٿيون، پر بي نتيجا ثابت ٿيون. ڇو ته افغانستان ۽ ڀارت جي سھولتڪاري شامل رھي، انھن جا ايجنٽ به ساٿاري رهيا تڏهن ته ھميشه ھي حدون ڪراس ڪندا رهيا آهن. ھاڻي جڏھن ڀارت تاريخي جنگ ۾ بدترين شڪست کاڌي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي بهترين پرڏيهي پاليسي ۽ اسٽريٽيجڪ پوزيشن جو بهتر استعمال ڪندي بنگلاديش سان لاڳاپن ۾ بهتري آندي آهي، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊفينس جو معاهدو ٿيو آهي، جيڪو ٻين پاڙيسري ملڪن تائين ويندو جنهن ۾ ايران، قطر سميت ڪجهه عرب ملڪ شامل ٿي ويندا، تڏهن کان اسان واري چڱي مڙس ڊونلڊ ٽرمپ ۽ گجرات جي ڪاسائي نريندر موديءَ يھودين جي سرواڻ نيتن ياهو جون وايون بتال ٿي ويون آهن. انهن افغانستان کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن ۽ شھرين تي حملا ڪرائي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته پاڪستان جي عظيم ترين فوج، عوام ۽ سياسي قيادت پنھنجي دشمنن کي پرکي ورتو آهي. افغانستان ھڪ وفادار پاڙيسري ملڪ بجاءِ ھڪ منافق ۽ مڪار پاڙيسري ثابت ٿيو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ افغانين کي پنگاهه ڏني وئي ۽ روزگار جا موقعا ڏنا ويا. اڄ جڏهن پاڪستان جي عظيم بھادر عوام جي ساٿ سان پاڪ فضائيه ۽ پاڪ فوج دھشتگردي جي خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي ته ڪافي منافقي ڪندڙ غدارن جون وايون بتال ٿي ويون آهن. افغانستان جا آمريڪا، روس ۽ نيٽو فورسن سان وڙھندڙ پاڻ کي گوريلا ويڙه مڃائيندڙ افغان نالي ماتر مجاھد، طالبان پنھنجون جتيون، ھٿيار ۽ گاڏيون چوڪين تي ڇڏي ڀڄي ويا آهن. آمريڪا پاران گفٽ ڪيل هٿيارن سان ليس اوزار پاڪ فوج جي تحويل هيٺ آهن. درجنين چوڪين تي پاڪ فوج پنھنجا پاڪستاني جھنڊا ڦڙڪائي ڇڏيا آهن، سوين افغان دھشتگرد مارجي ويا آهن.

افغان سر زمين پاڪستان جي ڪنٽرول ھيٺ آهي. اڙي جاھل افغانيو جيڪڏهن توهان ايڏا بھادر آھيو مڙس ماڻهو جھادي ٿا سمجھو ته پوءِ ميدان ملھايو، باقي لڪي لڪي حملا ڪرڻ جيئن گدڙ گر مان نڪري حملو ڪري وري گر ۾ لڪي وڃي ته بھادر نه چئبو آهي، باقي پيٽ تي بم ٻڌي پاڻ به ڪتي وارو موت مري ٻين بيگناهه انسانن جو خون وهائڻ ڪھڙي بھادري آهي. اڄ اسان پاڪستانين جو ڳاٽ فخر کان اوچو آهي جو اسان جي عظيم بھادر فوج ڀارت کانپوءِ افغانستان جھڙي منافق ۽ سفاڪ دھشتگرد کي تاريخي منھن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ کيس پوري دنيا ۾ سندس اوقات ظاهر ڪري کيس ننگو ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي روس، آمريڪا ۽ نيٽو سميت سئو ملڪن جي اڳيان پاڻ کي شينهن سڏائيندا هئا، اھي اسان جي وطن جي سپاهين جي سامھون ڍير ٿي ويا، هن وقت بخشش گهري رهيا آهن. آئون پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي سپاهين کي سلام پيش ڪريان ٿو، جنهن ھنن کي دنيا ۾ عبرت جو نشانو بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته منهنجي رياست پاڪستان ۽ حڪومت کي اپيل آهي ته ھي افغاني طالبان، تحريڪ طالبان پاڪستان ھڪ دھشتگرد ٽولو آهي ھنن کي ھميشه جي لاءِ جڙ کان ختم ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي ۽ ايئن ڪرڻ سان ھزارين شھيد پاڪستانين جي روحن کي راحت ملندي. قاتلن سان ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي، سندس پيڇو ڪري ڳولھي ڳولھي ماريو وڃي ۽ پاڪستان جي عظيم ۽ غيرت مند عوام کي اپيل آهي ته پاڪ فوج پاڪستان سان گڏ ڪلھوڪلھي ۾ ملائي دھشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ سندن ساٿ ڏين ۽ افغانستان سميت پوري دنيا کي واضح پيغام اماڻين ته پاڪستان جي سالميت جي خلاف جيڪڏهن ڪنهن اڱر به کنئي ته پوءِ اھا ٻانھن ئي ڪٽي ويندي. پاڪستان ۾ رھندڙ ڌارين جا پوئلڳ، دلال، ايجنٽ پنهنجي وطن دشمني جي سوچ ختم ڪري پاڪستان ۽ رياست جو ساٿ ڏين، نه ته منافقي، غداري، وطن دشمني جو انجام تاريخ ۾ ھميشه ڏاڍو برو ٿيو آهي.