ٻنپهرن جو جڏهن سج پنهنجي سونهن جي تکين تلوارن سان ڌرتيءَ تي وار ڪري رهيو هو، فريد ٿڪل قدم کڻي گهر ڏانهن روانو ٿيو۔ اوچتو سندس نظر هڪ انوکي منظر تي پئي۔ گهر جي ڀرسان هڪ خانه بدوش قافلو ڏٺائين: هڪ پوڙهو مرد، هڪ پوڙھي عورت ۽ هڪ نازڪ نازنين، جيڪي ٿڌي ڇانو هيٺ ويٺل ھئا۔
فريد جي نگاھ جڏهن ان ڇوڪريءَ تي پئي، ڄڻ وقت جو ڦيرو رڪجي ويو۔ ڇوڪريءَ جي چهري ۾ ڪتابي ڪشش هئي، حسن جي دلڪشيءَ سان گڏ اکين ۾ چمڪ ۽ درد جو اهڙو سنگم هو، جنهن فريد جي دل ۾ اڻڄاتل زخمن کي جاڳائي ڇڏيو.
“اکين ۾ اوجاڳا، دل ۾ درياھ،
ڏسندي ڏونگر، ملي عشق کي راھ۔”
اهو پهريون پل هو، جڏهن فريد ۽ شهنا جي اکين جو ٽڪرا ٿيو، ٻن دلين جو واپار ٿيو، چاھت جي چڻنگ نڪتي، جيڪا اچي فريد جي جھولي ۾ ڪري جنھن باھ جا ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيا۔
گهڙيءَ پل لاءِ فريد پاڻ کي روڪي ڇڏيو، پر پوءِ هو گهر آيو، جتي شهنا جي ڇهندڙ نگاهن جي سوچن ۾ غلطان محو ٿي ويو.
“محبت جي مرڪ، من ۾ مشعل جلي،
سڪ ڇڏي نٿي، ساھ سان ساھ ملي۔”
هو ويهي نه سگهيو، تڏهن ٻيهر قافلي ڏانهن واپس ويو. ان وقت شهنا جو والد پنهنجي ڳڻتيءَ ۾ ڪنهن ڀلي ماڻهوءَ کي ڳولهي رهيو هو، جيڪو کيس ڪرائي تي گهر ڏياري. فريد لاءِ اهو لمحو ڄڻ قسمت جو پيغام هو.
“قسمت جي ڪڙي، اچي ملي راھ،
دعا سان مليو، ساٿ ۽ ساھ۔”
ائين فريد جي ذريعي قافلي کي ڳوٺ ۾ هڪ ننڍڙي ڪرائي جي ڇانو نصيب ٿي. هاڻي فريد جا قدم گهڻو ڪري ان گهر ڏانهن کڄڻ لڳا. ڪڏهن ڀاڄيءَ جو بهانو، ڪڏهن ڪا خبر ڏيڻ، ڪڏهن فقط حال احوال پڇڻ، پر اندروني طور سندس دل ڄڻ ڪنهن نئين دنيا ۾ قدم رکيو هو.
هر ملاقات ۾ شهنا جون نشيلي اکيون، صراحي گردن، هرڻي جي چال، ڪمان جهڙي ڪمر ۽ چهري جي چمڪ، فريد جي دل تي نوان نقش ڇڏيندي ويون۔
شهنا پنهنجي عاجزي ڀريل اکين سان جذبا لڪائيندي آهستي چيو:
“فريد، منهنجي دل جو ڌڻي فقط تون آهين، پر غربت ۽ حالتون اسان جي وچ ۾ ڀت بڻيل آهن۔ اسان جا خواب شايد هن سماج جي بي رحم دنيا ۾ ساڀيان نه ٿين۔”
“غربت جي ڳٽ، جدائيءَ جو جهر،
محبت ۾ ميلاپ، ٿئي ٿو ڪسر۔”
انهن لفظن فريد جي دل ۾ زخمن جو انبار لڳائي ڇڏيو، پر ساڳئي وقت محبت جي جوت کي وڌيڪ تيز به ڪري ويا.
وقت گذرندو رهيو، پر شهنا جا والدين پنهنجي مشڪل حالتن کان تنگ اچي ٻئي ڳوٺ ڏانهن لڏڻ جو فيصلو ڪيو۔ اها خبر فريد لاءِ ڄڻ بجليءَ جي ڪڙڪ هئي. جڏهن قافلو ڳوٺ ڇڏي ويو، تڏهن فريد جي دل تي ڄڻ ڇپر ڪري پيو۔
“وڇوڙي جي واءُ، ويران ڪيو ويڙھو،
محبت من ۾، متو ماتم جو ميڙو۔”
هو ڏينهن رات شهنا کي ڳولهندو رهيو، پر ڪڏهن به سندس پتو نه مليو۔ فريد ديوانگيءَ جي حد تائين وڃي شهنا جا پار پتا پڇڻ لڳو، پر زندگيءَ جا ڌڪ ۽ روزگار جا بار کيس واپس دنياوي مشغلن ۾ ڌڪي آيا، پر اندر ئي اندر، شهنا جا نقش، سندس مسڪرائڻ، شرمائڻ ۽ نگاهن جي اشارن جا جواب فريد کي بيچين ڪندا رھيا.
فريد کي فراق ۽ ڦوڙائي کان اندر مان رڳو شهنا جي ٽهڪن جا آواز پيا ايندا ھئا جدائي جي جھوراڻي ۾ ھڏن جي مٺ وڃي بچيو ھو، تڏھن اوچتو ڳوٺ جي ڪنهن ماڻهوءَ کان خبر ملي:
اهي لفظ ٻڌي فريد جي رڳ رڳ ۾ باھ ڀڙڪي اٿي. لاچار بيوس بدن سان بدن ۾ رھيل سھيل طاقت سھيڙي اٿيو هو بنا دير جي اتان روانو ٿيو. جھنگ جي وچ ۾ هڪ جهوپڙيءَ ۾، وڻن جي ڇانو هيٺ شهنا زندگيءَ جا آخري لمحا گذاري رهي هئي. سندس چهرو زرد ٿي ويو هو، پر اکين ۾ اڃان به هڪ بي مثال چمڪ هئي.
“بيمار بدن، پر اکين ۾ اجالا،
محبت بي ملھ، آخر ۾ مالا”
فريد کي ڏسي، سندس چهري تي معصوم مسڪراهٽ جا ڏيئا چمڪي اٿيا.
“فريد… تون اچي وئين… مون کي خبر هئي تون ضرور ايندين، مون کي نه وساريندين…”
فريد روئندي سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ کنيو:
“شهنا، مون کان وڏو قصور اهو ٿيو، جو توکي وڃائڻ کان اڳ توکي حاصل ڪرڻ جي جرئت نه ڪئي، پر اڄ، تون منهنجي لاءِ سڄي دنيا آهين.”
شهنا ڪمزور آواز ۾ مسڪرايو:
“فريد، تون منهنجي دل جو راز آهين، پر ياد رک، محبت لاءِ جسماني فاصلا بي معنيٰ آهن. محبت اندر جي ڪيفيت جو نالو آهي. مان هلي وينديس، پر منهنجا احساس ۽ منهنجو جذبو توسان ساٿ رهندو.”
۽ انهيءَ پل ۾، شهنا جي ساھ جون ڏوريون آهستي آهستي ٽٽڻ لڳيون. سندس اکين مان نڪرندڙ آخري چمڪ فريد جي دل ۾ داخل ٿي وئي، جيڪا هميشه ان تي ڇانيل ۽ وندر جو سبب رهي.
“ساھ ويو ته ڇا ٿيو، نه وڃي سُرور،
محبت سندي موج، رهي سدا حضور.”
شهنا جي وڃڻ کانپوءِ، فريد لاءِ اها ديوانگي ئي سندس زندگي بڻجي وئي. شهنا جي ياد، سندس روح جو حصو ٿي وئي.