شاعرينئون

شاعري

نثري نظم

معشوق ڌاريجو

بازارِ

آءُ ڄاڻان ٿو ته:

“رشتا بازارِ مان ناھن ملندا!!”

پر توسان

منھنجي پھرين مُلاقات

بازارِ ۾ ٿي ھُئي.

تَضادُ

آءُ

ھُنَ کي ساري،

پاڻ کي

وِساري ڇڏيندو آھيان.

مَداري

اسان جي،

جُوءِ جا مَداري،

مسڪين ماڻهن کي،

پنھنجي دُھِلِڙيءَ تي،

نَچائڻ جو،

ڀرپور ھُنر ڄاڻن ٿا.

مُوڙِي

منھنجي اڪائونٽ ۾،

ڏوڪَڙَ آھن، الائي نه؟

پَرَ

منھنجي مَنَ ۾،

اَڻَ ڳَڻِين مَحَبتُن جي

مُوڙِي آھي.

ھَڏي

ھَڏيءَ

۽

مَڏيءَ ۾

صرف

ھڪڙي اکر

جو فرق آھي

پر الائي ڇو!؟

ماڻهو

مَڏيءَ کي ڇَڏي

ھَڏيءَ جي پُٺيان

ڪاھي پيا آھيون.

ڀِتِيُن جون اَکِيون

اَڳُ ۾

رُڳو

ڀِتِيُن کي

ڪَنَ ھوندا ھُئا

ھاڻي ته

ڀِتِيُن کي اَکِيون به آھن.

ليکو

آءُ

حسابن ۾

ڏاڍو جَڏو آھيان،

ڇو ته

آءُ

اڄ تائين

توکي ڏنل چُميون

ڳَڻي نه سگهيو آھيان.

جماليات

آءُ ڀِٽائيءَ جي سِٽَ،

“ڀنڀيون ھَڏَ مَ ڀيرِ، کَڻُ سُبتيون سُپرين!”

پَڙھڻ کانپوءِ

جَماليات تي لکيل

سَمورا ڪتاب

ٺَپي ڇَڏيندو آھيان.

خاموشي

خاموشي

دُنيا جي

وَڏي ۾ وَڏي

ٻولي آھي.

ٻھروپ

امن جا دعويدار

ھميشه گوليءَ جي

ٻولي ڳالهائيندا آھن.

شُھرَت جي بُکَ

اِقتِدارَ

۽

دولَتَ جيان

شُھرَت جي بُکَ به

ماڻهوءَ کي

اَنڌو ڪري ڇڏي ٿي.

پَٿَرَ

آءَ

تنھنجي ھَنيل

ھر پَٿَرَ تي

اَرَھو ٿيڻ بجاءِ

بيحد گَهڻو

سَرَھو ٿي رھيو آھيان،

ڇو ته

تنھنجا اُڇلايل پَٿَرَ

مون کي

مَنصُور بَنائي رھيا آھن.

***

نوشاد

سارا عرش اڪاري ويندي آهين تون

آخر ڪهڙي تاري ويندي آهين تون

منهنجي بستر تي او منهنجي تنهائي

ڪنهن جي ننڊ سمهاري ويندي آهين تون.

هڪڙو خواب ڏسان ٿو منهنجي ڪمري ۾

پنهنجو پرس وساري ويندي آهين تون

ڪنهن جي ٻيڙي ٻوڙي ويندي آهين تون؟

ڪنهن جو ٻيڙو تاري ويندي آهين تون؟

تنهنجي هٿ سان تيلي ٻرندي ڪاٿي آ

تيلي جو هٿ ٻاري ويندي آهين تون،

هاڻ جدائي توسان راند نه رهندس مان

مونکان اڪثر هاري ويندي آهين تون،

مان ته ٺهيو، پاڻي به ٺهيو، پر ديوارن جو

هئه هئه سينو ٺاري ويندي آهين تون.

***

غزل

جلال شيخ

ڏسو مخلوق ساري تي خدا جي مهرباني آ

سوا رب جي نه ڪنھن جي ڀي هلي ڪا حڪمراني آ

کڻين ٿو ساھ جيڪو تون خدا جي مهرباني ٿي

مگر سچ هي اٿي رب جي سڄي هي رازداني آ

هلي رب کي ريجهايون سڀ ملي معافي گناھن جي

وڃائي پر براين ۾ اسان پنهنجي جواني آ

سوا رب جي نه ڪوئي ڀي نه ڪو حاجت روا ٿيندو

الائي ڇو ته ماڻهن کي اندر ۾ بدگماني آ

لڳائي ڳل براين کي عمل ضايا ڪيو ڇو ٿا

مگر سڀ کي ٻڌو ڀائو هي ڇڏڻو ڏيھ فاني آ

ڪٺي سردار جڳ جا ٿن کڻي ڪمدار جڳ جا ٿن

مٽي ۾ سڀ ملي ويندا نه رهڻو خان خاني آ

ڪري اڄ وياج جا ڪم ٿو پيو مسلم ته گهر پنهنجي

ڪٿي ايمان آهي ڏس ۽ ڇاجي مسلماني آ

جلالڻ خوف رب جو ڪر ڇڏي سڀ ڪجھ هليو ويندين

قبر ڪاري ته ڪوٺي ۾ نه هلڻو ڀاءُ جاني آ.

***