بلاگنئون

سنڌ مان نوجوانن جون ٿيندڙ جبري گمشدگيون

سنڌ کي اسان آزاد خطو، آزاد ڌرتي تصور ته ڪريون ٿا، مگر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته حقيقت بلڪل ابتڙ نظر اچي ٿي ۽ هتي ابتي گنگا وهي رهي آهي۔ سنڌ حڪومت عوامي ۽ جمهوري حڪومت هجڻ جي رڳو دعويدار رهي آهي۔ ڏٺو وڃي ته نه جمهوري حڪومت ٿي نظر اچي ۽ نه ئي وري عوام کي آزادي سان جيئڻ ڏنو وڃي ٿو. جمهوريت رڳو طاقتور ماڻهو ۽ اسيمبلي ۾ ويٺل وڏيرن، ميرن، پيرن ۽ سردارن جو تحفظ ڪري رهي آهي. اسيمبلي جي اندر ۽ اسيمبلي کان ٻاهر جا فيصلا، ترميمون عوام جي ڀلائيءَ لاءِ نه، پر رڳو وڏن ماڻهن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي فائدو ڏيڻ يعني آڪسيجن پهچائڻ جو ڪم ڪري رهيون آهن. غريب عوام بينظير جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ شايد رڳو تاڙيون وڄائڻ ۽ نعرا هڻڻ ووٽ ڏيڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي. تعليم، صحت، روزي، روزگار ته وڃي کڏ ۾ پوي، پر هاڻي ته سنڌ ۾ جيڪو پنهنجا حق گهرڻ جي ڳالھ ڪري ٿو يا روزگار جي ڳالھ ڪري ٿو يا وري سرڪار کي سچ چوي ٿو ته سرڪاري وزيرن مشيرن کان سچ برداشت نٿو ٿئي ۽ هو جمهوري رستو اختيار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ غريب عوام کي مختلف طريقن سان ڊيڄاري ڌمڪائي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ جون چارئي ڪنڊون ٻري رهيون آهن. ڌاڙا، ڦرون، اغوا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. غريب ماڻهو احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهي ۽ سنڌي قوم ڄڻ ته لاوارث ۽ يتيم آهي۔ تازو سينئر صحافي مشتاق سرڪي جو ڀاءُ آفاق سرڪي اغوا ٿي ويو جيڪو وڏي مشڪل سان آزاد ٿيو آهي۔ان کانسواءِ 20 ڏينهن پهرين تعلقي گولاڙچي جي شهر ڀرسان ڳوٺ بجاري شريف واسي نائين ڪلاس جو شاگرد عليم مهيري اغوا ٿي ويو هو، جنهن جي اڃان تائين ڪابه خبر نه آهي۔ ان سلسلي ۾ شاگرد جي وارثن ۽ مهيري برادري پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو آهي۔ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته حڪومت، شاگرد عليم مهيري سميت سنڌ مان جيڪي به ماڻهو جبري طور تي کنڀي گم ڪيا ويا آهن انهن سڀني کي هڪدم آزاد ڪري جمهوري حڪومت هئڻ جو ثبوت ڏي۔.