نئين مالي سال جي ٻئي ڏينهن به پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڀار برقرار رهيو. 1742 پوائنٽن جي اضافي سان 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. پي ايس ايڪس جي ويب سائيٽ مطابق اربع جي ڏينهن ڪاروباري هفتي جي ٽئين ۽ مالي سال جي ٻئين ڏينهن ڪاروبار جي آغاز سان ئي مارڪيٽ ۾ تيزيءَ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.
ان کان هڪ ڏينهن اڳ مارڪيٽ 2572 پوائنٽن يا 2.05 اضافي سان 1 لک 28 هزار 199 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿي هئي. جڏهن ته 2 جولاءِ 2025 تي مارڪيٽ جي موجوده صورتحال مطابق KSE-100 انڊيڪس 129,897.33 تي واپار ڪيو، جنهن ۾ 1.32 سيڪڙو جو واڌارو ڏسڻ ۾ آيو ۽ اهو پنهنجي اڳوڻي بندش کان 1,697.91 وڌي چڪو آهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تازو مثبت رجحان ۽ انڊيڪس جو بلندين کي ڇهڻ پويان ڪيترائي اهم سبب آهن، جنهن ۾ سڀ کان اهم آءِ ايم ايف پروگرام سان ملڪ جي اڳڀرائي، مالي نظم و ضبط ۽ مالي استحڪام جون حڪومتي پاليسيون سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائي رهيون آهن. خاص طور تي بجيٽ ۾ ڪئپيٽل گينز ٽيڪس کي 15 سيڪڙو تي برقرار رکڻ تي سيڙپڪارن لاءِ مثبت سمجهيو ويو آهي. هي اهو منافعو يا فائدو آهي جيڪو سرمائيدار کي پنهنجن اثاثن کي وڪڻڻ تي حاصل ٿئي ٿو، جيڪو سرمائيدار ان اثاثي کي خريد ڪرڻ وقت جي قيمت کان وڌيڪ تي وڪڻي ٿو.
ان کان علاوه مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي ۽ مرڪزي بينڪ پاران وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي اميد مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي همت کي وڌايو آهي، جڏهن وياج جو اگهه گهٽ ٿيندو آهي ته ماڻهو بينڪن ۾ پئسا رکڻ بجاءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاريءَ کي ترجيح ڏين ٿا.
بلومبرگ جي رپورٽ موجب 2024ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج دنيا جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مارڪيٽ مان هڪ رهي آهي، ان رپورٽ جي ڪري پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ پڻ واڌ آئي آهي. ان سان گڏوگڏ هڪ ٻيو عنصر جيڪو تمام گهڻو اهم آهي اهو اِهو آهي ته پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ استحڪام ۽ ملڪ جي برآمدن ۾ واڌ معيشت لاءِ مثبت نشانيون آهن. گڏوگڏ مختلف جاين تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيل سيڙپڪارن کي سٺو منافعو ملڻ جي ڪري به ٻين ڪپمنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ اعتماد پيدا ٿيو آهي.
پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي سڀ کان پرڪشش ڳالهه اها آهي ته تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچڻ جي باوجود به پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ اڃان به ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ سستي آهي جنهن ڪري سيڙپڪار ان کي هڪ موقعو سمجهي رهيا آهن. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سرمائيداري جا ڪيترائي فائدا آهن، پر ساڳئي ئي وقت ڪجهه خطرا به آهن جن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن درست رٿابندي ۽ معلومات سان سيڙپڪاري ڪئي وڃي ته اسٽاڪ مارڪيٽ دولت وڌائڻ جو هڪ بهترين ذريعو ٿي سگهي ٿو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سرمائيداري ڪرڻ سان ڊگهي مدي ۾ سٺو منافعو ڪمائي سگهجي ٿو.
ان کان علاوه شيئرز جي قيمت وڌڻ سان شيئر خريد ڪرڻ وارن کي سٺي آمدني حاصل ٿي سگهي ٿي، ڪجهه ڪمپنيون پنهنجي شيئر هولڊرن کي پنهنجي منافعي جو هڪ حصو باقائده بنيادن تي ڏينديون آهن، جنهن کي ڊيويڊنڊ چيو ويندو آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان مهانگائيءَ کان بچڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ڪمپنين جي پيداوار ۽ منافعي ۾ واڌ سان گڏ شيئرز جي قيمت به وڌنڌي آهي جيڪا توهان جي پئسن جي قدر کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
هن مارڪيٽ ۾ جن ماڻهن کي اسٽاڪ وٺڻ ۽ وڪڻڻ جو تجربو آهي اهي آسانيءَ سان شيئرز خريد ڪري ۽ انهن جي قيمت وڌڻ سان ئي وڪرو ڪري سٺو منافعو ڪمائي سگهن ٿا، جنهن کي هو ٻئي ڪنهن هنڌ سيڙائي سگهن ٿا، پر گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ اٿل پٿل جي ڪري شيئرز جي قيمت ۾ اوچتو چاڙهه ۽ لاٿ به عام آهي. اقتصادي خبرون، سياسي صورتحال يا عالمي واقعا مارڪيٽ کي متاثر ڪري سگهن ٿا، جنهن سان سيڙپڪارن کي نقصان به پهچي سگهي ٿو.
ڪيترائي ماڻهو بغير ڪنهن تجربي يا تحقيق جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿي پنهنجو سرمايو وڃائي ويهن ٿا، ڇو ته کين مارڪيٽ جي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته پهرين اسٽاڪ مارڪيٽ کي سمجهڻ گهرجي، صحيح سيڙپڪاري جا فيصلا ڪرڻ لاءِ معلومات ۽ تحقيق ضروري آهي، معلومات جي کوٽ جي ڪري غلط فيصلا ٿي سگهن ٿا. خاص ڪري پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ امن امان جي صورتحال، سياسي عدم استحڪام ۽ اقتصادي تبديليون مارڪيٽ تي گهڻو اثر وجهنديون آهن، پر صبر ۽ مسلسل مارڪيٽ سان لاڳاپيل رهڻ کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو ننڍي سرمائيڪاري کانپوءِ ان قابل بڻجي وڃن ٿا ته اهي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري وڏو منافعو ڪمائي سگهن.
جيئن هن وقت مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان موجود آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته شيئرز جي قيمت ۾ واڌ جو امڪان موجود آهي ۽ اهو سڀ حڪومتي پاليسين، آءِ ايم ايف جي پروگرام ۽ گهٽجندڙ مهانگائي جي اميدن سبب ٿيو آهي. هن وقت مارڪيٽ تي سيڙپڪارن جو اعتماد آهي جنهن جي ڪري مارڪيٽ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ٿي رهي آهي ۽ شيئرز جي قيمت تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. سادن لفظن ۾ جيڪڏهن ايئن چئجي ته توهان مختلف جاين تي سيڙپڪاري ڪئي آهي ۽ توهان جا شيئرز به موجود آهن ۽ انهن جي قيمت ۾ جيڪڏهن واڌ آئي آهي ته توهان انهن کي وڪڻي به سگهو ٿا، پر جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان ڊگهي مدي جي سيڙپڪاري ڪريو ته پوءِ توهان مارڪيٽ جي مستقبل تي نظر رکندي پنهنجو ڪوبه آپشن استعمال ڪري سگهو ٿا.
اسان پراميد آهيون ته پاڪستان ۾ سيڙپڪار ان اعتماد سان مسلسل سيڙپڪاري ڪندا رهندا ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو رهي ۽ حڪومت به بهترين پاليسيون ٺاهي سيڙپڪارن جي همت افزائي ڪندي ته مارڪيٽ ۾ هميشه تيزي نظر ايندي.