بلاگنئون

خلل ۽ ماريو جن موت کي

جڏهن اندر ۾ اوندھ ڀرجي وڃي ذھن مفلوج محسوس ٿئي، سڪون ڪوھين ڏور هجي ته ٻه شيون انسان لاءِ سڪون جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون سٺا دوست ۽ سٺا ڪتاب. دوستن تائين رسائي ممڪن نه ھجي ته پنهنجي لائبريري آڪسيجن جو ڪم ڏيندي آھي ڪتابن کي ڏسندي ۽ ڇھندي ئي ڪا آسيس ملي ويندي آھي. ڪتاب پڙھندي لڳندو آھي ته ليکڪ توھان سان مخاطب آھي ۽ پنهنجي اندر جي احساسن جي ڳنڍ کولي پلٿي ھڻي پنهنجو سڀ ڪجهه توھان کي ارپي ٿو پيو، خدا پنهنجي خاص بندن تي ئي الھام ڪندو آھي. ليکڪ به ته انهن خاص بندن ۾ شمار ٿين ٿا، جن جي اندر جي ڪائنات ايتري ته وسيع آھي جو ھڪ ليکڪ ئي ٻئي ليکڪ جي ان وسيع ڪائنات کي سمجھي سگھي ٿو. مون کي هميشه اھو ليکڪ ئي مھان لڳو جنهن جي لفظن ۾ سندس پيڙاءُ سندس لڙڪ سندس درد پڙھندڙن ڏانهن منتقل ٿين کين لکندڙ جا لڙڪ به پنهنجا لڳن ته ٽھڪ به ۽ کين پنهنجي پاڻ کان بي خبر ڪري ڇڏيـن. درد رڪيل نه رھي، پر رڙھندڙ ھجي، انهن ڪيفيتن ۾ ئي ڪتاب پڙهڻ جو پنهنجو نشو طاري ٿئي ٿو.
اھڙا گھٽ ليکڪ ھوندا آھن، پر جيڪي آھن سي ڪمال ڪريو ڄاڻن، انهن ۾ تازو ھڪ ليکڪ مدھوش مير به ڪمال ڪيو آھي ننڍي عمر ۾ چار ڪتاب تخليق ڪري پاڻ مڃائي چڪو آھي، جن مان ٻن ڪتابن جي مون تازو اسٽڊي ڪئي ته گھڻو ڪجهه پرايم، جن ۾ پھريون ڪتاب “ماريو جن موت کي“ ۽ ٻيو “خلل” ماريو جن موت کي ڪتاب جنهن جو مھاڳ رسول ميمڻ لکيو آھي رسول ميمڻ مھاڳ ۾ ئي ڪتاب ۾ موجود رس چس جي جيڪا پنهنجي لفظن سان رچنا ڪئي آهي سا ڪمال آھي. (رسول ميمڻ مھاڳ ۾ لکي ٿو ته انسان ڌرتي تي اڏامندڙ وجودي ورق آھي ورق ۾ زندگي جو پروگرام درج ٿيل آھي تقدير حادثا ھاڃا ۽ الميا ھو پاڻ سان گڏ دنيا ۾ کڻي اچي ٿو ۽ پوءِ اھو ظاھر ڪري ٿو جيڪو سندس اندر ۾ موجود آھي).
ڪتاب جي اسٽڊي ڪندي مون اھا شيءِ شدت سان محسوس ڪئي آھي ته سوچيندڙن ۽ لوچيندڙن جا اھي اندر جا اظھار ئي آھن جيڪي گھڻن لاءِ دڳ ثابت ٿيندا آھن
اھي لازوال ڪردار جيڪي تاريخ جا روشن ستارا آھن جيڪي ڪنهن تعارف جا محتاج ناھن تن کي مير نئين انداز سان سامھون آڻي بيھاريو آھي ھي اھي ڪردار آھن جيڪي سماجي نابرابري ۽ ناانصافي جي اذيت پنهنجي اندر ۾ اوتيندا رھيا پنهنجي حياتي انتهائي غربت ۾ پيٽ تي پٿر ٻڌي جيئندا رھيا، پر عام ماڻهو جي ان ذلت ڀري زندگي جي دک کي محسوس ڪندي مايوس ٿي ماٺ نه ڪيائون، پر انهن پيڙائن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر جي طاقت ميڙي سيڙي قلم جي سگھ سان پنهنجن خيالن جو اظھار ۽ پنهنجي روشن خيالي سان سماج جي نئين سر اڏاوت لاءِ شعور جي لاٽ ٻاريندا رھيا.
ھي اھي ڪردار آھن جن جي زندگي ۾ پيڙائن پچر نه ڇڏي جيڪي وقت ۽ حالتن جي جبر سان جھيڙيندا فنا ٿي ويا، پر تڪليف ڏيندڙ وقت جي ان وٿيءَ کين پچائي راس ڪري ڪندن ڪري ڇڏيو، جـن ويندي ويندي دنيا کي پنهنجي لفظن جا جھول ارپي ڪيترن انسانن جي اندر ۾ ڀريل اونداھ لاءِ ستارن جا جھرمٽ ميڙي ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ روشني سان ڪو دڳ ڏئي ويا جيڪي دائرن مان ڪڍڻ لاءِ عام ماڻهو کي خاص سوچ جي طاقت ڏئي ويا جيئن شعور جي سگھ سان ساڳئين مدار مان نڪري نئين سري سان دنيا جي تعمير ڪجي.
اھڙا ڪردار جن کي موت ماري جياري ويو جن جي لکڻين کين بقا ڏني جيڪي امر ٿي ويا منٽو شيڪسپيئر، ميڪسم گورڪي کان ايني فرينڪ جي ڊائري ۾ اتاريل درد ڪٿا کان آمريڪي شاعره املي ڊيڪنسن جي تنهائين جو ڪرب جنهن سندس وفات کانپوءِ ميڙجي ڪتابن جي شڪل ۾ اچي سندس شخصيت کي سونو ڪيو. ان کانسواءِ وان گوگ چترڪار کان ليونارڊو ڊاونچي تائين جنهن 1503 کان 1517 تائين مونا ليزا جو شاھڪار ٺاھڻ ۾ لڳايو، جنهن پنهنجي زندگي جا ٻارنھن سال مونا ليزا جا چپ ٺاھڻ ۾ لڳايا جنهن ۾ سڄي تصوير جو روح سمايل آھي، جنهن سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن چترڪار عذابن جا ڏينهن ڪاٽيا پر پوءِ سندس پنٽنگ جي قيمت سترھن ھزار ملين ڊالر لڳي. ان کانسواءِ لازوال ڌنن جو ڌڻي موزارٽ ۽ ٻيا به اھڙا ڪردار جن کي مير پنهنجي الڳ انداز سان لکي اسان جھڙن ڪورن ذھنن کي نه صرف معلومات ڏني، پر سندس اھڙي تعارف اھڙن ڪردارن جي سڀني ڪتابن کي پڙھڻ لاءِ اسان جي اندر ۾ تجسس جاڳايو. مير جي ھن ڪتاب ۾ سندن زندگين جو تاريڪ دور ڏسي پڙھي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿو. مدھوش مير نه صرف انهن ڪردارن جو الگ تعارف ڪرايو آھي، پر گڏوگڏ انھن جي دور ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيترين عظيم ھستين جو به ذڪر ڪري ويا آھن اھو سڀ پڙھي مير جي الڳ اندز ۾ لکڻ جو اندازو ڪري سگھجي ٿو ۽ گهڻو ڪجهه پرائي سگھجي ٿو.
۽ سندس ٻيو ڪتاب خلل جيڪو نالي جيان نفسيات تي لکيو ويو آھي، جنهن کي پڙهڻ لاءِ منهنجون سڀ حسون جاڳي پيون ڇو ته آئون خود انهن مونجھارن ۾ ڊگھو عرصو رھيس. نفسيات اھو موضوع آھي جو جيڪڏهن اڄ جي ماڻهن جي روين جي اسٽڊي ڪجي ته ڪو ھڪ ماڻهو انهن مونجھارن مان مشڪل سان بچيل نظر ايندو، پر سائنس جي ترقي سان سڀ ڪجھ ممڪن آھي سو انھن ڪيفيتن مان نڪرڻ آسان نه سھي ناممڪـن ناھي. مير مدھوش جي ڪتاب کي پڙھندي مون اھا شيءِ شدت سان محسوس ڪئي ته انساني خيالن ۽ روين جو اڀياس جيڪو انتهائي مشڪل موضوع آھي ۽ جيڪو پڙھندڙ تي گھرو اثر ڇڏي ٿو سو يقينن لکندڙ جي گھري مطالعي کي ظاھر ڪري ٿو. ڪردار ۽ روين مان پنهنجي شخصي خرابي جو ظاھر ٿيڻ جيڪا خرابي پاڻ کي محسوس نه ٿيڻ ۽ جنهن خرابي جي ڪري فرد جي ٻئي فرد کان اختلاف جي شروعات ٿيڻ ۽ ان اختلاف سان سماجي دورين جو جنم وٺڻ مطلب سماج جي بگاڙ جي شروعات ٿيڻ.
نفسياتي جڪڙ ۾ ماڻهن جون مختلف ڪيفيتون جيڪي کين نارمل زندگي کان الڳ ڪن ٿيون، جيڪي کين زندگي جي لطف کان محروم رکن ٿيون، جيڪي کين ماحول کان فراريت اختيار ڪرائي اڪيلائين جي ور چاڙھين ٿيون.
خلل ڪتاب کي پڙھندي ايئن ٿو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ليکڪ پاڻ زندگي جي ڪنهن مرحلي ۾ انهن ڪيفيتن مان خود گذري چڪو ھجي ۽ انهن ڪيفيتن جو گهرائيءَ سان مشاھدو ڪري چڪو ھجي جو سندس سوچ ان موضوع ۾ قيد ٿي ھڪ جاندار ڪتاب تخليق ڪري وئي جيڪو پڙھندڙ جي شخصيت تي ايترو اثرانداز ٿئي ٿو جو ھو پنهنجي ڪيفيت تي سوچيندي پنهنجي پاڻ مان اھو خلل ڪڍڻ جو ويچاري نارمل زندگي طرف پنهنجو رخ موڙڻ چاھي ٿو. اھڙي ڪتاب جو مطالعو ڪندي ھر فرد پنهنجي ڪيفيتن کي به پڙھي سگھي ٿو. منهنجي خيال ۾ نفسياتي اثر جي گهيري ۾ عورتون گهڻو گھيريل آھن، جيڪا مرد جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڀوڳي ٿي. ڇو ته سماجي ٻنڌڻ حد بنديون ريتون رسمون عزت ۽ غيرت جا ماپا اظھار تي پابندي کيس اندر ئي اندر ۾ ڳارينديون رھن ٿيون جيڪي کيس ذھني دٻاءُ جو شڪار ڪن ٿيون.
اھا ڪھڙين ڪيفيتن مان گذري پئي کيس پنهنجي خبر ناھي، پر مير مدھوش جنھن طريقي سان اھي ڪيفيتون ۽ نفسياتي خلل سمجهائي ٿو ته عورت توڙي مرد مطلب ھر فرد پنهنجي پاڻ ۾ اھڙي خلل کي محسوس ڪندي مير صاحب کي ويد سمجھڻ لڳي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪيترا اھڙا فرد به ھوندا جـن نه صرف مير صاحب کي پڙھيو ھوندو، پر کيس ويد سمجھي پنهنجو علاج ڪرائڻ لاءِ سوچيو ھوندو، سو يقينن مير جي گھري مطالعي کيس ان لائق بڻايو آھي جو ھو ڪيترن نفسياتي مونجھارن جي شڪار فردن جي ڪائونسلنگ ذريعي مدد ڪري سگھن ٿا.
اھڙن بھترين ڪتابن تي مير مدھوش صاحب جس لھڻن سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ اھا اميد ته اھڙا شاھڪار لکي اسان جي نسلن جي ذھني آبياري ڪندا رھندا.
***