بلاگنئون

مصنوعي زندگي

مصنوعي ذهانت”(Artificial Intelligence) بابت سُڌِ ته اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي هوندي، جو هٿ ۾ هر وقت سمارٽ فون جهلڻ ۽ ان جي استعمال ڪرڻ دوران پاڻ کي ڪيترائي ڀيرا مصنوعي ذهانت جو واهپو ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پيو هوندو. ڪلوننگ، ڊي اين اي جهڙا اصطلاح به پاڻ ڪيترن ماڻهن وٽان ضرور ٻڌا هوندا، جو اهي سائنسي اصطلاح به اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ذڪر هيٺ آيا هوندا. “مصنوعي حياتي”(Synthetic Life) جو تصور، جيڪڏهن اسان لاءِ نئون نه به هوندو ته ان بابت نه هئڻ جوڳي هوندي.
“مصنوعي حياتي” جو اصطلاح “مصنوعي حياتيات”(Synthetic Biology) مان ورتل آهي، تنهنڪري پهرين مصنوعي حياتيات کي سمجهڻ ضروري آهي. “مصنوعي حياتيات”، حياتيات جو هڪ اهڙو شعبو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد قدرتي مخلوق جي تمام ننڍن ذرڙن، جهڙوڪ: ڊي اين آي، پروٽين ۽ نامياتي ماليڪيولز وغيره جي جينياتي ڪوڊ کي اهڙي نموني تبديل ڪرڻ يا نئون ڪوڊ ٺاهڻ آهي ته جيئن نئين مخلوق وجودي سگهجي. جينياتي ڪوڊ ۾ تبديليءَ سان گڏوگڏ نوان جينياتي ڪوڊ تيار ڪرڻ جو ڪم، هن سائنس جو بنيادي محرڪ آهي.
مصنوعي حياتيات جي تاريخ تي مختصر نظر:
جرمن ڪيميادان، فريڊرڪ ووهلر کي سائنس جي هن شاخ جو باني سمجهيو وڃي ٿو. 1828ع ڌاري هڪ تجربي دوران جڏهن پاڻ هڪ ڌاتو امونيم ڪلورائيڊ کي سلور آئسوسائيٽ سان ملايائون ته يوريا (نائيٽروجن سان ڀرپور مرڪب، جيڪو ٻچا ڏيندڙ جانورن جي پيشاب ۾ شامل هوندو آهي) ٺهي پيو. ان تجربي سان ٻن غير نامياتي مرڪبن(Inorganic Compounds) منجهان هڪ نامياتي مرڪب(Organic Compound) تيار ٿي ويو. تنهن کانپوءِ هيل تائين سائنسدان غير نامياتي مرڪبن منجهان ڪيترائي نامياتي مرڪب تيار ڪندا رهيا آهن. هن وقت هڪ محتاط اندازي موجب دنيا ۾ لڳ ڀڳ پنج لک غير نامياتي مرڪب ۽ اوڻيهه لک نامياتي مرڪب (قدرتي توڙي هٿرادو) موجود آهن.
1970ع جي ڏهاڪي دوران، سائنسدان جينياتي انجنيئرنگ ۽ ٻيهر ميلاپ سان وجوديل ڊي اين اي ٽيڪنالاجيءَ(Recombinant DNA Technology) ذريعي تجربا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهن تجربن جي نتيجي ۾ قدرتي طور حاصل ٿيل بيڪٽيريا جي جينياتي ڪوڊ ۾ هڪ ٻي بيڪٽريا جو جين وجهڻ سان تبديلي ڪئي وئي. اهڙي قسم جا تجربا زندگي بچائيندڙ دوائن، پروٽين ۽ ٻين نامياتي مرڪبن سان تيار ٿيندڙ دوائن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو. اهڙي ئي هنرمنديءَ ذريعي مصنوعي انسولين حاصل ڪئي وئي. هن ڏهاڪي دوران، سائنسدانن پنهنجي مرضيءَ جو جين تخليق ڪرڻ جو ڏانءُ ذري گهٽ سکي ڇڏيو هو.
1980ع کان 2000ع جي ٽن ڏهاڪن دوران ڊي اين اي جي ترڪيب واري ٽيڪنالاجيءَ ۾ وڏي پيماني تي تبديلي اچي چڪي هئي ۽ سائنسدانَ، وڌيڪ پيچيدا تجربا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لڳا ۽ اهڙا نامياتي مرڪب بڻائيندا رهيا، جيڪي قدرتي نامياتي مرڪبن کان وڌيڪ ڏکيا ۽ پيچيدا هئا. جون 2007ع جي هڪ سڀاڳي ڏينهن، آمريڪا جي سائنسدانن کي اهو اعلان ڪرڻ ۾ سرهائي محسوس ٿي ته هو هڪ جيوَ جو جينياتي مادو (Genome) مائڪوپلازما(Mycoplasma miscodes) هڪ ٻئي جيوَ جي سيٽوپلازم(Mycoplasma capricolum) سان پيوندڪاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن. ان ڪامياب تجربي دوران پيدا ٿيل نوان بيڪٽيريا پنهنجي اصلي جين جي جوهر کان خالي هئا. جنوري 2008ع ۾ ٻن آمريڪي سائنسدانن، ڊينيئل جِي گبِسن ۽ هيملٽن او سِمٿ، هڪ اهڙو جينوم تخليق ڪيو، جيڪو پنهنجي اصلي جينز کان معمولي مختلف هو. مئي 2010ع ۾ سائنسدانن وري اعلان ڪيو ته انهن هڪ 1.08 ملين بنيادي جوڙن جا جينوم تيار ڪيا آهن ۽ انهن کي بيڪٽريا جي سيٽوپلازم ۾ داخل ڪيو ۽ پهرين ڪم ڪندڙ مصنوعي زندگي ٺاهي وئي. جنهن جو نظام قدرتي زندگيءَ وانگي هلندو رهيو.
مصنوعي حياتيات جو استعمال:
هن ٽيڪنالاجيءَ ذريعي اهڙي نئين مخلوق به پيدا ڪري سگهجي ٿي، جيڪا بيڪٽيريا وانگر ننڍي هجي يا وڏن جاندارن ۽ پکين وانگر وڏي هجي. جينياتي حياتيات ۽ جينياتي انجنيئرنگ ذريعي جين جا ڪوڊ تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ نوان ڪوڊ ٺاهڻ وارو هنر، هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪو آهي. ڪوبه اهڙو جاندار، جيڪو جينياتي انجنيئرنگ ذريعي وجوديو ويو آهي، اهو جينياتي طور تبديل ٿيل جاندار(Genetically Modified Organism) سمجهيو وڃي ٿو.
جينياتي انجنيئرنگ، شروعات کان وٺي هڪ تڪراري موضوع رهندو آيو آهي ۽ ان سائنس جي ترقي ۽ واڌاري کي انسانيت لاءِ خطرو سمجهيو وڃي ٿو. مختلف مائڪرو اسڪوپڪ بيڪٽيريا وغيره جي ڊي اين اي ۾ تبديليءَ دوران يا ڪنهن تجربي سببان بيڪٽيريا جو اهڙو قسم به پيدا ٿي سگهي ٿو، جيڪو انسان ذات يا هن دنيا جي ٻين جاندارن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. جيئن: ڪورونا وائرس.
ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪيترا ئي اهڙا سازشي نظريا گردش ڪري رهيا آهن ته اهو وائرس ليباريٽريءَ ۾ تيار ڪيو ويو هو ۽ ان وائرس جي پکيڙ ڪنهن خاص مقصد جي حصول لاءِ ڪئي وئي هئي. اهڙا سازشي نظريا رڳو نظرين تائين محدود سمجهيا به وڃن، پر سائنسدانن جو خيال آهي ته جينياتي انجنيئرنگ يا مصنوعي حياتيات جي سائنس ۾ واڌارو، ڪيترين ئي بيمارين کي جنمي سگهي ٿو. هاڻي ذهن ۾ پهريون سوال اهو ئي ٿو اچي ته جيڪڏهن اها ٽيڪنالاجي، ايتري ئي خطري واري آهي ته پوءِ ان تي ايڏو تيزيءَ سان ڪم ڇو ٿو ڪيو وڃي؟ ان سوال جو سادو جواب اهو ئي آهي ته مصنوعي حياتيات ذريعي جتي خطرناڪ بيماريون ڦهلجڻ جو انديشو رهي ٿو، اتي اهڙا جراثيم به تيار ٿي سگهن ٿا، جيڪي ڪيترن ئي موذي مرضن کي مات ڏئي سگهن ٿا. پوري دنيا کي تباهيءَ ڏانهن گهلڻ وارو ڪورونا وائرس جو مثال اسان جي سامهون آهي. ساري دنيا کي پنهنجي وحشي چنبن جي لپيٽ ۾ آڻيندڙ ان وائرس کي شڪست وري به ان مصنوعي حياتيات ذريعي ڏني وئي. ان وائرس جون ڪيتريون ئي ويڪسينز تيار ڪيون ويون آهن، جنهن ذريعي وائرس جي ڦهلاءَ جو ٽوڙ ڪڍيو ويو ۽ ماڻهن کي تڪڙو، ترت ۽ مفت ۾ مرڻ کان بچايو ويو. وائرس، دنيا ۾ ڦهلجندڙ خطرناڪ بيمارين جو ڄڻ ته سبب هوندو آهي. جيئن: انفلوئزا، ايبولا، ارڙي، ماتا، فلو وغيره. انسانن ۽ ٻين جاندارن جي ستيا ناس ڪري ڇڏيندڙ وائرس بابت سائنسدانن جو خيال آهي ته وائرس بي ساهو هوندو آهي. ڪنهن جاندار جي هڪ مڪمل وصف تي ڪوبه سائنسدان مڪمل اتفاق نٿو ڪري، البته ڪجهه اهڙا نڪتا ضرور آهن، جن تي سڀ سائنسدان متفق آهن. پهريون نڪتو اهو آهي ته جاندارن کي پنهنجي حياتياتي مشينري هوندي آهي، جنهن ذريعي هو پاڻ جهڙو ٻيو جاندار پيدا ڪري سگهندا آهن. ٻيو ته جاندار جيو گهرڙن جي ورهاست سان وڌندا آهن ۽ ٽيون نڪتو اهو آهي ته جاندارن کي پنهنجو ميٽابولزم ٿيندو آهي. وائرس، انهن ٽنهي نڪتن تي پورو نٿو لهي. وائرس ۾ پنهنجي ڪا به حياتياتي مشينري نه هوندي آهي، جنهن ذريعي اهو ڪو نئون جاندار پيدا ڪري سگهي. وائرس کي پاڻ جهڙو ٻيو وائرس پيدا ڪرڻ لاءِ انسان يا ڪنهن جاندار جي ضرورت هوندي آهي. وائرس جا جيو گهرڙا، پاڻ هڙتو ناهن ورهائبا ۽ وائرس جو پنهنجو ڪو ميٽابولزم جهڙو سرشتو به ناهي هوندو. تنهنڪري وائرس بي جان سمجهيو وڃي ٿو. ڪورونا وائرس به ٻين وائرسن وانگر هڪ بي جان وائرس آهي، پر جينياتي حياتيات جي استعمال سان تمام وائرسن جون اينٽي باڊيز تيار ڪري سگهجن ٿيون.
مصنوعي حياتيات ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي:
مصنوعي حياتيات جو هڪ دلچسپ پاسو اهو به آهي ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ذريعي مستقبل قريب ۾ جين جي تياري تڪڙي ۽ سستي بڻجي سگهي ٿي. 2010ع ڌاري هڪ آمريڪي تحقيقي اداري جي محققن مائڪو پلازما مائيڪوڊيز (Mycoplasma Mycoides) جي مصنوعي جراثيم کي بيڪٽيريل جيو گهرڙي ۾ تبديل ڪيو هو. جيتوڻيڪ اها هڪ مکُ ڪاميابي هئي، پر ان تجربي لاءِ محققن کي پندرهن سالن کان وڌيڪ عرصو ۽ 40 هزار ڊالرن جي لاڳت ڪرڻي پئي. سائنسدانن موجب ڪمپيوٽر چپ جي تياريءَ کانپوءِ اهو ڪم تمام گهٽ وقت ۾ سستو ۽ معياري بڻجڻ ممڪن آهي. محققَ، جنهن ڪمپيوٽر چپِ تي ڪم ڪري رهيا آهن، اها ڪمپيوٽر چپ، ڪنهن ڊي اين اي جي جينياتي ڪوڊ کي ڪمپيوٽر ۾ ڪاپي ڪرڻ کانپوءِ ان جينياتي ڪوڊ جو ڊجيٽل ڪوڊ استعمال ڪندي ۽ ان استعمال ٿيندڙ ڪوڊ ذريعي ٻيا نوان تجربا ڪيا ويندا. محقق، ان خيال جا آهن ته اهڙي چپ جوڙڻ ۾ وقت گهربل آهي، ڇاڪاڻ ته انساني ڊي اين اي انتهائي پيچيدو آهي. هاڻي ٿورڙو سوچيون ته ائين ڇو آهي؟
ڊي اين اي- هڪ پيچيدو مواد:
سائنسدانن جي چوڻ موجب انساني ڊي اين اي کي جيڪڏهن کولجي ته اهو شمسي نظام جي آخري سياري پلوٽو تائين 17 ڀيرا پکيڙ برابر آهي. سج ۽ چنڊ جو فاصلو 9 ڪروڙ 30 لک ڪلو ميٽر آهي، يعني انساني ڊي اين اي کي سج ۽ چنڊ دوران 1500 ڀيرا ۽ سج ۽ زمين دوران 600 ڀيرا ڦهلائي سگهجي ٿو. اها حقيقت مڃڻ لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته انساني جينوم (انساني جيو گهرڙي ۾ موجود جينياتي مادا) ۾ ڊي اين اي جا 30 ماليڪيولز هوندا آهن، جن کي ڪروموسوم چيو ويندو آهي. هرهڪ ڪروموسوم ۾ 35 لک کان 50 لک تائين نيو ڪلائيڊ جوڙا هوندا آهن. ڊي اين اي جي انهن ماليڪيولز کي جڏهن کوليو وڃي ته انهن جي ڊيگهه 1.7 سينٽي ميٽر کان 8.5 سينٽي ميٽر تائين ٿئي ٿي. انساني جسم ۾ لڳ ڀڳ 35 کرب جيو گهرڙا موجود هوندا آهن، جيڪي انساني جسم جي بناوت جوڙيندا آهن. جيڪڏهن اوهان 35 کرب جيو گهرڙن ۾ موجود ڊي اين اي کي کوليندا ته ان جي ڊيگهه سج کان پلوٽو تائين 17 ڀيرا بيهندي. ڊي اين اي بابت هڪ ٻي دلچسپ حقيقت اها به آهي ته مجموعي طور پوري انسان ذات 99.9 في سيڪڙو جينياتي ميڪ اپ ۾ هڪ جهڙائي رکن ٿا. باقي 0.1 في سيڪڙو فرق سان اسان کي بيمارين جي سبب جي باري ۾ سُڌِ ملندي آهي. جينياتي حياتيات تي ٿيندڙ تحقيق جي نتيجي ۾ انسان تي ڪيترائي حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ٿيا آهن، جن مان هڪ سهو به آهي ته انساني جسم جو اڌ حصو بيڪٽيريا تي ٻڌل آهي.
مصنوعي حياتيات ۾ ٿيل اڳڀرائي:
مصنوعي حياتيات، صنعت، صحت ۽ زراعت جي شعبي ۾ حيرت ۾ وجهندڙ اڳڀرائي ڪري چڪي آهي. صنعت ۾ رطوبت وڌائيندڙ خمير (Enzymes)، حياتياتي ٻارڻ(Bio Fuels) جي پيداوار، ماحولياتي گدلاڻ کي پاڻ هڙتو ختم ڪندڙ حياتياتي حواسي(Bio Sensors) ۽ حياتياتي ٻوٽا ۽ پاڻيءَ کي صاف سٿرو ڪرڻ واريون پيداوارون وغيره منڊيءَ ۾ عام ڪري ڇڏيون آهن. صحت جي شعبي ۾ ڪينسر جي جراثيم مار دوائن سميت هر ايندڙ ڏينهن نوان گروپ تيار ڪري انهن ۾ نواڻ آڻي، انساني زندگيءَ کي وڌيڪ صحتمند ۽ ڊگهي بڻائڻ لاءِ روز نيون شيون مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي رهي آهي. خاص طور رت واري ڪينسر جي روڪ ۽ مدافعتي قوت کي مسلسل وڌائڻ ۽ برقرار رکڻ واريون دوائون، حياتياتي سائنس جو ڪمال آهن. زراعت جي شعبي ۾ “گهٽ ايراضي- وڌ پيداوار” جي اصول تي عمل ڪندي مصنوعي حياتيات، گهڻي اڳڀرائي ڪري چڪي آهي. جانورن جي صحت، روايتي فصلن کي پاسيرو ٿي، غير روايتي فصلن جي پيداوار ۽ انهن ۾ جدت آڻڻ جهڙا عمل، حياتياتي سائنس جي کاتي ۾ اچن ٿا.
ان کان به اڳتي، هارورڊ يونيورسٽيءَ جي شاگردن خودڪار مڇين جو هڪ اهڙو ميڙ تيار ڪيو آهي، جو اهي خود تري سگهن ٿيون. انهن خودڪار مڇين کي نه بيٽريون، نه شمسي توانائي مهيا ڪري ڏني وئي آهي ۽ نه ئي هٿرادو ذهانت، پر اهي مڇيون، انساني دل جي تمام ننڍڙن ذرڙن جي لڳائڻ سان مسلسل چرپر ۾ رهن ٿيون. سائنسدانَ، ٻڌائين ٿا ته انهن مڇين کي ڪاغذ، پلاسٽڪ، جيليٽن ۽ زنده دل جي ننڍڙن ذرڙن کي استعمال ڪري ٺاهيو ويو آهي. انهن دل جي خلين جي چرپر سببان اهي مڇيون ساهه کڻي رهيون آهن. بنا ڪنهن ٻاهرين توانائيءَ جي اهي مڇيون گهٽ ۾ گهٽ 100 ڏينهن تائين تري سگهن ٿيون.
مصنوعي حياتيات، جينياتي انجنيئرنگ جي مدد سان مصنوعي زندگيءَ جي شعبي ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ڪري رهي آهي. اهڙو ڏينهن ڪو ايڏو پري ناهي جو ڊي اين اي جي جينياتي ڪوڊ کي ٽوڙي، وري جوڙي ۽ ان ۾ واڌارو ڪري، مصنوعي گهريلو پالتو جانور، ٻليون، مختلف هائبرڊ پکي، قدرتي زهريلن جيتن ۽ نانگن وغيره کي ختم ڪندڙ زهر- ڪش هٿرادو جيت، شڪاري ڪتا ۽ مصنوعي ٻار وغيره ٺاهي، مصنوعي زندگيءَ جي جوت، پوري جڳ ۾ ٻاري ويندي ۽ هاڻوڪن انسانن جي ڊگهي ڄمار جو جوڳو بندوبست ڪيو ويندو.
***