ماتلي ۾ ھن وقت 8 پريس ڪلبن ۾ 200 کان وڌيڪ صحافي ٿي ويا آھن ۽ انھن جو تعداد ڏينھون ڏينھن وڌنڌو پيو وڃي، ايترن سارن صحافين کي ڪابه سياسي ڌر يا تنظيم ڪنھن به تقريب، سيمينار يا گڏجاڻي ۾ دعوت ڏئي گھرائي نٿي سگھي. ڇو ته 200 صحافين جو انتظام ھر ڪنھن لاءِ ڏکيو ٿي پيو آھي، ڏٺو ويو آھي ته تقريبن ۽ سيمينارن ۾ ھر دفعي چونڊ يا نمايان صحافين کي ڪوريج وارن مقصدن لاءِ گھرايو وڃي ٿو، ڪن جون ذاتي دوستيون ۽ ذاتي تعلق آھن، سڀئي صحافي ڪير به نه پيو گھرائي نه ئي گھرائي سگھي ٿو. اھڙي صورتحال کي مدِنظر رکندي پريس ڪلبن ۽ صحافين کي نئين سر پنھنجون حڪمت عمليون ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آھي، ھڪ اھو به آھي ته ھاڻ ڪنھن به ڌر، ويندي سرڪاري ڌر کي به ڪنھن قسم جي ميڊيا ڪوريج جي ضرورت نه رھي آھي، ڇو ته ان ڪم لاءِ ھر ڪنھن پنھنجا ماڻھو رکي ڇڏيا آھن ۽ پنھنجا پيج ٺاھي ڇڏيا آھن، اخبارون ٿوري تعداد ۾ پڙھندڙ رھجي ويا آھن ۽ ٽي وي چينلن به گھٽ ڏٺا وڃن پيا. سڀني تي سوشل ميڊيا حاوي آھي، جيڪا ھاڻ ھر ڪنھن جي ھٿ ۾ آھي. تنھنڪري صحافين جي ضرورت جو پراڻو دور نه رھيو آھي، جڏھن صحافي خبرون روڪي بائيڪاٽ ڪري تنظيمن ۽ ادارن کي پاڻ طرف ڇڪڻ لاءِ مجبور ڪري سگھندا ھئا. انھن ۾ ان طرح جي ٻڌي به ھئي جيڪا نه رھي آھي. صحافي ڪنھن سان ڪاوڙبا ھئا ڄڻ مرشد ڪاڙجي ويو، مرشد کي پرچائڻ لاءِ ماڻھو ميڙن جي صورتن ۾ منٿون ڪرڻ ايندا ھئا، اھو زمانو ھاڻ نه رھيو آھي، جنھن کي چڱي چوکي پروگرام يا تقريب جي دعوت ذاتي طور تي ملي ٿي اھو ان کي ذاتي اعزاز سمجھي ان تقريب يا پروگرام ۾ شريڪ ٿي فخر محسوس ڪري ٿو ۽ ٻين صحافين يا صحافتي ادارن جي وقار يا اھميت جو خيال نٿو رکي، سو وري به گذارش ته ھن نئين صورتحال ۾ پريس ڪلبن ۽ صحافين کي پنھنجي جاءِ پيدا ڪرڻ ۽ پنھنجي اھميت مڃرائڻ لاءِ نيون حڪمت عمليون ۽ نيون رٿابنديون ڪرڻيون پونديون.