هن سال ادب جا ٻه نوبيل انعام ڏنا ويا آهن
نوبيل انعام ورهائيندڙ تنظيم سوئيڊش اڪيڊمي آف نوبيل پرائز پاران هن سال ادب جا ٻه نوبيل انعام ڏنا ويا آهن. ياد رهي ته گذريل سال نوبيل انعام جي ڪاميٽي ۾ جنسي حراسان جو ڪيس سامهون آيو هو، جنهن ڪري ادب ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ ججن پاران استعيفيٰ ڏني وئي هئي ان ڪري ئي نوبيل انعام ورهائيندڙ تنظيم گذريل سال وارو نوبيل انعام ڏنو هو. جڏهن ته هاڻي 2019 سان گڏ 2018 واري ادب جي نوبيل انعام جو به اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب 2018 وارو نوبيل انعام پوليند جي عورت ليکڪا اولگاتو ڪارزڪ ۽ 2019 جو نوبيل انعام آسٽريليا جي ليکڪ پيٽر هينڊڪي کي ڏنو ويو آهي.