بلاگنئون

عالمي توازن ۽ ايران: هڪ نئون بحران ۽ ممڪن نتيجا

سال 2026ع دوران هلندڙ وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جنگ عالمي سياست ۽ سلامتي جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ بڻجي چڪي آهي. جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران تي فوجي ڪارروائي ڪئي ته ان جو رد عمل صرف علاقائي ڇڪتاڻ نه رهي، پر هن عالمي طاقت ور ملڪن جي هلندڙ پاليسين کي به للڪاريو آهي. پهرين ئي مرحلي ۾ چين، روس، ترڪي ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن آمريڪا، اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر اها تنقيد صرف لفظن تائين محدود نٿي رهي سگهي، جيڪڏهن اهي ملڪ ايران جي حقيقي حمايت ڪن ٿا ته عالمي منظرنامو هڪ نئين ۽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. چين، جيڪو عالمي معاشي طاقت بڻجڻ جي لاءِ سرگرم آهي، اڃان تائين سرڪاري طور تي فوجي مزاحمت کان پاسو ڪري رهيو آهي، پر ايران جي حمايت ۾ سفارتي ۽ سياسي سطح تي مضبوط ردِ عمل ڏيکاري چڪو آهي. بيجنگ جي پاليسي گهڻو ڪري اقتصادي مفادن تي بيٺل رهي آهي. وچ اوڀر جو تيل، چين جي صنعتي مشينري جي زندگيءَ جو هڪ اهم حصو آهي، پر جيڪڏهن چين واقعي ايران جي پرڀرو بيٺل رهيو ته آمريڪا سان ٽيڪنالاجي ۽ عالمي اثر و رسوخ جون ڳالهيون هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون. روس، جيڪو اڳ ئي يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي ۽ سفارتي قوت استعمال ڪري رهيو آهي، ايران جي حمايت جي صورت ۾ هڪ ٻيو وڏي دُر بڻجي سگهي ٿو. ماسڪو جي پاسي ۾ ٿيندڙ ڪابه فوجي مدد نه صرف علاقائي معاملي کي وڌائيندي، پر نيٽو جهڙن اتحادن ۾ پڻ سخت ردِ عمل جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته روس جي پاليسي هميشه پنهنجي مفادن جي تحفظ تي مبني رهي آهي، پر هاڻي هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا روس پنهنجو عالمي اسٽريٽيجڪ نقشو تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟

ان کان علاوه ترڪي جو ڪردار پڻ وڌيڪ منجهيل آهي. ڇاڪاڻ ته نيٽو جو ميمبر هجڻ جي صورت ۾، ترڪي کي پنهنجي اندروني ۽ ٻاهرين پاليسين ۾ برابري رکڻي پوندي. ان لاءِ ايران جي حمايت ڪرڻ قابلِ امڪان آهي، پر ان سان گڏوگڏ نيٽو سان تعلق کي نقصان پهچڻ جو خطرو پڻ ٿي سگهي ٿو. اڄ جيڪڏهن ترڪي پاڻ کي هڪ سفارتي ٽياڪڙ طور پيش ڪري رهيو آهي ته اها راند آسانيءَ سان تبديلي جو شڪار ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه پاڪستان جو معاملو پڻ غور طلب آهي. پاڪستان جي سياست اندروني سلامتي ۽ ٻاهرين تعلقن جي وچ ۾ حساس ۽ اهم توازن تي رهي آهي. ايران سان ويجها تعلق هجڻ جي باوجود، پاڪستان کي عالمي قوتن خاص طور تي سعودي عرب ۽ آمريڪا سان پڻ پنهنجا اهم لاڳاپا ڏسڻا پوندا. ۽ ڪوبه فوجي قدم اندروني انتشار ۽ معاشي دٻاءُ کي وڌائي سگهي ٿو، جيڪو اڳ ئي ملڪ لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. جيڪڏهن اهي سڀئي ملڪ واقعي ايران جي پاسي تي بيٺا ته اها صرف هڪ علاقائي جنگ نه رهندي، پر ان کانپوءِ هڪ وڏو عالمي بحران پڻ ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته تيل جا ذخيرا، مالياتي مارڪيٽون، عالمي سپلاءِ چين ۽ بين الاقوامي ادارا سڀ هن بحران جي ڇانوَ ۾ اچي ويندا. جنهن سبب آمريڪا ۽ ان جا اتحادي دفاعي ۽ اقتصادي پابنديون پڻ وڌائي سگهن ٿا. اهڙي ريت چين ۽ روس پڻ ان جي بدلجندڙ نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهن ٿا. تنهنڪري جنگ جي نتيجن ۾ جيڪا اميد اڃان موجود آهي اها سفارتي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ آهي. تنهنڪري اقتصادي نقصان، عالمي دٻاءُ ۽ گڏيل قومن جهڙن ادارن جو دٻاءُ عالمي طاقتور ملڪن کي، فوجي مقابلي کان وڌيڪ سفارتي حل ڏانهن واپس وٺي ويندو. هي امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين جي در کي بند ڪرڻ جو وقت نه آهي، امن ۽ استحڪام جي در کي کولي ان تي بيهي سوچڻ جي ضرورت آهي. آخر ۾ اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جنگ جو ڪوبه حتمي فائدو ناهي، پر ڳالهين ۽ گڏيل حڪمت عملي سان ئي انساني ۽ معاشي نقصان کي گهٽائڻ اول حڪمت عملي آهي. ڇاڪاڻ ته عالمي توازن کي برقرار رکڻ سڀني ملڪن جي گڏيل ذميواري آهي ۽ اهوئي انسانيت لاءِ سڀ کان اهم سبق آهي.