سال 2026ع دوران هلندڙ وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جنگ عالمي سياست ۽ سلامتي جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ بڻجي چڪي آهي. جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران تي فوجي ڪارروائي ڪئي ته ان جو رد عمل صرف علاقائي ڇڪتاڻ نه رهي، پر هن عالمي طاقت ور ملڪن جي هلندڙ پاليسين کي به للڪاريو آهي. پهرين ئي مرحلي ۾ چين، روس، ترڪي ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن آمريڪا، اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر اها تنقيد صرف لفظن تائين محدود نٿي رهي سگهي، جيڪڏهن اهي ملڪ ايران جي حقيقي حمايت ڪن ٿا ته عالمي منظرنامو هڪ نئين ۽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. چين، جيڪو عالمي معاشي طاقت بڻجڻ جي لاءِ سرگرم آهي، اڃان تائين سرڪاري طور تي فوجي مزاحمت کان پاسو ڪري رهيو آهي، پر ايران جي حمايت ۾ سفارتي ۽ سياسي سطح تي مضبوط ردِ عمل ڏيکاري چڪو آهي. بيجنگ جي پاليسي گهڻو ڪري اقتصادي مفادن تي بيٺل رهي آهي. وچ اوڀر جو تيل، چين جي صنعتي مشينري جي زندگيءَ جو هڪ اهم حصو آهي، پر جيڪڏهن چين واقعي ايران جي پرڀرو بيٺل رهيو ته آمريڪا سان ٽيڪنالاجي ۽ عالمي اثر و رسوخ جون ڳالهيون هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون. روس، جيڪو اڳ ئي يورپ ۽ وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجي ۽ سفارتي قوت استعمال ڪري رهيو آهي، ايران جي حمايت جي صورت ۾ هڪ ٻيو وڏي دُر بڻجي سگهي ٿو. ماسڪو جي پاسي ۾ ٿيندڙ ڪابه فوجي مدد نه صرف علاقائي معاملي کي وڌائيندي، پر نيٽو جهڙن اتحادن ۾ پڻ سخت ردِ عمل جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته روس جي پاليسي هميشه پنهنجي مفادن جي تحفظ تي مبني رهي آهي، پر هاڻي هتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا روس پنهنجو عالمي اسٽريٽيجڪ نقشو تبديل ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟