بلاگنئون

ٽيڪس جا نوان نظام ۽ عام ماڻهو

نومبر 2023 ۾ 12 هزار 430 ارب رپين وارو قرض هاڻي وڌي 63390 اربن تائين پڳو آهي. قرض ۾ اهڙو اضافو رڳو گذريل 2 سالن دوران ٿيو آهي، پر حڪومت پوءِ به بيوس لڳي پئي آهي، سندس ڪو حال ڀائي ڪونهي، جو هاڻي جوبائيڊن پاڻ شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته پرواھ نه ڪر هاڻي ملڪ کي گڏجي ڏسنداسين. ان ڪري ته هيل تائين انهن سياسي پارٽين ملڪ جو ڪٻاڙو صحيح طريقي سان ناهي ڪيو. هاڻي آمريڪا ان ڳالھ کي پاڻ ڏسندو، پر عام راءِ اها به آهي ته آمريڪا جي دوستي گهوري، انهن جي دشمني چڱي آهي، ان ڪري ته انهن جن جن ملڪن سان دوستي ڪئي اهي دنيا جي صفحي تان ختم ٿي ويا آهن، پر هن سرڪار کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ڇا ڪري؟ چين سان به ٻِٽُ بيٺي آهي ته آمريڪا مان به هٿ نٿي ڪڍي. پنهنجن ۾ هٿَ اٿس ته پرائي مال ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي. عوام مسلسل پريشانيءَ جو شڪار آهي ته آخر هن خطي جي ماڻهن سان ڇا ٿيندو؟ جو حڪومت کان خرچ کاٻار سڌا نٿا ٿين، ڪير انهن کي معاشي پاليسي ٺاهڻ جي تربيت ڏئي جيڪي ڪن ٿا انهن جي ڊگهي عرصي واري سيڙپ ۾ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ يا ملڪ ڪنهن اهڙي فنانس منسٽر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏين جيڪو اهي سڀ حساب ڪتاب سمجهائي ڪري ڏيکارين ته “آمدني اٺني خرچا رپيا” جا اصول نٿا هلي سگهن. ان ڪري جيتري اپت هوندي اوترو ئي خرچ ڪبو، حڪمران بس رڳو اها ڳالھ سمجهن ته به ڀلو، پر حڪومت رڳو اربين رپين جي حساب ۾ پاڻ اڙايو ويٺي آهي، ان ڪري جو جيڪي به ايف بي آر جون ڪمايون ۽ ٽيڪس جي اوڳڙ ٿئي ٿي اها الائي ڪيڏانهن ٿي وڃي، جو هن حڪومت جي پورت ناهي ۽ عوام ڌڙڪيون ٿو کائي ته انهن جي آمدني ۽ خرچ هن سرڪار جي پنهنجي بي ڌياني ۾ بگڙي ويا آهن. ماڻهن کي پاڻ کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟ معنيٰ هڪ انڌي ٻيو کيڙي، سرڪار منجهي پئي آهي ته آمريڪا سان دوستي ڪجي يا چين سان دشمني، ڪنهن جو کائجي ۽ ڪنهن جو ڳائجي؟
بهرحال جنهن رفتار سان معاشي تبديليون ۽ گهرجون سامهون اچن ٿيون، ان اسپيڊ سان معيشت بهتري طرف نٿي وڃي. حالانڪه ادارا جڏهن خانگائجن ٿا يا جيڪي خانگائجي چڪا آهن انهن تي حڪومت کي بلين رپيا ٽيڪس به ملي ٿي ۽ جيڪي نوڪري پيشا ماڻهو آهن، انهن جي پگهارن جي سليب تي ٽيڪس الڳ ٿي ڪمائي. ان طريقي کي 20 سال اڳ ڏسجي ته حڪومت جي بجيٽ ۾ رڳو خسارو هوندو هو، ان ڪري ادارا جيڪي به سرڪاري هوندا هئا، اهي رڳو نقصان کان علاوه ڪجھ به نه ڏيندا هئا، هاڻي ته اداران ۾ بهتري آئي آهي، پر خرچ وڌي ويا آهن، جو نگران هئا ته سڪون هو، هي وزير ته ڪروڙين رپين جا رڳو بسڪوٽ کائي ٿا وڃن، جيڪي به رڳو ڪاغذن ۾ هوندا آهن. ڪرپشن جي خرابي ايتري آهي جو وڏن شهرن جي روڊن تي رڳو ڌوڙ ٿي اڏامي، ڪو ڪم نبري نٿو. ان ڪري ٽيڪس ڪليڪشن ۾ تمام گهڻيون خرابيون آهن، جيڪي رڳو انهن ماڻهن کان اوڳاڙي ڄاڻن جيڪي پگهاردار آهن، باقي جيڪو بزنس ڪلاس آهي ان کان اوڳاڙي ڪرڻ ايتري مشڪل آهي جيتري مشرف جي دور ۾ عام ماڻهن کي بينڪن طرفان ڏنل گاڏيون جيڪي واپسي ٿي نه سگهيون. ان ڪري انهن مان گهڻي ڀاڱي گاڏيون اهڙن وزيرن، اميرن، شهري غنڊن جي گهرن ۾ بيٺل هيون، جتان واپس ڪرڻ معنيٰ ان ملازم جو واپس اچڻ مشڪل هو. بينڪون آخر انهن گاڏين تان هٿ کڻي ويون ۽ گاڏيون واپس (رِڪورَ) نه ٿي سگهيون، ان ڪري ٽيڪس ڪليڪشن به ايتري ئي مشڪل ترين ڳالھ آهي.
مثال طور: سرڪار کان وڌيڪ سرڪاري نمائنده ٿا ڪمائين، جيڪي روڊن تي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار بيٺا آهن، اهي رڳو ان انتظار ۾ هوندا آهن ته سرڪار رڳو هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري، باقي عوام کي ڦرڻ انهن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي، پر ان جي برعڪس ٿيڻ ائين کپندو هو ته هي جيڪي به ڪار ۽ وڏين گاڏين جا مالڪ آهن، اهي هن ڊجيٽل دور ۾ پنهنجي گاڏين جا مٿان هڪ “چِپِ” هڻي گهمن ته جيئن اهي جيڪي به ٽريفڪ جون انحرافيون (وايوليشن) ڪن ته انهن جي مٿان ڏنڊ پاڻ ڄاڻ لڳي وڃي ۽ ماڻهو به ڊڄ ۾ هجن ته ٽريفڪ جا قانون ناهن ٽوڙڻا، پر انهن کي پڪ هجي ته هي جيڪڏهن سگنل ٽوڙيندا به ته ڏنڊ ڏوھ پنجاھ سئو ۾ طئي ٿي سگهن ٿا ته پوءِ حڪومت ڇا ڪمايو؟ جي رياست طريقي سان ٽيڪس ۽ ڏنڊ ڏوھ هڻي ته رياست پاڻ گهڻو ڪمائي ان ڪري ته ماڻهو جيڪي گهٽ ۾ گھٽ ڏهاڙي جي ذمري ۾ ڪمائي ٿو ان جو 70 سيڪڙو ته سرڪار کي موٽائي ٿو ڏئي، پوءِ ان ۾ انڪم ٽيڪس هجي، ڪنزيومر ٽيڪس هجي، پراپرٽي ٽيڪس هجي، يوٽيلٽي جا بل هجن، ٻارن جون فيون هجن يا ٻيون جيڪي به شيون آهن، انهن تي ٽڪيس ته عام ماڻهو ڀريندو ٿو رهي. هاڻي وڃي رهي دڪاندارن جي ڪمائي تي ٽڪيس، ريڙهن جي اوڳاڙي ته اڳي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ميڙي ٿا وڃن، ۽ جيڪا جمع پونجي هجين ٿي اها ميونسپل ڪاميٽي وارا گهلي کسي ڦري فقير ڪري ٿا وڃن. ان ڪري ترن جو تيل ته وري ترن مان نڪرندو ۽ اهي وري ماڻهن کي ڦري فقير ڪري سڃو ڪري ٿا ڇڏين، جو ماڻهو مارڪيٽ ۾ لهڻ جي همت نه ڪري، نه ڪنهن شيءِ جو اگھ پڇڻ جي همت ڪري، ان ڪري کپائيندڙ هاڻي سرڪار سان گڏ ٻه گاريون آمريڪا ۽ عسڪري ادارن کي به رهڙي ٿا وٺن ۽ شيون کپائي ٿا وٺن.
هاڻي ايف بي آر نئون سسٽم لاڳو ڪيو آهي جنهن ۾ هر دڪاندار، واپاري، رٽيلر ۽ هول سيلر، هوٽل وارو، ريڙهي وارو به 30 اپريل تائين پنهنجي فري رجسٽريشن ڪرائي نه ته ٻي صورت ۾ ڏنڊ ڏوھ ۾ اچي سگهي ٿو، جنهن لاءِ حڪومت گذريل مهيني دوران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ايف بي آر جي تخميني موجب ان قدم سان هر سال 400 ارب کان 500 ارب رپيا اضافي آمدني ٿيندي. ٽيڪس جي لاءِ جن دڪاندارن جي فهرست جوڙي وئي آهي، انهن ۾ عام واپاري، رٽيل وارو دڪاندار، هول سيلر، سودي سيڌي وارو دڪاندار، عام ڊيلر، ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ ڪندڙ ڪمپنيون، هوٽلون، تفريح ۽ سينگار جا دڪان جن ۾ بيوٽي پارلر وغيره اچي وڃن ٿا، معنيٰ جيڪو ماڻهو ڌنڌي واپار مان ڪمائيندو، اهو سرڪار جو به کيسو گرم ڪندو. اهو ائين ته جيئن پگهاردار هر مهيني جي پگهار مان هڪ مخصوص ٽيڪس حڪومت کي ڏئي ٿو، ائين اهو دڪاندرا به حڪومت کي ٽيڪس ڏيندا رهندا، انهن ۾ يوٽيلٽي جا بل الڳ (اهو منصوبو ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪم ڪندڙ قومي يا بين الاقوامي ڪمپنين يا چينل اسٽورن لاءِ ناهي، ڇو ته اهي اڳ ۾ ئي اهڙو ٽيڪس ڀريندا رهن ٿا. شروع ۾ هي ٽيڪس پلان ڇهن وڏن شهرن ۾ رجسٽريشن ذريعي شروع ڪيو ويندو. جنهن ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور ۽ پشاور شامل هوندا.
سسٽم بهتر هجن مثال طور: جي پلاسٽڪ مني ناهي ته رياست گھٽ ۾ گھٽ اها ٽيڪس ڪليڪشن بهتر ڪري سگهي ۽ اونداھ ۾ ٿاڦوڙا نه هڻي جو ايران کان گئس ورتي به نه اٿن، پر هاڻي کان ئي گئس به ڊالر جي ريٽ ۾ عام ماڻهن کي کپائي ٿا ڏين ۽ پيٽرول جي ته ڳالھ ئي الڳ آهي. هن وقت اندازي مطابق 3.5 ملين دڪاندارن، ڪاروبارين، عام واپارين، مان صرف 300,000 فعال طور تي ٽيڪس ريٽرن فائل ڪري رهيا آهن. نئين تجويز ڪيل اسڪيم جو مقصد باقي 3.2 ملين دڪاندار جن ۾ جيڪي ريزڪي ڪاروبار ڪن ٿا، اهي به ذمري جي زد ۾ ايندا ۽ اهي به ٽيڪس ڪليڪشن واري نئين فارمولي ۾ ايندا. بنيادي طور تي وڏن شهرن ۾ موجود ٽيڪس نيٽ بهتر ناهي، مثال طور: جيڪڏهن ماڻهو وڏن ملڪن جي وڏن ترقي يافتا شهرن ۾ وڃي ته انهن کي هر دڪاندار ايستائين جو چانھ ۽ ڪافيءَ جا دڪاندار به ٽيڪس جي پرچي ڏيندا ۽ رسيد کانسواءِ ڪا به شيءِ نه وٺڻ ڏيندا نه کائڻ پيئڻ ڏيندا، پر هتي خاص طور تي وڏن شهرن ۾ روڊن رستن تي به کائڻ پيئڻ جا دڪان ٿي ويا آهن. مثال طور: جيئن برنس روڊ کي رات جي وقت صدر کان وٺي هاءِ ڪورٽ جي رستن تائين بند ڪري رات جي ٽائيم جون فوڊ اسٽريٽ ٺاهيو ويٺا هوندا آهن، انهن کي ڪير چوڻ وارو ناهي. ان ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن سان ٻِٽُ آهن، اهي چاهين ٿا ته بس انهن جا کيسا گرم ڪيو، باقي ٻيو خير آهي. ماڻهو ڪنهن ٻئي روڊ رستي تان ٽپي هليا ويندا، پر سرڪار ٻڻڪ نه ڪڇندي، اهي ورديءَ وارا انهن سان ٻڌل آهن، پر اتي جي اهي شيون نه ٿين يا اتي ٻي ڳالھ ته شهر جا سڀ روڊ رستا انهن قانون لاڳو ڪندڙن جون سُئا مينهون آهن، جيڪي روز ڪمائي ڏين ٿيون ۽ مجال آهي جو ڪير اهو ٽيڪس ڪنهن صورت ڪنهن حڪومتي اداري يا ميونسپل ڪاميٽي کي به ڏيندو هجي ۽ جي ڪنهن پنهنجي گاڏي يا موٽرسائيڪل اهڙي روڊ رستي تي بيهاري جتي بيهارڻ انهن قانون لاڳو ڪندڙن جي نظر ۾ ڏوھ آهي ته اها گاڏي ۽ موٽرسائيڪل پٽي کڻي هليا ويندس ۽ پنهنجي کيسو گرم ڪرڻ کانپوءِ وري ڇڏي ڏيندس، پوءِ ان عام ماڻهوءَ سان ڪيتري به ايمرجنسي ۽ مجبوري ڇو نه هجي، پر اهي ائين پنهنجا کيسا گرم ڪندا رهندا، پر سرڪار وري به ڌڙڪيون کائيندي رهندي ۽ اهي قانون لاڳو ڪندڙ شخص ڪروڙين رپيا ڪمائي ڏٽَ ڪندا وتندا.