نومبر 2023 ۾ 12 هزار 430 ارب رپين وارو قرض هاڻي وڌي 63390 اربن تائين پڳو آهي. قرض ۾ اهڙو اضافو رڳو گذريل 2 سالن دوران ٿيو آهي، پر حڪومت پوءِ به بيوس لڳي پئي آهي، سندس ڪو حال ڀائي ڪونهي، جو هاڻي جوبائيڊن پاڻ شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته پرواھ نه ڪر هاڻي ملڪ کي گڏجي ڏسنداسين. ان ڪري ته هيل تائين انهن سياسي پارٽين ملڪ جو ڪٻاڙو صحيح طريقي سان ناهي ڪيو. هاڻي آمريڪا ان ڳالھ کي پاڻ ڏسندو، پر عام راءِ اها به آهي ته آمريڪا جي دوستي گهوري، انهن جي دشمني چڱي آهي، ان ڪري ته انهن جن جن ملڪن سان دوستي ڪئي اهي دنيا جي صفحي تان ختم ٿي ويا آهن، پر هن سرڪار کي ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ڇا ڪري؟ چين سان به ٻِٽُ بيٺي آهي ته آمريڪا مان به هٿ نٿي ڪڍي. پنهنجن ۾ هٿَ اٿس ته پرائي مال ۾ اکيون وجهي ويٺي آهي. عوام مسلسل پريشانيءَ جو شڪار آهي ته آخر هن خطي جي ماڻهن سان ڇا ٿيندو؟ جو حڪومت کان خرچ کاٻار سڌا نٿا ٿين، ڪير انهن کي معاشي پاليسي ٺاهڻ جي تربيت ڏئي جيڪي ڪن ٿا انهن جي ڊگهي عرصي واري سيڙپ ۾ ٿيڻ ڇا گهرجي؟ يا ملڪ ڪنهن اهڙي فنانس منسٽر جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏين جيڪو اهي سڀ حساب ڪتاب سمجهائي ڪري ڏيکارين ته “آمدني اٺني خرچا رپيا” جا اصول نٿا هلي سگهن. ان ڪري جيتري اپت هوندي اوترو ئي خرچ ڪبو، حڪمران بس رڳو اها ڳالھ سمجهن ته به ڀلو، پر حڪومت رڳو اربين رپين جي حساب ۾ پاڻ اڙايو ويٺي آهي، ان ڪري جو جيڪي به ايف بي آر جون ڪمايون ۽ ٽيڪس جي اوڳڙ ٿئي ٿي اها الائي ڪيڏانهن ٿي وڃي، جو هن حڪومت جي پورت ناهي ۽ عوام ڌڙڪيون ٿو کائي ته انهن جي آمدني ۽ خرچ هن سرڪار جي پنهنجي بي ڌياني ۾ بگڙي ويا آهن. ماڻهن کي پاڻ کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته آخر ڇا ڪجي؟ معنيٰ هڪ انڌي ٻيو کيڙي، سرڪار منجهي پئي آهي ته آمريڪا سان دوستي ڪجي يا چين سان دشمني، ڪنهن جو کائجي ۽ ڪنهن جو ڳائجي؟