ايڊيٽوريل

حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن طرفان 2024-2025 جو ترقياتي بجيٽ منظور

سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد جيڪو ڪنهن وقت ۾ هڪ صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر هو، ان جي سال 2024-2025 جي لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن پنج ارب 65 ڪروڙ جي بجيٽ منظور ڪئي آهي. بجيٽ اجلاس ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ڪجهه هٿن جو استعمال به ٿيو. بهرحال اهڙي قسم جي روش اسان کي ملڪ جي ايوانن اندر نظر اچي ٿي، اها اسان جي لاءِ اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي.
حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن طرفان رکيل بجيٽ يقينن شهر کي وڌيڪ خوبصورت، صاف سٿرو بنائڻ جي لاءِ خرچ ڪئي ويندي. حيدرآباد شهر جي شاندار ماضيءَ کي نظر ۾ رکندي هن وقت جي ميئر کان اهڙي قسم جي تقاضا ڪرڻ حيدرآباد شهر جي هر شهري جو حق آهي. مختص ٿيل بجيٽ ۾ ترقياتي ڪمن جي لاءِ پڻ ججهي رقم رکي وئي آهي. ميئر يقين ڏياريو آهي ته پوري شهر اندر انهيءَ بجيٽ کي بنا سياسي فرق جي خرچ ڪيو ويندو. ان بيان جي آجيان ڪريون ٿا، پر اهو به ياد ڪرائيندا هلون ته هن وقت حيدرآباد شهر جي حالت هر لحاظ کان بهتر نه آهي. صفائي هجي، صاف پاڻيءَ جو پهچائڻ هجي، گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست هجي، مينهن وسڻ کانپوءِ پاڻيءَ جي نيڪال جو مسئلو هجي، تفريحي ماڳن جي حالت هجي، سڀ شيون ابتريءَ جو شڪار آهن. شهر اندر وڻڪار کي وڌائڻ ته هڪ طرف، پر روڊن جي وچ ۾ ۽ پاسن کان لڳل پراڻن وڏن وڻن جي ڪٽائي عام ٿي چڪي آهي. آٽوڀان روڊ تي وڻن جي ڪٽائيءَ جو تڪليف وارو منظر حيدرآباد جي شهرين پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، پر حيدرآباد جي ميئر جي بيان کانپوءِ جنهن ۾ هن شهر جي ترقيءَ بابت يقين ڏياريو آهي ته يقين ڪريون ٿا. بهرحال حيدرآباد جي شهرين کي هڪ دفعو ٻيهر اميد ٿي آهي ته حيدرآباد شهر جي اوج کي موٽايو ويندو. ان لاءِ پئسن جي کوٽ ته نظر نٿي اچي، کوٽ آهي ته صرف نيتن جي. ميئر جي شهر کي ترقي وٺرائڻ جي بيان جي آجيان ڪندي ڪجهه تجويزون ڏيڻ جي جسارت ڪريون ٿا، ڇو ته اسان مان هر شهري ٽيڪس ڀري ٿو ۽ پنهنجن شهرن کي پنهنجو سمجهي ان جي ترقي جو خواهشمند آهي ۽ ان لاءِ اسين پنهنجون تجويزون پيش ڪرڻ کانپوءِ انهن تي عمل ٿيڻ جي اميد به رکون ٿا. پهرين ته ٿيندڙ خرچ ترقياتي يا غير ترقياتي بجيٽ شفاف هجڻ گهرجي، ان لاءِ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن هڪ ويب پورٽل ٺاهي جنهن ۾ هر شهري شهر اندر ٿيندڙ خرچ جي تفصيل کي معلوم ڪري سگهي. ان کي جيڪڏهن ڪا جائز شڪايت آهي ته بجاءِ آفيس وڃڻ جي انٽرنيٽ جو استعمال ڪندي انهيءَ پورٽل تي پنهنجي شڪايت ڪري سگهي ۽ جڏهن ان شڪايت جو ازالو ٿئي ته ان جي ڄاڻ پڻ ساڳئي پورٽل تي موجود هجي. صفائي جو خاص خيال رکيو وڃي، شهر جون گهٽيون گندگيءَ جو ڏيک ڏئي رهيون آهن، جنهن سبب مڇرن ۽ مکين جي ڀرمار آهي ۽ ماڻهو بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا. حيدرآباد شهر جو وڏو مسئلو تيزي سان وڌندڙ ڪچيون آباديون آهن، جنهن ۾ ٻين صوبن کان آيل ڪيترائي ماڻهو غير قانوني طور تي آباد ٿي شهرن جي مٿان پنهنجو بوجهه وڌائي رهيا آهن ۽ شهرن جي پلاننگ کي خراب ڪري رهيا آهن. ان سان گڏ غير رجسٽرڊ رهائشي ڪالونين جو به هڪ ڄار پکڙجي رهيو آهي. انهن کي قانوني بڻايو وڃي، سبزي مارڪيٽ، مڇي، گوشت ۽ ميوي مارڪيٽن جي لاءِ مختلف علائقن ۾ مخصوص ٿيل پلاٽ مهيا ڪيا وڃن. اهي سڀ مارڪيٽون هن وقت روڊ جي ڪنارن تي موجود آهن جن جي ڪري نه صرف ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي، پر فوٽ پاٿ جيڪو پيادل ماڻهن جي هلڻ جي لاءِ مقرر آهي اهو پڻ انهن غير قانوني مارڪيٽن جي ور چڙهيل آهي. پيادل ماڻهو کي هلڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي، ان جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. حيدرآباد جي آبهوا ۽ حيدرآباد جي زمين وڻڪاري لاءِ نهايت موزون آهي، پر ان طرف ڪارپوريشن جو ڌيان نٿو وڃي. ٿورڙي ڪوشش سان حيدرآباد کي هڪ دفعو ٻيهر وڻن جي ساوڪ سان ڍڪي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪو خاص خرچ نه ايندو. تفريحي ماڳن ۾ سواءِ راڻي باغ جي شهر اندر ڪوبه فيملي پارڪ نه آهي، پر راڻي باغ جي حالت ڏسي ڏک ٿئي ٿو. چڙيا گهر جو ته وجود ئي ختم ٿي ويو آهي، ان کي ٻيهر نوان جانور گهرائي نوان پڃرا ٺهرائي ٻارن لاءِ آباد ڪيو وڃي. حيدرآباد شهر جي هڪ طرف کان سنڌو درياءَ وهي ٿو ان جي ڪپن کي ترقي ڏياري ان تي تفريحي ماڳ ٺاهي سگهجن ٿا. حيدرآباد جي ٻئي طرف صاف پاڻي جون ٽي نهرون وهن ٿيون، اميد آهي ته حيدرآباد جو ميئر انهن ماڳن کي ماڻهن جي تفريح لاءِ ترقي ڏياري ٻارن جي لاءِ ننڍا ننڍا پارڪ ٺهرائي شهر ۾ هڪ صحتمند ڪلچر جو پايو وجهندو.
حيدرآباد جي ترقياتي بجيٽ مان اميد آهي ته صفائي سٿرائي، بيمارين کان بچاءُ ۽ پنهنجي شهر جي مالڪيءَ جي لاءِ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيمينار، ننڍا سائنسي ميلا پڻ شهر ۾ منعقد ڪيا وڃن ته جيئن عام شهري تفريح سان گڏ دنيا ۾ ٿيندڙ سائنسي ترقي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. اهي سڀ شيون ڪرڻ جي لاءِ اوهان وٽ چڱي خاصي بجيٽ آهي. اميد آهي ته بلديه جو ادارو ان بجيٽ جو جائز استعمال ڪندي شهر کي ترقي ۽ صحتمند تفريح واري پاسي وٺي ويندو، جنهن سان حيدرآباد جي ماڻهن کي بهتر زندگي مهيا ٿي سگهندي ۽ ادارو حيدرآباد کي هڪ دفعو ٻيهر خوبصورت ۽ صاف سٿرو شهر بنائڻ ۾ پنهنجي طرفان ڪابه ڪوتاهي نه ڪندو.