ايڊيٽوريلنئون

پي ٽي آءِ جو احتجاج ۽ ڪمزور ٿيندڙ ملڪي جمهوريت

                        اسلام آباد جو ڊي چوڪ جيڪو ريڊ زون ۾ اچي ٿو، جنهن جي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو حڪم موجود آهي ته ان علائقي ۾ ڪابه سياسي پارٽي احتجاج يا ڌرڻو نه ڏئي. ڇو ته ملڪ جا سڀئي اهم ادارا ان علائقي ۾ آهن. ايوان صدر، وزيراعظم هائوس، پاڪستان سيڪريٽريٽ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان يا پارليامينٽ ته جيئن انهن جي ڪم ڪار ۾ ڪنهن به احتجاج جي ڪري رخنو نه پوي. اسلام آباد جو ڊي چوڪ نه صرف پوري ملڪ ۾، پر پوري دنيا ۾ احتجاجن جي ڪري مشهور ٿي چڪو آهي. شروعات 2014ع ۾ پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کان ٿي هئي ۽ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته پي ٽي آءِ جي سياسي پيدائش ڊي چوڪ ۾ لڳايل سندس 126 ڏينهن واري ڌرڻي کانپوءِ ٿي آهي. 2014 کان 2024 تائين 10 سال گذري چڪا آهن انهيءَ وچ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت پڻ ٺهي ۽ ڊهي چڪي آهي، پر پي ٽي آءِ جو طور طريقو اڄ به ساڳيو آهي. اڄ به هو پنهنجي احتجاج کي طاقتور ۽ موثر بنائڻ جي لاءِ پنهنجو مظاهرو ڊي چوڪ ۾ ڪرڻ چاهي ٿي. اهو به انهيءَ وقت جڏهن بيلاروس جو سربراهه پنهنجي وفد سميت پاڪستان جي دوري تي آيل آهي، جنهن ۾ 40 کان مٿي بيلاروس جا وڏا وڏا واپاري ۽ سرمائيدار شامل آهن، پر پي ٽي آءِ جو شايد ان طرف ڌيان نه آهي يا وري سندن ٽارگيٽ ئي بيلاروس جي وفد جو دورو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ ايندڙ سرمائيدار کي وقت کان پهرين ئي خوفزده ڪري پٺتي ڀڄڻ جي لاءِ مجبور ڪيو وڃي ته جيئن پاڪستان ۾ ٻاهران کان آيل سرمائيڪار سرمائيڪاري نه ڪري سگهي ۽ پاڪستان ۾ معاشي خوشحالي جيڪو اڃان تائين هڪ خواب آهي اهو پنهنجي تعبير تائين نه پهچي سگهي.

                        پي ٽي آءِ جو احتجاج گذريل ٽن ڏينهن کان هلي رهيو آهي، ملڪي معيشت ڪمزور ٿي رهي آهي. پاڪستان جي وزير خزانا جي چوڻ مطابق احتجاجن جي دوران روزانو جي بنياد تي ملڪ کي 190 ارب رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي، پر ساڃاهه ۽ عقلمندي جو مظاهرو ڪرڻ پي ٽي آءِ جي وس کان ٻاهر نظر اچي ٿو. هاڻي سوچڻ وارو ايئن به سوچي ٿو ته پي ٽي آءِ سمجهه کان وانجهيل پارٽي نه بلڪه انتهائي مڪار سوچ تحت ڪم ڪري رهي آهي. جيستائين هي سٽون پريس ۾ وينديون ان وقت تائين 7 کان وڌيڪ رينجرس اهلڪار، پوليس اهلڪار ۽ سول ماڻهو انهيءَ احتجاج جو کاڄ بڻجي شهيد ٿي چڪا آهن. جڏهن ته سوين پوليس جا اهلڪار زخمي ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٻه ايس پي به شامل آهن. رياست برداشت ۽ عقلمنديءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پر آخر ڪيستائين؟ سمجهه ۾ اهو به نٿو اچي ته هن وقت پي ٽي آءِ جي اڳواڻي ڪير ڪري رهيو آهي؟ وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور، باني پي ٽي آءِ جي گهرواري بشريٰ بي بي، پي ٽي آءِ جو چيئرمين بئريسٽر گوهر خان يا جيل ۾ ويٺل باني پي ٽي آءِ عمران خان. ڇو ته جڏهن حڪومت طرفان پي ٽي آءِ کي سنگجاني واري علائقي ۾ احتجاج ڪرڻ ۽ ڌرڻي جي اجازت ڏني وئي، ۽ اهڙي قسم جو پيغام پي ٽي آءِ جي قيادت کڻي اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن جي لاءِ ٻڌايو ٿو وڃي ته ان به راضپو ڏيکاريو ۽ هڪ وڊيو پيغام علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي کي بئريسٽر گوهر خان جي ذريعي موڪليو، پر ان پيغام کي بشريٰ بي بي مڃڻ کان انڪار ڪيو. ملڪ جي وزير داخلا موجب ته هن وقت پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ خفيه هٿن ۾ آهي. ڇا پوءِ اهو سمجهجي ته هاڻي ٻاهريون طاقتون پي ٽي آءِ جي اڳواڻي ڪري رهيون آهن؟ ڪجهه به هجي، پر حڪومت هڪ قدم پوئتي ضرور هٽي چڪي آهي ۽ حڪومت جي ڪمزوري جي ڪري پي ٽي آءِ ۾ موجود شر پسند ماڻهن کي پنهنجي من پسند عمل ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. ٻڌايو ٿو وڃي ته هن احتجاج ۾ هزارين افغاني شامل آهن جن کي اهو چئي احتجاج ۾ آندو ويو آهي ته انهن کي پاڪستان جي شهريت ڏني ويندي. پي ٽي آءِ جو احتجاج واضح طور تي حڪومت، ملڪ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف آهي.

                        پي ٽي آءِ جيڪڏهن پنهنجا هدف پورا ڪري ٿي وٺي ته يقينن هو رياست کي به شڪست ڏئي وٺندي جنهن سان اسٽيبلشمينٽ به شڪسته حالت ۾ نظر ايندي ۽ حڪومت شايد ڳڻپ ۾ ئي ڪونه هوندي. هن وقت سياستدانن جو ڪردار نه سمجهه ۾ ايندڙ ۽ انتهائي ڪمزور نظر اچي رهيو آهي، اهو ڪردار پهرين به ڪجهه بهتر نه هو، پر جڏهن کان پي ٽي آءِ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو آهي ته حڪومت جو پورو دارومدار اسٽيبلشيمنٽ تي آهي پوءِ اها سياسي حڪومت ڪيئن مضبوط ٿيندي جيڪا پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ هر وقت اسٽيبلشمينٽ جي پرن جي هيٺان پناهه وٺڻ جي طلبگار هوندي. حڪومت ۾ ويٺل سياستدانن جي ان ڪمزور روش جي ڪري اسٽيبلشمينٽ لڳي ٿو ته مستقبل ۾ طاقت جي ڪيڪ ۾ اڃان وڌيڪ وڏو حصو حاصل ڪري وٺندي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته سڀئي پارٽيون گڏجي ويهن، ملڪي سالميت ۽ سياست جي بهتري لاءِ فيصلا ڪن سياستدانن جو ڪردار ملڪ جي ڪاروهنوار ۾ وڌيڪ هجي، پر ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ ملڪ جي سياست ڪمزور ٿي رهي آهي، سواءِ اسٽيبلشمينٽ تي انحصار ڪرڻ جي هلڻ جي قابل نه رهي آهي، جنهن جا نتيجا يقينن عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ بهتر نه هوندا.