بلاگنئون

مهر فقير جو سچ

  1. سچ اهو آهي ته مرد جون حوس پرست اکيون عورت جي ارهن جو طواف ڪنديون آهن.

  2. سچ اهو آهي ته ماءُ جي دعا مرشد جي فيض کان لکين ڀيرا مٿانهين آهي.

  3. سچ اهو آهي ته جيڪا قوم پنهنجي حفاظت پاڻ نه ڪري سگهندي آهي سا ٻين قومن کي سامراجي چئي پاڻ کي هر گناهه کان آجو ڪري ايندڙ نسلن سان به دوکو ڪندي آهي.

  4. سچ اهو آهي ته اسان ڪنهن سان ڪڏهن به ڪو مقابلو نه ڪندا آهيون ڇو ته پنهنجي کٽڻ تي ايتري خوشي ناهي ٿيندي جيترو ڪنهن جي هارائڻ تي ڏک ٿيندو آهي.

  5. سچ اهو آهي ته غلاميءَ جي جنت کان آزاديءَ جو دوزخ هزارين دفعا بهتر آھي.

  6. سچ اهو آهي ته معاشري ۾ شاعرن ۽ اديبن جون بيهوده لکڻيون بي حيائي، برائي، ڇڙواڳي، ننگائپ ۽ فحاشت کي هٿي ڏين ٿيون.

  7. سچ اهو آهي ته چانهن ۽ چميءَ جي ڪا موسم ۽ عمر نه هوندي آهي.

  8. سچ اهو آهي ته اسان سنڌي دفن ٿيل ماضي کي کوٽي پاڻ ۾ بي بنياد الزامن تحت وڙهندا آهيون، پر جي اسان ماضي بجاءِ مستقبل لاءِ گڏ ٿي ڪري وڙهون ها ته هوند اسان ڪنهن به حق کان محروم نه هجون ها، ها اسان سنڌي سنڌ جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهيون.

  9. سچ اهو آهي ته اوهان حُسينيت جي راهه تي هلندا رهو يزيديت پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي.

  10. سچ اهو آهي ته جيڪو حُسينيت تي هلندو اهوئي ڪاميابي حاصل ڪندو.

  11. سچ اهو آهي ته شاعري ادب، اناج يا روح جي غذا نه، پر نفس جي غلامي ۽ نالي جي مشهوري آهي.

  12. سچ اهو آهي ته سنڌ ۾ ايترا هاري ناهن جيترا شاعر آهن جيڪي غربت جي خلاف لکندا رهن ٿا، پر پوءِ به غربت ختم نٿي ٿئي آخر ايئن ڇو ڀلا.

  13. سچ اهو آهي ته مان اڄ به پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيئارڻ جي بهاني مکڙين جهڙن ٻارڙن ۾ پنهنجو پاڻ کي ئي ڳوليندو رهندو آهيان.

  14. سچ اهو آهي ته جيڪو پنهنجي جنگ پاڻ نٿو وڙهي انهيءَ جي جنگ ٻيو ڪو به نٿو وڙهي.

  15. سچ اهو آهي ته مانگرن کي مارڻ لاءِ مورڙي وارو ڪردار ادا ڪريو جي نه ته پوءِ اهي مانگر اوهان جو مستقبل کائي ختم ڪري ڇڏيندا.

  16. سچ اهو آهي ته حق تي هلو حق جي لاءِ وڙهو حق جي ويڙهه ۾ مرندڙن کي شهيد چيو ويندو آهي ۽ شهيدن جو رستو ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن رستو آهي جتي ڪڏهن به ٻاٽ ناهي ايندي ڇو ته حق جي لاٽ کي ڪڏهن به ڪابه ٻاٽ اجهائي نٿي سگهي، ان ڪري جو حق ڪڏهن به مئو ناهي ۽ نه ئي مرندو سو توهان ماضي ۾ موٽي ڪربلا جي تاريخ تي غور ڪريو ته توهان کي معلوم ٿيندو ته حسين اڄ به زنده آهي ۽ يزيد مرده آهي ڇو ته حسين حق آهي ۽ يزيد باطل آهي.

  17. سچ اهو آهي ته سچ نه ڳالهائجي ڇو ته سچ جي ڪري ياريون، دوستيون، مٽيون، مائٽيون، رشتا ناتا ٽٽي ختم ٿي وڃن ٿا، تنهنڪري ڀڙوت خوشامد چاپلوسي سان هلجي ته زندگي ٺٺ سان گذرندي.

  18. سچ اهو آهي ته جتي ننگائپ کي حُسن چوندا آهن اتي چڪلن جو رواج عام هوندو آهي ۽ چڪلن منجهان چڪلائي/رنڊيون پيدا ٿيندا/ٿينديون آهن.

  19. سچ اهو آهي ته شاعري کي شاعر ئي پڙهندا/ٻڌندا آهن عام ماڻهو/عوام ته اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان آهي ڇو ته جي ڀڀ جي باهه ادب سان اجهي ها ته هوند ڪوبه لولي لاءِ نه ليلائي ها.

  20. سچ اهو آهي ته اهي پيارا ۽ سهڻا سپاهي منهنجي طاقت، سونهن ۽ مستقبل آهن.

  21. سچ اهو آهي ته فقير جو فقيراڻو انداز دوستن لاءِ دارون ۽ منافقن لاءِ موت آهي.

  22. سچ اهو آهي ته سنڌ ۾ لطيف سرڪار کان سواءِ ڪوبه سگهارو شاعر ڪونهي ڪو، باقي هتي اهي ڪمرن، اجلاسن، مشاعرن ۽ مچن وارا شاعر هڪٻئي کي پيا شاعري پڙهي ٻڌائيندا، سمجهائيندا ۽ شاعر سڏائيندا آهن، سو اهڙن شاعرن کي عام ماڻهو نه ئي سڃاڻي ٿو، نه ئي پڙهي ٿو ۽ نه وري سمجهي ٿو، سو هتي ڪير به سگهارو شاعر ناهي. ها سگهارو شاعر اهو آهي جنهن کي هاري ۽ مزدور مطلب ته عام ماڻهو پڙهي، ٻڌي، سمجهي ۽ سڃاڻي ٿو.

  23. سچ اهو آهي ته پرائي رستي تي ھلڻ وارا پنهنجي منزل وساري ويهندا آهن.

  24. سچ اهو آهي ته جيڪا قوم تعليم سان نه بدلبي آھي اها قوم سدائين پادر کائيندي آھي.

  25. سچ اهو آهي ته پادر کائي جيئڻ کان بهتر آھي ته پادر ھڻي جيئجي.

  26. سچ اهو آهي ته پادر کائي تبديلي آڻڻ کان افضل اھو آھي ته تعليم پرائي تبديلي آڻجي.

  27. سچ اهو آهي ته جنهن کي تعليم جي روشني نظر نه ايندي آھي تنهن کي پادرن سان دنا نظر ايندي آھي.

  28. سچ اهو آهي ته تون منهنجو معشوق آهين مان تنهنجو عاشق آهيان ان کان زياده جي ضرورت ئي نه آھي.

  29. سچ اهو آهي ته خوبصورت لفظ حُسن، دوکي ۽ زنا باالرضا جو جديد نالو پار آھي.

  30. سچ اهو آهي ته درگاھون ته درسگاھون آھن، پر ماڻهن درگاھن کي به تفريح گاهه بڻائي ڇڏيو آھي اتي ماڻهو فيض لاءِ نه پر عياشيءَ لاءِ ويندا آھن.

  31. سچ اهو آهي ته جديد دور آھي سو ماڻهو حلال کي به حرام وانگر پيا کائين حرام ته ھونئن ئي حرام آھي.

  32. سچ اهو آهي ته حرام تي خوش حلال تي افسوس ماڻهو ته رب تي به ناراض پيا رھن.

  33. سچ اهو آهي ته مون کي ڪافي وقت کان شگر جي بيماري ٿي پئي آهي ڊاڪٽرن مٺاڻ کائڻ کان سختي سان منع ڪئي آهي صبح شام ٽوهه جهڙيون ڪڙيون گوريون کائي کائي وات جو ذائقو ڪڙو ٿي ويو آهي هاڻي ته زندگي صفا ڦڪي ڦڪي پئي لڳي انهيءَ ڪري هلي اچ يا وري پاڻ وٽ گهرائي ته جيئن تنهنجن ڳاڙهن مٺڙن چپن منجهان چسڪو حاصل ڪري هن ڦڪي ۽ بي سوادي جيون کي وري نئين سر مٺو ڪري سگهان ڇو ته مون کي اهو پڪو يقين آهي ته تنهنجن گدري جي ڦاڪن جهڙن ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺن چپن کي چوساڙڻ سان مون کي ڪنهن به قيمت تي شگر نه ٿيندي ها مگر ويتر شفا نصيب ٿيندي تنهنڪري ڪو قرب ڪر يار.

  34. سچ اهو آهي ته ايئن مسلسل دري کولي ماضيءَ ۾ جهاتيون نه پاءِ ڇو ته جيڪڏهن بهتري ٿو چاهين ته پوءِ مسقتبل جو در کولي پنهنجي ۽ پنهنجي نسل جي بقا کي محفوظ تحفظ مهيا ڪر ان ڪري جو ماضي نه موٽندو ۽ مستقبل جي توکي تمام گهڻي ضرورت آهي تنهنڪري ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مستقبل تي ڌيان ڏي.

  35. سچ اهو آهي ته پنهنجي مالڪي پاڻ ڪريو باقي ڌاريا ته اوهان کي غلامن وانگر استعمال ڪندا.

  36. سچ اهو آهي ته فقيرن جي نهار هر هٿيار کان تيز آهي.

  37. سچ اهو آهي ته اسان سڀ ڪجھ ٿي وياسين، پر افسوس انسان ٿي نه سگهياسين.

  38. سچ اهو آهي ته ادب ۾ %90 ڪوڙ ۽ وڌاءُ هوندو آهي.

  39. سچ اهو آهي ته جيترو ڪوڙ قلمڪار ڳالهائيندو آهي ايترو ڪوڙ طوائف به نه ڳالهائيندي آهي.

  40. سچ اهو آهي ته سنڌو سڪل هجي ته محبوبن جا ٽهڪ به مزو ناهن ڏيندا حسينن جو حُسن به ڪلر ڀاسندو آهي.

  41. سچ اهو آهي ته اسان سنڌي پنهنجو پاڻ کي قتل ڪندڙ قوم آهيون.

  42. سچ اهو آهي ته جيڪو شخص پهريون سڏ ٻڌي ڪري به نه اچي ته ان کي ٻيو سڏ نه ڪجي.

  43. سچ اهو آهي ته مان ٽوهه کان وڌيڪ ڪڙو زهر کان وڌيڪ زهريلو ۽ مٺاڻ کان وڌيڪ مٺو آهيان.

  44. سچ اهو آهي ته جيڪڏهن اندر ۾ انقلاب ۽ بغاوت جي باهه کڻي پٿرن سان جنگ ڪجي ته ايٽم بم کي به شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

  45. سچ اهو آهي ته مئلن کي سڏيندڙن جو مستقبل به مئل هوندو آهي.

46 سچ اهو آهي ته جن جا ارادا اٽل ۽ نيت صاف هوندي آهي تن کي دنيا جي ڪابه طاقت منزل تي پهچڻ کان روڪي نه سگهندي آهي.

  1. سچ اهو آهي ته ڀڙوت ڪري پئسا ڪمائي عياشي سان زندگي گذارڻ کان بهتر آهي پاروٿي سڪل ماني کائي بک ڏک تي رهي ڪري جوان بڻجي جيون گهارجي ڇو ته ڀڙوي جي ڪابه زندگي ناهي هوندي ۽ جوان جي مرڻ کان بعد به زندگي رهندي آهي.

  2. سچ اهو آهي ته جي ڪتب خانن ۾ رکيل ڪتابن سان ڀڀ جي باهه اجهامي ها ته هوند ڪٿي به تئي تي ماني نه پچي ها.

  3. سچ اهو آهي ته پيٽ جي دوزخ جي باهه کي ادبي کيتر نه پر زميني کيتر جهڪو ڪندي آهي.

50. سچ اهو آهي ته اسان سيڪس جي دنيا جا اهي وحشي جانور آهيون جن وٽ ڪنهن به قسم جي رشتن جو ذري برابر به احترام نه هوندو آهي.