بلاگنئون

ٻولي ۽ ٽيڪنيڪل گهرجون

ٻولين جي اهميت پنهنجي جاءِ تي پر هر ٻولي انگريزيءَ جي مقابلي ۾ ٽيڪنيڪل ٻولي جي گهرج پوري نٿي ڪري سگهي، اها ڳالھ به مڃون ٿا ته انگريزي ٻوليءَ جو هاضمو ڀلو آهي، هن ٻوليءَ ۾ هر ٻوليءَ جا لفظ سمجائجي سگهجن ٿا، عربي ٻوليءَ جا لفظ طب جي ميدان ۾ يا ٽيڪنيڪل ٻولي جا لفظ، جاپاني، لاطيني، فرانسيسي ۽ اطالوي ٻولين جا لفظ به سمائي کڻي ٿي هلي جو هاڻي موبائيل کان وٺي ڪارين ۽ گاڏين تائين جيڪي به لفظ ٺاهين جوڙين ٿا، اهي ائين ٿا لڳن ڄڻ انگريزي ٻوليءَ جا هجن، ان ڪري جو ٻولي ڪهڙي به هجي انگريزي ٻولي ان کي کاٻي پاسي کان لکي، لکرائي پنهنجي حيثيت مڃائي ٿي ويهي. مثال طور: طالبان جهڙو لفظ نائين اليون کان پهرين نه هو يا ٽيريرزم يا ڊرون اٽيڪ جهڙا لفظ نائين اليون کان پهرين نه هئا. وري موبائيل جي اچڻ سان يا گاڏين جي ايجاد وڌڻ سان لفظن جا انبار لهي پيا، ميڊيڪل جي فيلڊ ۾ دوائن کان وٺي بيمارين جا نالا به انگريزي زبان ۾ اچي ٿا وڃن. ان ڪري انگريزي جي ان وسيع ۽ عريض هاضمي يا ڦهلاءَ کي نندي نٿو سگهجي، پر انهن لفظن جي آجيان هجي ٿي، ٻيون ٻوليون جيڪي هن جي مقابلي ۾ هجن به پر ايتري وڏي پيماني تي مقابلي جي سڪت نه ٿيون ساري سگهن. مثال چائنا ڀلي ڪيتري به گهڻي ايجاد ڪري، موبائيلن کان وٺي گاڏين کان وٺي گهريلو استعمال جون شيون يا هوم اپلاينسز کان وٺي جهازن تائين ايجاد به ڪري، ته به ان کي پنهنجي چيني ٻوليءَ کي رومن انگريزيءَ ۾ لکي ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو، ان ڪري ته چائنا پاڻ ٻين ملڪن جي ماڻهن کي پي ايڇ ڊي پروگرام به انگريزيءَ ۾ آفر ٿو ڪري. ٻوليءَ جي گهرج پنهنجي جاءِ تي، پر جڏهن ٻوليءَ جي ٽيڪنيڪل گهرج هوندي ته جيڪي به ايجاد يا موجد ملڪ آهن، اهي جيڪڏهن انگريز آهن ته صحيح آ، پر اهي جيڪڏهن غيرانگريز آهن ته به انهن کي انگريزيءَ جو سهارو وٺڻو پوندو، نه ته ڪير مارڪيٽ ۾ انهن جي ٻولي نه سمجهندو، ڪير انهن جي مارڪيٽنگ به نه ڪندو ۽ ڪير انهن کان شيون به خريد نه ڪندو.

ڳالھ اها به واضح ٿي وئي ته اسان دنيا جي لاءِ ڪنزيومر سوسائٽي آهيون، اسان رڳو ڪمائي کپائي ڄاڻون، اسان شين جا موجد ناهيون، اسان جي ٺاهيل ماچس جي مقابلي ۾ جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن جو ٺاهيل معمولي ماچس به رکبو ته ماڻهو پاڪستاني ماچس کي پاسي تي رکي ٻاهرين ملڪ جو ماچس خريد ڪندا، ان ڪري ته شين جا نالا، شين جي پيڪنگ ۽ شين جي پيڪيجنگ پرسنلٽي ۽ انگريزي نالا به اهميت رکن ٿا. ٻولي جيڪڏهن ٽيڪنيڪل گهرجون پوريون نه ٿي ڪري، ته ان جي پويان ملڪن جي ايجادن جا ڪارڻ به آهن، ته اهي ملڪ جڏهن ڪا شيءِ ٺاهن جوڙين ئي نه ٿا، ته پوءِ انهن جي ٻولي بس مارڪيٽ لينگويج ئي هوندي ۽ رهندي. ٻولي جي اهميت اها به آهي ته اها موجدن جي ٻولي هجي ٿي (يا آهي) ان ڪري ٻوليءَ جي اهميت کان انڪار ناهي. مثال ان لفظن ۽ ٽيڪنيڪل ٻولي جي شين جا نالا سنڌي ۾ نه ٿا ڏئي سگهجن، ته پوءِ ٻوليءَ ۾ انهن جي جاءِ اها ئي هوندي، جيئن نيٽ ورڪ کي ڇا چئون؟ ٽي وي کي ڇا چئون؟ ريڊيو کي ڪهڙو نالو ڏيون؟ موبائيل جا جيڪي به ٽرم ۽ ٽرمنالاجيز هجن ٿيون، انهن کي ڪهڙا نالا ڏيون، ڀلي ڪنهن دڪاندار وٽ وڃون ۽ پوءِ ڳالهائڻو به سنڌي ۾ پوي، پر ٽرم اهي ئي هوندا، جيڪي انگريزي وارا هوندا. مثال موبائيل جي سِم کي ڇا چئون؟ ڪمپيوٽر کان وٺي عماراتي شيون يا انجنئيرنگ کان وٺي ڊاڪٽري واري شعبي ۾ جيڪي به ٽرم استعمال ٿين ٿا انهن کي سنڌيءَ ڇا چئون؟ وري رسرچ يا تحقيق ۾ جيڪي به ٽرم استعمال ٿين ٿا، انهن کي ڇا چئون، APA اسٽائيل ۾ ڪيل تحقيق ۽ ٻين نمونن کي ڇا چئون؟ انهن جي سنڌي ڪهڙي هوندي.

جنهن دور ۾ انگريزي حسابن جا ڪتاب نه هيا، يا اڃان آلجبرا نه هئي ته انهن جي ٽرم ۾ هاڻي سنڌي ڪٿي بيهاريون، مثال جوڙ، ڪٽ، ونڊ، ضرب، وڏو عام پورو ونڊيدڙ، ننڍي عام ڀنڃ اپت، پاڇي، ونڊيدڙ، ونڊ اپت وغيره وغيره ان دور ۾ ايجاد جي ٻولي سان اگهجي وئي يا جڏهن سنڌي ٻولي جا ٽرم ايجاد ٿيا ۽ انهن جا ترجما به ٿيا، پر هاڻي واري بزنس لينگوينج جي ترجماني ڪير ڪري؟ هاڻي واري ڪمپيوٽر جي ايڪسيل، ورڊ، پاورپوانٽ، پينٽ برش ۾ جيڪي به ڳالهيون چيون وڃن ٿيون يا سمجهايون وڃن ٿيون انهن ڳالهين، لفظن، جملن يا جيڪي به فقرا استعمال ٿين ٿا، انهن جي سنڌي ڪير ڪري يا جيڪڏهن ڪير ڪري ته سمجهي ۽ سمجهائي ڪير؟ يا هاڻي انهن جي سنڌي ڇا ڪيون؟ ان ڪري ٻولي جيڪڏهن رڳو ڳالهائبي يا ڳالهائجي ته ڀلي سنڌي ڳالهايون يا سنڌي ۾ سمجهايون پر ٽرم ته اهي ئي انگريزي وارا هوندا. مثال ميڊيم ڀلي انگريزي هجي پر سمجهائبو پوءِ به سنڌي ۾ پوندو، ان ڪري ٻولي ڪاڏي نه ويندي ۽ ائين به ناهي ته ٻارن کي اهي سڀ سبجيڪٽ انگريزي ۾ سمجهائبا يا ٻار فورن سمجهي ويندا. اها ڳالھ به مڃون ٿا ڪير ڪيترو به ڏاهو، پختو، تيز ترار ڇو نه هجي پر ڌاري ٻولي تي دسترس تڏهن حاصل ڪري سگهندو جڏهن اهو يا ته انگريزن جي پاڙي ۾ رهي، انهن سان رابطا بحال ڪري، انهن سان ٻولي ڳالهائي، انهن سان بحث مباحثا ڪري ته پوءِ ٻولي جا لهجا بهتر ڪري سگهجن ٿا.

پنهنجي مادري ٻولي کي درسي ٻوليءَ مان خطرو ناهي نه ئي هندي فلمن جي يلغار يا ڀارتي ٽي وي چينل ٻولين جي بگاڙ آڻي سگهن ٿا، اها ڳالھ به مڃون ٿا ته 90 واري ڏهاڪي ۾ ڪمپيوٽر جي عام ٿيڻ سان اها ڳالھ به عام هئي ته سڄي پاسي لکجندڙ ٻوليون مري کپي وينديون، پر اها ڳالھ ثابت نه ٿي. ان ڪري ته 2008 واري ونڊوز ۽ هاڻي 2011 واري ونڊوز ۾ 47 کان وٺي 67 اهڙيون ٻوليون اهڙيون آهن جيڪي ونڊوز سپورٽ ڪري سگهي ٿي، معنيٰ ونڊوز سنڌي ۾ به هلائي سگهجي ٿي، ونڊوز ۾ شٽڊائون کان وٺي سٽارٽ جهڙا لفظ هاڻي سنڌي ۾ ٽرانسليٽ ڪري ڏسي، پڙهي ۽ ونڊوز ۾ هلائي سگهجن ٿا. جيئن موبائيل ۾ سنڌي لکي سگهجي ٿي، ان ڪري ٻولي کي ڪو خطرو ناهي ۽ ان ڪري ٻارن کي انگريزي ۾ پڙهايو وڃي، ۽ ٻارن کي انگريزي ۾ ڀڙ ڪجي ته جيئن اهي لوڪل ٻولين جو مقابلو ڪري سگهن ۽ پنهنجي اهميت مڃائي سگهن پر ٽيڪنيڪل ٻولي جي گهرج پوءِ به پوري نه ٿي ڪري سگهجي.

ڪتابن جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري توڻي جو هاڻي دور مٽجي ويو آهي، سڀ ڪتاب ڊجيٽل لائبريرين ۾ موجود هجن ٿا، ريڊر انهن کي ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي موبائيل، ليپ ٽاپ، ڊيسڪ ٽاپ يا پام ٽاپ ڪمپيوٽر يا ڪنهن به ڊوائيس تي پڙهي سگهي ٿو. هاڻي دنيا جي هر لائبريري جي ڪتاب کي گهر ويٺي پڙهي سگهجي ٿو، ان ڪري پنهجي ٻولي کي وڌيڪ سگهارو ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي ٻولي کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪري به سگهجي ٿو. پر جيستائين انگريزي ٻولي ۾ نه ٿو لکجي يا نه ٿو پڙهجي تيستائين ڪير به نه ٿو سمجهي. مثال هَن ڪانگ“ جي ”اڇو ڪتاب“ کي نوبل انعام مليو، ارونڌتي راءِ جي ڪتاب ”گاڊ آف سمال ٿنگس“ کي انعام ان ڪري مليو جو هن پنهنجو ڪتاب انگريزي ۾ لکيو ۽ دنيا ان کي پڙهيو، ۽ نوبل پرائيز ڏيڻ ۾ ان ڪاميٽي کي ڪا تڪليف نه ٿي، ٻولي جا اهميت ان ڪري به اتم آهي ته اها سڀني جي سمجھ ۾ اچي ۽ سڀ ان ڳالھ کي پرکي به سگهن، ان ڪري ٻارن کي تعليمي نصاب انگريزي ۾ پڙهائي وڃي ۽ سمجهائڻ واري ٻولي ڀلي پنهنجي هجي. مثال جيڪي ٻار پنجاب ۾، ڪي پي ۾ يا ڪشمير ۾ اردو پڙهن ٿا ته انهن جي سمجهائڻ واري ٻولي پوءِ به پنجابي يا پشتو هجي ٿي، ان ڪري ميڊيم انگريزي هجي پر سمجهائڻ وري ٻولي پوءِ سنڌي هجي ته جيئن ٻارن جي ”گرومنگ“ ڪري سگهجي.

ٻولي جي جديد گهرج اها آهي ته ان جون سڀ لوازمات پوريون ڪجن مثال جيئن ڪنهن به ٻوليءَ جي سکڻ جي لاءِ ان جا چار ماڊل ضروي هوندا آهن تيئن ٻوليءَ جي جيارڻ جي لاءِ به ضروري آهي ته ٻوليءَ جا ماڊل جيئن اسپيڪنگ (ڳالهائڻ) لسننگ (ٻڌڻ) ريڊنگ (پڙهڻ) ۽ رائيٽنگ (لکڻ) وارا پاسا پورا ڪجن ۽ انهن سڀني ماڊلز کي پرکبو ته لڳندو ته لکجندڙ ٻوليون، گھڻيون پڙهيون ويندڙ ٻوليون يا وري گھڻيون ڳالهائجندڙ ٻوليون ۽ ٻڌجندڙ ٻوليون ئي دنيا جون معتبر ٻوليون سڏجن ٿيون، جيڪي انهن ماڊلز تحت جيئن ٿيون. انهن سڀني ماڊلز تي جيڪڏهن ڪير ڪم ڪري سگهي ٿو، اهو ماڻهو جيڪو ڊجيٽائيزڊ دور جي سڀني آلن (مشينن) يا ڪمپيوٽر جي ڪوڊنگ يا ٻولين جي سمجھ رکندڙ هجي. ساڳي ئي مثال پٽاندر ڌاري ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪرڻ ٻوليءَ کي آسودا حال ڪرڻ به آهي. انگريزيءَ کي ڏسجي، اطالوي يا فرينچ ٻولين کي ڏسجي، رشين لپي جون ٻوليون ڏسجن يا جيڪي اوڀر يورپي ملڪن جون ٻوليون آهن جيڪي کٻي پاسي کان لکيون ٿيون وڃن، اهي ٻولين جا هاضما وسيع ٿا رکن ۽ ٻين ٻولين جي لفظن کي اچڻ ٿا ڏين، هتي هڪڙو مثال اهو به وٺون ٿا ته ڪمپيوٽر جي ايجاد کان اڳ ان ڳالھ جو گهڻو حراس هيو ته جيڪي به ٻوليون سڄي هٿ کان لکجن ٿيون اهي هلي هلي مري کپي وينديون ۽ جيڪي به کٻي پاسي ٻوليون لکجن ٿيون اهي ئي زنده رهنديون پر وقت ثابت ڪيو ته ٻولين جا ماڊلز جيستائين ڀرپور نموني اپنائجن ٿا تيستائين اهي ٻوليون زنده رهن ٿيون ۽ رهنديون، ان ڪري ان ڏس ۾ ڪمپيوٽر جي اندر ٻولين جو لکجڻ به هاڻي ان ڳالھ جو اهڃاڻ آهن ته ٻوليون پاڻ ملهائن ٿيون.