خاصنئون

نواز شريف جي جيل واپسي تي ريلي ڪڍڻ تي ليگي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي جيل منتقلي وقت ريلي ڪڍڻ جي الزام ۾ 1400 ليگي ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هي ڪيس ڪوٽ لکپت پوليس پاران داخل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ سائونڊ سسٽم ايڪٽ ۽ ريلوي ايڪٽ جي خلاف ورزي جون شقون هنيون ويون آهن. ايف آءِ آر مطابق ليگي ڪارڪنن شنگهائي پل جي ويجهو روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو، ليگي ڪارڪنن پنهنجي گاڏين تي سائونڊ سسٽم لڳائي ڇڏيا هئا ۽ هو اسپيڪرن تي حڪومت خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا ۽ انهن ڪوٽ لکپت ريلوي ٽريڪ تي ٽرين کي پڻ روڪيو هو.