خاصڪهاڻيون

#ذات پات کان مٿانهون راجا ۽ پوجا جو پيار

ڪهاڻي

ذات پات کان مٿانهون راجا ۽ پوجا جو پيار

چيتن ميگهواڙ

روزمره جي معمول مطابق مائي راڌا اسُر جي وقت اُٿي ڊيوٽي موجب مليل شهر جي  چار پنج گلين کي ٻُهاري ڏيڻ کانپوءِ واپس پنهنجي گهر اچي ٻارن لاءِ صبح جو ساڍين ڇهين وڳي ناشتو ٺاهي ٻِارن کي وهنجاري سهنجاري اسڪول موڪلڻ بعدِ هوءَ پنهنجي شهر جي پسگردائي ۾ رهندڙ ماڻهن جي گهرن ۾ صفائي ڪرڻ خاطر ويندي هئي، جتي ان کي پنهنجن ٻچن جي پيٽ جي بُک مِٽائڻ خاطر منجهند جي لاءِ راتوڪي بچيل ماني ۽ ڪجهه پئسا ملي ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته راڌا جي مڙس جي طبيعت ڪافي وقت کان چاڪ نه رهڻ ڪري هو سندي گهر ۾ پنهنجي حياتي جا ڏکن ڀريا ڏينهن تمام تڪليف واري حالت ۾ گهاري رهيو هو، جنهن جي لاءِ کٽ تي بيماري ۽ پريشاني جي ڪري هن کي هڪ منٽ به ڪلاڪ جي برابر لڳي رهيو هو. ڄڻ ته ان کي ڪمري جي ديوار تي ٽنگيل گهڙيال ۾ ڪانٽا بيٺل نظر ايندا هجن، باقي ان کي هلندي نظر ايندا هئا ته صرف اهي گهر جي اڱڻ ۾ ٻارڙا ئي هئا جيڪي گوڏن ڀر گسڪندي هن جي کٽ جي پاون کي جهلي آهستي آهستي اُٿي پنهنجي مٺڙي ۽ ٻاتڙي آواز ۾ بابا چوڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته ان وقت مائي راڌا جي مڙس جي منهن تي ڄڻ ته گلاب جا گل ٽڙي پوندا هئا ۽ گهڙي کن لاءِ ان جون پريشانيون ڄڻ ته ڪوهين ڏور هلي وينديون هيون، پر اوچتو جڏهن گهر جي رڌڻي مان پنهنجي ماءُ جي رڌ پچاءُ واري ڪم ۾ مدد ڪندڙ نوجوان ڌيءَ رڌڻي مان ڪنهن ڪم سانگي هڪدم ٻاهر نڪتي  ته ان جي لاءِ وقت جا ڪانٽا واپس بيهي رهيا ۽ پاڻ پريشانين جي عالم ۾ منهن تي ٽوال ڏئي سمهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو ته سامهون رڌڻي ۾ ان جي گهرواري راڌا اهو لقاءُ ڏسي پنهنجي اکين مان  لڙڪ روڪي نه سگهي پر وري به اهي ڏکن ڀريا ڳوڙها پنهنجن ٻچڙن کان لڪائڻ خاطر يڪدم پنهنجي چُني جي پلي سان اُگهي ڇڏيا، ننڍڙا ٻار ته هونئن ئي گهر جي ويڌن کان بي خبر ۽ بي سمجهه هوندا آهن پر نوجوان ڌيءَ پوجا کان اهي مائٽن جا سور ڪي ڳجها ڪونه هئا، تنهنڪري هن به پنهنجي گهر جي معاشي مسئلن کي گهٽائڻ جي لاءِ پنهنجي سهيلين کان ڀرت ڀرڻ ۽ ڪپڙا سبڻ وارو هنر سکي ان کي روزگار جو وسيلو بڻايو راڌا به پاڙي وارن جي گهرن ۾ صفائي ڪرڻ ويندي هئي، پاڙي ۾ انهن جي گهر جي سامهون هڪ راجپوت هندو جو گهر هو. مائي راڌا ڪنهن ڪم سانگي انهن جي گهر ويندي هئي ته ان کي نيچ چئي گهر کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا. انهيءَ ناروا سلوڪ تي راڌا کي ڏاڍي ڪاوڙ به ايندي هئي ته ڏک به ٿيندو هو ۽ آسمان ڏانهن نهاري چوندي هئي ته اي پروردگار جيڪڏهن سڀئي انسان تنهنجا خلقيل آهن ته پوءِ اسان سان ايڏو ويڌن ڇو؟ ڇا ٻيا سڀ انسان سون جا ۽ اسين مٽيءَ جا ٺهيل آهيون؟ پر ويچاري راڌا جي شايد مالڪ سائين به نه ٻُڌي ۽ هي اهي سڀ سور پنهنجي سيني ۾ سانڍي زهر جا ڍڪ ڀريندي هن بي رحم سماج ۾ هلندي رهي. هن جي نوجوان ڌيءَ پوجا جنهن جو حُسن گرمي جي سخت موسم ۾ ڄڻ ته ڪارونجهر جي جبل تي برسات سان ڀريل ڪڪرن جيئان ڦوهه جواني ۾ نروار ٿي چڪو هو، جنهن ۾ اکيون وجهڻ لاءِ شهر جا ڪيئي اوباش نوجوان بيتاب هئا، پر مائي راڌا جنهن جي لاءِ راجپوتن جو گهر نوگو ايريا بڻيل هو، ان جي گهر جو نوجوان راجا سامهون گهر هجڻ ڪري مائي راڌا جي نوجوان ڌيءَ پوجا جي حُسن هٿان پنهنجي دل هارائي ويٺو هو. راجا پوجا کي ڏسڻ کانسواءِ نه صرف پاڻ کي بيچين پر اڻپورو محسوس ڪندو هو. پوجا کي جڏهن ان جي پيار جي خبر پئي ته ان کي راجا جي اهڙي بي انتها پيار تي نه صرف رحم پر يقين اچي ويو. هڪ ڏينهن پوجا پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي راجا ڏانهن پنهنجو موبائل نمبر اُڇلائي راجا کي سندس نمبر ڳولڻ واري ڪوشش ۾ ڪامياب ڪيو. ان کانپوءِ پوجا ۽ راجا جو فون تي ڳالهائڻ روز جو معمول بڻجي ويو. هنن پنهنجي تازي پيار کيِ سماج جي قدامت پرست ماڻهن کان لڪائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر انهن جي اوڄاڳيل اکين انهن جي لڪيل پيار کي گهرڀاتين ۽ پاڙيوارن اڳيان ظاهر ڪري ڇڏيو. راجا ڪنهن اين جي او جي نوڪري ۾ هجڻ ڪري اڌ خرچ پنهنجي گهر ۽ اڌ خرچ پوجا کي سندس گهر هلائڻ لاءِ ڏيندو هو. راجا جي پوجا سان پيار ۽ بي انتها محبت واري رويي کان پوجا جي ماءُ مائي راڌا تمام گهڻي متاثر ٿي ۽ راجا کي سندس گهر اچڻ جي مڪمل آزادي ڏئي ڇڏي ۽ هاڻ راجا لاءِ سندس مائٽن کانسواءِ ٻي ڪابه پوجا جي گهر وڃڻ لاءِ روڪ ٽوڪ نه هئي. راجا ۽ پوجا لاءِ آهستي آهستي هڙئي مسئلا حل ٿيڻ لڳا. پوءِ به راجا پوجا جي گهر پنهنجي مائٽن کان لڪ چوري ۾ ويندو هو. ڇاڪاڻ ته پوجا جي گهرڀاتين لاءِ راجا جي مائٽن وٽ ڪابه عزت نه هئي، پر راجا ۽ پوجا جو پيار انهيءَ مذهبي تنگ نظريي ۽ ذات پات کان تمام مٿانهون هو. جڏهن ته راجا  جا مائٽ انهيءَ جي شادي سندس مرضي جي خلاف ڪرڻ تي بضد هئا. راجا جي مائٽن فيصلو ڪيو ته ايندڙ مهيني راجا جي شادي ڪرائي ويندي. اهو ٻڌي راجا جي لاءِ جيئڻ حرام ٿي ويو ۽ جڏهن هن اها ڳالهه فون تي پوجا کي ٻڌائي ته پوجا جي پيرن جي هيٺيان ڄڻ ته زمين نڪري ويئي. هن روئيندي ۽ سڏڪا ڀريندي راجا کي چيو ته مائٽ پاڻ کي جدا ڪري ڇڏيندا تنهنڪري پاڻ ڪورٽ ۾ هلي هندو مذهب موجب شادي ٿا ڪريون، تنهن تي راجا دير ئي ڪانه ڪئي، هن پوجا کي وٺي وڃي هڪ وڏي شهر جي عدالت ۾ پنهنجي دوستن جي مدد سان پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. پويان مائٽ سندن تلاش ۾ ئي هئا پر انهن کي ڳولڻ ۾ ناڪام ويا. نيٺ جڏهن راجا ۽ پوجا جي پيار جي خبر ٻئي ڏينهن اخبار ۾ شايع ٿي ته مائٽن سميت شهر جي ڪيترن ئي ماڻهن جي وات ۾ ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ شهر جي ترقي پسند نوجوانن راجا جي مائٽن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اوهان جنهن مائي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ تي عيب سمجهندا هئا اڄ انهيءَ جي ڌيءَ اوهان جي گهر جي ننهن بڻجي وئي آهي. اوهان ڪيترو به سچائي کي پٺُ ڏيو پر اوهان جي اوچ نيچ واري سوچ ۽ ذات پات وارين ڪوڙين مدي خارج رسمن کي راجا ۽ پوجا جي پيار هميشه لاءِ دفن ڪرڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

meghwarchetan@gmail.com