خاصڪهاڻيون

#ڪهاڻي لوڻاٺيل وجود

ڪهاڻي

لوڻاٺيل وجود

نسيم پارس گاد

طويل هفتن جي مسافت کانپوءِ جڏهن هوڙا واپس پتڻ تي لٿا ته مهاڻن جي چهري تي ٿڪاوٽ ۽ راتين جي اوجاڳن جا آثار چٽي ڏينهن جيئان پڌرا هئا. هنن جي جسم مان لوڻياٺ جي بوءِ پئي آئي. هنن جا ڄار مڇيءَ کان خالي ۽ ٻسا هئا. مهاڻن محسوس ڪيو هو هن ڀيري سمنڊ کين لوڻ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. هنن جي جسم مان سمنڊ جي اڇي گج بکي رهي هئي. هو مٺي پاڻيءَ سان بار بار وهنجي رهيا هئا پر هنن جي جسم مان سمنڊ جي لوڻياٺ نٿي وئي. هنن جو اکيون پٿريلون بڻجي پيون هيون.

ڪرڙ ميربحر جڏهن پتڻ تي لٿو، هن کان دانهن نڪري وئي جا ڪجهه ميل سفر طئي ڪندي جڏهن هن جي جڳهيءَ وٽ ڪنهن اڻ ڄاتل مهمان جيان در جي چوکاٽي تي قدم رکيا ته هن جي زال جي هٿن مان زنده موراکي پٽ تي ڪرندي ڦهڪو ڪندي  تڙپندي لڇندي دم ڏنو ته ڪرڙ ميربحر جي زال کان رڙ نڪري وئي ۽ هوءَ پٽ تي ڪريل موراکي اورانگهندي ڊڪندي ٻاهر پڌر تي آئي، هن پنهنجي مڙس کي ٿڪل قدمن سان ايندي ڏٺو. هن جي اکين مان ٻه ڳوڙها نڪري هن جي چپن ۾ جذب ٿي ويا جي کيس سمنڊ جي ڪوڙاڻ کان وڌ ڪوڙا ۽ زهريلا لڳا. هوءَ ڊوڙي مڙس ڏانهن ڀڳي کيس سهارو ڏيئي گهر اندر کٽ تي آهلي ڇڏيو. ڪرڙ ڦوٽاريل اکين سان گهر کي ڏسڻ لڳو. هن جي زال پاڻي آڻي هن کي پيارڻ لڳي ۽ هو ڪنهن ٻار جيئان زال جي هٿن سان پاڻي پيئڻ لڳو. ڪجهه دير جي خاموشيءَ کانپوءِ هن زال کي چيو:

“هن ڀيري سمنڊ سمنڊ نه هو، هو ڪنهن رڻ جو ڏيک ڏيئي رهيو هو.” هو ڳالهائيندي چپ ٿي وڃي ٿو. ڪجهه پلن جي سامت کانپوءِ زال کي گهوريندي چوي ٿو. “سموري زندگي سمنڊ کي مستيءَ ۾ پسيو اٿم پر هن ڀيري سمنڊ ساڪن هو، هن ۾ ڪابه جنبش ڪانه هئي، نه ئي ڪا لهر هئي، هر طرف کان سانت ۽ خاموشي هئي، ائين پئي لڳو هوڙا ڪنهن وارياسي ۾ لٿا هجن، هوا جو وجود ڪٿي به ڪونه هو، سمنڊ  هر طرف کان اڇي اڇي گج اڀامي رهيو هو، سمنڊ پنهنجي وجود جو زهر اسان ۾ اوتي رهيو هو، اسين لوڻ بڻجي واپس موٽيا آهيون”.

ڪرڙ ميربحر کي پنهنجو وجود ڳورو ۽ لوڻاٺيل لڳي رهيو هو. هو بار بار وهنجي رهيو هو پوءِ به کيس ڀاسي رهيو هو، هو ڪو سامونڊي وجود بڻجي پيو هو. هن جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون. لڇي لڇي هن کي گهري ننڊ اچي وئي. گهر ۾ پٽ تي مُئل موراکي جي ڌپ تيز ٿي وئي هئي. هن جي زال موراکي کڻي گهر ٻاهران ڦٽي ڪئي پوءِ به بوءِ گهر جي ڪنڊ ڪنڊ مان اچڻ لڳي. هوءَ سموري ڏڪي وئي هئي. رات ڇائنجي چڪي هئي. هوا بند هئي. سمنڊ مڪمل سانت ۾ هو. هٻس، گرمي ۾ ماڻهن جو دم نڪري رهيو هو. دعا لاءِ لکين هٿ کڄيا پر سمنڊ سانت ۾ رهيو. مهاڻن ڄاتو ٿي ته سمنڊ کانئن ناراض هو جنهن هوا ۽ ڪڪرن کي پنهنجي پيٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. صبح جا ڪرڻا جڏهن ڪرڙ ميربحر جي چهري تي پيا ته هو ڇرڪ ڀري اٿيو. هن کي ياد پيو ته هن خواب ۾ درياهه بادشاهه کي ڏٺو هو جو سمنڊ کان دور ڀڄي رهيو هو ۽ سمنڊ هن جي پويان ڪڍ ڪڍ هو. سمنڊ درياهه پويان ڪاهيندي هر شيءَ کي لوڻ ۾ تبديل ڪري رهيو هو. خواب ۾ ڊيلٽا وٽ هن الف ننگي شخص کي ڏٺو جيڪو درياهه ۾ نهايت پاٻوهه سان هيٺ لهي رهيو هو ۽ درياهه جون موجون کيس خوشيءَ سان ڀليڪار چئي رهيون هيون. جڏهن شخص درياهه اندر لهندي سندس پيٽ ۾ لهي ويو ته درياهه جي دهشت ۽ موج کان سمنڊ ڊڄڻ لڳو ۽ درياهه سمنڊ ڏانهن گجگوڙ سان ڪاهڻ لڳو ۽ سمند پوئتي هٽڻ لڳو هو.

ڪرڙ ميربحر جود ۾ وهنجي سهنجي زال کان موڪلائيندي چيو: “مان هلان ٿو، درياهه بادشاهه جو سڏ ٿيو آهي.” هن جي زال جي گهٻراهٽ وڌندي وئي. هوءَ ڪجهه به نه ڪڇي سگهي. “اڄ لوڻاٺيل مينهن پوندو ۽ آسمان مان مڇيون ڪرنديون”.

 هڪ سڏڪو هن جي زال جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. هو زال جي پيشانيءَ تي چمي ڏيئي، تڪڙن قدمن سان گهر کان ٻاهر نڪري ويو. هن پنهنجي وجود ۾ ڳوراڻ محسوس ڪئي. هڪ نظر هن پنهنجي سانوري ٻانهن تي وڌي ته کيس ات اڇاڻ محسوس ٿي. هن ڄاڻي ورتو هو ته هو لوڻ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي. جڏهن ڪرڙ ميربحر طويل مسافت ڪندي ڊيلٽا وٽ پهتو ته کيس درياهه جي ڇڪ محسوس ٿي. هن جي زبان تي لوڻ جو ذائقو اڀريل هو. جڏهن هو ڊيلٽا جي ويجهو ٿيو ته هن سمورا ڪپڙا لاهي درياهه ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. جڏهن هن جا پهريان قدم درياهه جي چيڪي مٽيءَ ۾ کپجي ويا ته هن پنهنجي وجود جي سموري زهر کي  درياهه ۾ لهندي محسوس ڪيو. هن  وڏي ٻرانگ ڀري پاڻ کي درياهه جي حوالي ڪندي درياهه جي پاڻيءَ کي پنهنجي اندر اوتڻ شروع ڪيو. هن کي محسوس ٿيو ته هو هاڻ درياهه ۾ جذب ٿي رهيو آهي. جڏهن هن جي زبان مان لوڻ جو ذائقو باقي نه رهيو هو هن سرهائي محسوس ڪئي. جيئن جيئن درياهه جون لهرون هن جي وجود سان مستي ڪري رهيون هيون، هن پاڻ کي درياهه ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪيو. هو اونهي ٽٻي ڏيئي درياهه هيٺ لهي ويو.

 هن پنهنجي وجود مان سامونڊي وجود کي درياهه ۾ ڳرندي محسوس ڪيو ۽ هڪ ڀيرو هو ساهه کڻڻ لاءِ مٿي اڀري آيو ۽ هن آخري ڀيرو ڌرتي ۽ آسمان کي ڏٺو ۽ اونهي ٽٻي ڏيئي هو همشيه جي لاءِ درياهه سان ملي هڪ ٿي ويو ته درياهه ۾ مستي اچي وئي ۽ درياهه جي مستي ۽ دهشت ڏسي سمنڊ پوئتي هٽڻ  لڳو.

 تنهن شام شهر مٿان ڪارا ڪڪر گجگوڙ ڪندي آيا. لوڻاٺيل مينهن وسيو ۽ آّخري خبر تائين شهر ۾ 1432 زندهه مڇيون آسمان مان ڪريون جيڪي شهر جي گهٽين ۾ تڙپندي مرنديون رهيون. ڪرڙ ميربحر جي زال جڏهن اهو سمورو لقاءَ ڏسي رهي هئي، هن اکيون پوريون ته هن مڙس کي درياهه ۾ لهندي ڏٺو ته درياهه ۾ عجيب دهشت طاري ٿيل هئي ۽ درياهه جو پيٽ وسيع کان وسيع تر ٿي رهيو هو. هن اکيون کوليون. هوءَ وسندڙ مينهن ۾ ٻانهون کولي منهن آسمان ڏانهن ڪري روئڻ لڳي. جڏهن مينهن جون آخري ڪڻيون هن جي چپن تي پيون انهن منجهه درياهه جي چيڪي مٽيءَ جي هٻڪار کي هن پنهنجي روح اندر محسوس ڪري ورتو ۽ هوءَ چيڪي مٽيءَ ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ته هن کي سندس مڙس جي نرڙ تي آخري ڏنل چمي ياد آئي.