ترجمو: زاهده ابڙو
شيرين مون کي ان دستاويز جو نقل موڪليو هو- اڃان تائين مون وٽ موجود آهي ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن ان کي دل وندرائڻ جي لاءِ ڏسندو آهيان- ان ۾ لڳ ڀڳ 40 کن مردن ۽ عورتن کي ترڪي، جاپاني ۽ آسٽرين لباس پاتل ڪنهن باغ ۾ وڻن جي هيٺان وڇايل غاليچن تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي- تصوير جي ان حصي ۾ جنهن تي سڀ کان پهرين نظر ٿي پوي ان ۾ موسيو نائوس نظر اچي رهيو آهي، پنهنجي اڇي ڏاڙهي ۽ ڪجهه اڇن ۽ ڪارن وارن جي کچڙي ٿيل مُڇِن ۾ هو سڀن کان ڌار ۽ ممتاز نظر اچي رهيو آهي ايترو جو ڪوبه آسانيءَ سان کيس پرهيزگار مذهبي پيشوا چئي سگهي ٿو- تصوير جي پٺيان شيرين لکيو هو: “ايترن گهڻن ڏوهن کانپوءِ به سزا کان بچيل، معمولي ڏوهه تي شرعي سزا يافتا-”
ديني ماڻهن مٿان ٺٺول يقينن موسيو نائوس جي نيت نه هوندي- ان موقعي تي مٿس صرف سادي ماڻهو هجڻ سبب ئي فرد جرم لاڳو ٿي سگهي ٿي، موقع شناسي جي گهٽتائي يا بدذوقي جي شڪ ۾- سندس حقيقي غلطي اها هئي ته زار جي ٽروجني گهوڙي جي ڪردار ۾ کيس ڪجهه وقت تائين ماڻهن جي نظرن کان پري رهڻو هو-
تصويرن جي ورهاست جي نتيجي ۾ ڪجهه ڏاڍا ڪاوڙل ڀريل جلسا ۽ جلوس ٿيا ۽ ڪجهه حادثا پيش آيا- بازار جا در بند ٿي ويا- شروع شروع ۾ نائوس کي لاهڻ جي گهر ڪئي وئي، ان کانپوءِ پوري حڪومت جي خاتمي جي- آئين جون ڪاپيون ورهايون ويون جنهن ۾ پارليامان قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جيئن روس ۾ ٿيو هو- عوام جي اندر سالن کان لڪل سياسي پارٽيون ڪم ڪري رهيون هيون، ڪڏهن جمال الدين جو نالو وٺي ته ڪڏهن مرزا رضا جو، ۽ هاڻي حالتن جي پيش نظر آمريت جي خلاف جدوجهد جو عَلَم بڻجي ويون هيون-
قزاقن شهر جي وچئين علائقي تي قبضو ڪري ورتو هو- ڪجهه افواهن مطابق جيڪي اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن پکيڙيا هئا، ته ڪو ڏينهن اچڻ وارو هو جو احتجاج ڪرڻ وارن مٿان گهڻو جبر ۽ تشدد ٿيڻ جا امڪان هئا ۽ مسلح فوجون بازار کولڻ واريون هيون ته جيئن ڦرلٽ ٿي سگهي- اها آفت جيڪا صدين کان واپارين جا حواس کسيندي رهي آهي-
انهيءَ ڪري، 19 جولاءِ 1906ع جي ڏينهن تي واپارين ۽ صرافن جو هڪ وفد برطانوي سفارت خاني ۾ اتان جي منتظمِ اعليٰ سان انتهائي ضروري معاملي تي ميٽنگ ڪرڻ لاءِ پهتو- اهي ماڻهو جن کي گرفتار ٿيڻ جو خطرو هجي اهي جيڪڏهن سفارتخاني ۾ پناهه وٺڻ چاهين ته ڇا انهن کي ملي سگهي ٿي؟ جواب ها ۾ مليو وفد مهربانيءَ جو اظهار ڪندي انتهائي احترام سان جهڪندي واپس وريو-
ٺيڪ انهيءَ شام، منهنجو دوست فاضل ڪجهه ساٿين سان گڏ سفارتخاني ۾ حاضر ٿيو ۽ انهن جو پرجوش استقبال ڪيو ويو- جيتوڻيڪ اهو مشڪل سان ٽيهن سالن جو هو، پنهنجي پيءُ جي وارث هجڻ جي ناتي کيس بازار جو امير ترين واپاري تصور ڪيو ٿي ويو- خير اهو ته هو ئي، پر سندس ثقافتي ۽ ترقي پسند سوچ جي ڪري سندس مان ۽ مرتبو بلند ٿي ويو هو ۽ پنهنجي رتبي وارن ماڻهن جي وچ ۾ سندس ڳالهه تمام گهڻو اثر رکندي هئي- برطانوي سفارتڪار کي ان مان ۽ مرتبي جي ماڻهوءَ لاءِ انهن ڪمرن مان هڪ ڪمرو کيس پيش ڪرڻو ئي هو جيڪو اعليٰ رتبي جي ملاقاتين لاءِ وقف ٿيل هو- هن اها پيشڪش قبول نه ڪئي ۽، گرميءَ جو ذڪر ڪري سفارتخاني جي وسيع باغ جي چونڊ ڪئي- ٻڌايائين ته ان مقصد لاءِ هو پنهنجو خيمو پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهي، گڏوگڏ هڪ ننڍو قالين ۽ ڪجهه ڪتاب- ميزبان جن جا چپ ڄڻ سبيل هئا ۽ حيرت سان، ميزبان جي ان سامان کي کُلندي ڏسي رهيا هئا-
ٻئي ڏينهن امان جي ان حق جو فائدو وٺندي ٻيا ٽيهه واپاري به اچي لٿا- ٽن ڏينهن کانپوءِ، 23 جولاءِ تي اتي 808 واپاري موجود هئا- 26 جولاءِ جي ايندي ئي 5 هزار ۽ پهرين آگسٽ تائين 12 هزار-
انگريزي باغ جي وچ ۾ ٺهيل اهو ايراني شهر ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو چوڌاري خيمه کوڙيل هئا، ۽ اهي واپارين جي درجابنديءَ جي حساب سان ترتيب ڏنل هئا- انتظام ڏاڍي تيزيءَ سان منظم ڪيا ويا هئا، ان ريت جو پهريدارن جي چوڪيءَ جي پوئين پاسي رڌڻو ٺاهيو ويو هو جتي تمام وڏيون وڏيون ديڳون مختلف هنڌن تي پهچايون پئي ويون ۽ هر ويهڪ ۾ ٽن ڪلاڪن تائين اهو کاڌو پيتو ٿي هليو-
بدنظمي ڪٿي به نظر نٿي آئي، ۽ گوڙ يا هُل ته هو ئي ڪونه- پناهه وٺڻ، يا ايرانين جي مطابق “بست” ڪرڻ مطلب ته ماڻهوءَ جو پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي پناهه گاهه يا درگاهه ۾ پنهنجن اختيارن کي ختم ڪري بغير ڪنهن مزاحمت جي پاڻ سپرد ڪرڻ آهي- ۽ تهران جي علائقي ۾ ايتريون ڪيئي جايون هيون: شاهه عبدالعظيم جي چوڪنڊي قبر، شاهي اصطبل ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور بست، توپ خاني چوڪ جي ڦيٿن واري توپ- جيڪڏهن ڪو مفرور انهن ڦيٿن سان چنبڙي پوي، ته انتظامي طاقتن کي هاڻي ان تي هٿ وجهڻ جو اختيار نٿي رهيو- پر جيئن ته جمال الدين جي تجربي مان ظاهر ٿيو هو ته حاڪم وقت ان قسم جي احتجاج کي گهڻن ڏينهن تائين برداشت ڪرڻ وارا نه هئا- صرف غير ملڪي سفارتخانن ۾ حاصل ڪيل پناهه کي ئي انهن مڃيو ٿي-
هر پناهه وٺندڙ پنهنجي چلم ۽ پنهنجن خوابن سان گڏ انگريزن وٽ اچي لٿو هو- هر خيمي جي دنيا ٻئي خيمي جي دنيا کان بيحد مختلف هئي فاضل جي چوڌاري ناميارن جديديت پسندن جو اجتماع هو، اهي ڪجهه ماڻهو نه هئا بلڪه سوين نوجوان ۽ عمر کائي آيل ماڻهو هئا، ۽ ڪنهن نه ڪنهن تنظيم جو حصو هئا- جيڪي لڳ ڀڳ لڪيل پارٽيون هيون- انهن جي نه ختم ٿيندڙ بحثن جا موضوع جاپان، روس ۽ خاص طور تي فرانس جنهن جي ٻولي اهي ڳالهائيندا هئا ۽ جنهن جا ڪتاب اهي ڏاڍي شوق سان پڙهندا هئا سان سيمون، روبس پيئر، روسو ۽ والديڪ روسو جو فرانس- فاضل انتهائي احتياط سان قانون جي اها شق الڳ ڪري رکي هئي جنهن جو تعلق دين ۽ دنيا کان الڳ هو ۽ جنهن تي هڪ سال اڳ پيرس ۾ ووٽ وڌو ويو هو- اهو هن ترجمو ڪري پنهنجن سڃاڻڻ وارن دوستن ۾ ورهايو هو جيڪي هاڻي ان تي گرما گرم، ايئن چئجي ته دٻيل آواز ۾، بحث ڪري رهيا هئا، ڇو ته مُلن جون ٽوليون انهن کان گهڻي فاصلي تي نه هيون-
پاڻ دين جا صاحب ئي پاڻ ۾ ورهايل هئا- هڪڙو گروهه هر ان شيءِ جو منڪر هو جيڪا يورپ مان آئي هئي، تان جو جمهوريت جو تصور، پارليامان ۽ جديديت- “جڏهن اسان وٽ قرآن موجود آهي ته پوءِ ‘دستور’ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟” انهن چيو ٿي- جنهن جو جواب جديديت پسندن هن ريت ٿي ڏنو ته “ڪتاب” جمهوريت سان حڪمرانيءَ جو ڪم خود ماڻهن تي ڇڏي ڏنو آهي ڇو ته اهو چوي ٿو: “و امر هم شوريٰ بينهم-” اهي چالاڪيءَ سان ان ۾ اهو به اضافو ڪندا هئا ته جيڪڏهن آنحضرت صلي الله عليه وآلهي وصلم جي وفات وقت، مسلمانن وٽ پنهنجي ڪمزور رياست جي ادارن کي هلائڻ لاءِ “دستور” هجي ها، ته کين خلافت جي سلسلي ۾ ان خوني جدوجهد کي منهن نه ڏيڻو پوي ها جيڪو امام علي جي اخراج تي ختم ٿيو-
عقيدي تي بحث کان مٿانهن مُلن جي اڪثريت بهرحال “دستور” جي نظريي کي قبول ڪندي هئي ته جيئن شاهي دٻاءُ جو خاتمو ٿي سگهي- جيئن ته سوَن جي تعداد ۾ ماڻهو “بست” لاءِ آيا هئا، کين پنهنجي ان عمل جو پنهنجي نبي جي مديني هجرت ڪري اچڻ سان مقابلو ڪري ڏاڍي فرحت محسوس پئي ٿي، ۽ خلقت جي ڏکن جو حسين ابن علي جي ڏکن سان مقابلو، جن جي تڪليفن جي نوحه خواني مسيح جي تڪليفن جي لڳ ڀڳ هئي جنهن جو اقرار مسلمان ڪندا هئا- لگيشن جي باغ ۾ پيشه ور نوحه خوان، جن کي “روضه خوان” چيو ويندو هو، پنهنجن ٻڌندڙن کي انهن تڪليفن بابت ٻڌائيندا هئا جيڪي امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه ڀوڳيون- ماڻهو زارو قطار روئيندا هئا، پنهنجو پاڻ کي ڌڪ هڻندا هئا، ۽ حسين جو بي انتها سوڳ ملهائيندا هئا پنهنجي ۽ مخالف دنيا ۾ ايران جيڪو گم ٿي چڪو هو ۽ صدين کان اڻ کٽ زوال ۾ ٻڏندو ٿي ويو-
فاضل جي دوستن پاڻ کي انهن مظاهرن کان پري رکيو هو- جمال الدين کين “روضه خوانن” (ماتم ڪرڻ وارن) کي حقارت سان ڏسڻ جي تعليم ڏني هئي- هو انهن کي بس هڪ اضطرابي ڪيفيت سان ئي ٻڌي سگهيو ٿي-
منهنجو ڌيان شيرين جي هڪ سرد اشاري ڏانهن هليو ويو جيڪو هن پنهنجي هڪ خط ۾ ڪيو هو- “ايران مريض آهي،” هن لکيو هو- “هن جي کٽ جي ڀرسان ڪيترائي طبيب بيٺا آهن، ڪجهه نوان ۽ ڪجهه پنهنجن وڏن جا پيروڪار ۽ انهن مان هرهڪ پنهنجي پنهنجي دوا پيش ڪري رهيو آهي- مستقبل ان جو آهي جيڪو شفا ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي- جيڪڏهن اهو انقلاب ڪامياب ٿي ٿو وڃي ته مُلن کي جمهوري ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن ناڪام ٿو ٿئي ته جمهوريت پسندن کي مُلو ٿيڻو پوندو-”
في الحال اهي سڀ هڪ ئي کاهي ۾ هئا، هڪڙي ئي باغ ۾- ستين آگسٽ تي، لگيشن 16 هزار “بستي” ڳڻيا، شهر جي هر گهٽي ويران لڳي پئي هئي ۽ هر وڏو واپاري “هجرت” ڪري چڪو هو شاهه کي هار مڃڻي پئي- 15 آگسٽ تي، “بست” جي آغاز کان هڪ مهيني جي مدي کان به گهٽ وقت ۾، هن اعلان ڪرايو ته ملڪي مجلسِ شوريٰ جي قيام لاءِ چونڊون ڪيون وينديون جنهن ۾ تهران سڌو سنئون ۽ صوبا اڻ سڌيءَ طرح پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا-
ايران جي تاريخ ۾ پهرين پارليامان 7 آڪٽوبر تي منعقد ٿي- پنهنجي خطاب جي ادائگيءَ جو ڪم شاهه ڏاڍي دانائي سان هڪ تجربيڪار مخالف، شهزادي مالڪوم خان کي سپرد ڪيو، جيڪو اصفهاني، آرميني ۽ جمال الدين جو ساٿي هو، بلڪل اهو ئي جنهن لنڊن ۾ کيس پاڻ وٽ ترسايو هو- برطانوي طور طريقا ڄاڻندڙ هن ميچوئر عمر جي مرد پنهنجي سڄي زندگي پارليامان ۾ بيهي عوام جي نمائندن جي سامهون “آئيني” حڪمران جي تقرير پڙهي ٻڌائڻ جو خواب ڏٺو هو-
جيڪي ماڻهو تاريخ جي ان صفحي جو ڌيان سان مطالعو ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي گهرجي ته ان وقت جي دستاويزن ۾ مالڪوم خان جو نالو تلاش نه ڪن- اڄ، بلڪل خيام جي زماني وانگر، ايران پنهنجن سربراهن کي انهن جي نالن سان ياد نٿو رکي، بلڪه انهن جي لقبن سان، مثال طور: “شمس الملڪ” “عماد الدين،” يا “ظلِ السلطان-” ان شخص کي جنهن کي جمهوريت جي دور جو افتتاح ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو، کيس اعليٰ ترين لقب عطا ڪيو ويو: “نظام الملڪ-” بدحواس ڪندڙ ايران، پنهنجن دنگن ۽ فسادن جي باوجود تبديل ٿيڻ وارو نه هو ڪيترين تبديلين جي باوجود ناقابل تبديل هو!
***