بلاگنئون

جو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو…

سنڌ ڌرتي هميشه کان محبت، علم، تهذيب ۽ امن جو گهوارو رهي آهي. هي اهو خطو آهي جتي هزارين ورهين کان انساني تهذيب جا نقش ملن ٿا، جتي موئن جو دڙو انسانيت کي سنديس ڏئي ٿو ته سنڌي سماج هميشه روشن دماغ، هنر دوست ۽ محبت پرور رهيو آهي. اهڙي شاهوڪار تمدن جي سڃاڻپ طور هر سال ڊسمبر جي مهيني ۾ “سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو” سوشل ميڊيا، پرنٽ ميڊيا، ملٽي ميڊيا سان گڏوگڏ دنيا جي هر وستي ۽ واهڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿا. هي ڏينهن نه رڳو ثقافتي جشن هوندو آهي، پر پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجين روايتن ۽ پنهنجي تاريخ سان نئون ناتو ڳنڍڻ جو موقعو پڻ مهيا ڪري ٿو. دنيا ۾ ڪوبه اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي پنهنجي ساڻيھ، قوم ۽ ثقافت سان پيار نه هجي جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ويهندي آهي، ان قوم جو وجود دنيا جي تختي تان ميسارجي ويندو آهي. ان ڪري هر سال اسان اهو ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ پنهنجي سڃاڻپ جو احساس پنهنجي نوجوان نسل کي ان ڏڻ جي حوالي سان ڏيندا رهندا آهيون. هي خوشيءَ جو ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سنڌي به هڪ عظيم قوم آهي ۽ سنڌي ثقافت ننڍي کنڊ جي پراڻي تهذيب آهي.

ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خوبصورت چيو آهي ته:

“سنڌ جي ٻولي سنڌ وارا سمجهن،

اجرڪ ٽوپي جو شان دل وارا سمجهن،

محبت سنڌي ثقافت سان انوکي سفر جو نالو آ،

اهو عجيب فلسفو صرف سنڌ وارا ئي سمجهن.”

پيارا دوستو! سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ امن ۽ دوستيءَ جي علامت آهي ۽ سنڌي قوم جي مهمان نوازي ۽ دوستي هڪ اڻ کٽَ خزانو آهي ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ جو رواج اٽڪل پنج هزار سال پراڻو آهي، جنهن جو دليل موئن جي دڙي مان مليل قديمي آثارن سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي وڌيڪ روشناس ڪرايو آهي. سنڌ جي ثقافت جي قومي ڏهاڙي سان گڏ ڄڻ سنڌين جو قومي ميلو آهي ۽ هي ڏينهن سنڌين کي عيد وانگر پيارو آهي.

ثقافت جو ڏهاڙو ڇو؟ هر قوم پنهنجي تاريخ، لباس، ٻولي ۽ روايتن سان زنده رهندي آهي. سنڌي گهراڻا ڊگهي عرصي کان پنهنجي ثقافت تي فخر ڪن ٿا، پر هڪ قومي سطح تي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نوجوان نسل کي اهو احساس ڏيارجي ته انهن جو ورثو ڪيترو قيمتي آهي. ثقافتي ڏهاڙي سان سنڌ جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته: “اسان جي پَڳَ، اسان جي اجرڪ، اسان جو لباس فقط آرٽ نه، پر اسان جي تاريخ جو حصو آهن.”

اجرڪ ۽ ٽوپي سنڌ جو شان: انهيءَ ڏينهن تي سڀ کان وڌيڪ ڳايل ۽ نمايان شيون اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي هونديون آهن. اجرڪ جا ڳاڙها، نيرا ۽ اڇا رنگ سنڌ جي سونهن جا ترجمان آهن. سنڌي ٽوپي جو هر نقش پنهنجي اندر محبت، وفاداري ۽ خوبصورتي جو پيغام رکي ٿو. ماڻهن جو اجرڪ اوڍي، ٽوپي پائي گهمڻ فقط جمالياتي پسند نه، پر پنهنجي ثقافتي وقار سان وابستگي جو اظهار پڻ هوندو آهي.

روايتي رقص ۽ ڌُنُون: ثقافتي ڏهاڙو خوشي، رنگ ۽ موسيقي سان واسطو رکي ٿو. ڌمال، هوٽ، جهومڻ ۽ روايتي رقص، سنڌي ڌنن تي نوجوانن جو ڪلهي سان ڪلهو ملائي نچڻ سڀ سنڌ جي زنده دل ثقافت جو ڏيئو وڌيڪ روشن ڪن ٿا. هي سڀ اهو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌي تهذيب ۾ خوشي ۽ محبت جا رنگ ڪيڏا نه گهرا آهن.

سنڌي ٻولي، ورثو ۽ وجود: هي ڏهاڙو سنڌي ٻوليءَ جي اهميت به ياد ڏياريندو آهي. ٻولي رڳو لفظ نه، پر سڄي قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي. نوجوانن جو سنڌي ۾ ڳالهائڻ، شعر و شاعري ڪرڻ، لوڪ گيت ڳائڻ، ثقافت سان محبت جا نوان در کوليندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي رسالي جا بيت جڏهن سرن ۾ پڙهبا آهن ته سنڌي تهذيب پنهنجي عروج ۽ موجَ ۾ نظر ايندي آهي. بازارن، اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ميلي جهڙو ماحول هوندو آهي.

هن ڏينهن تي سنڌ جا شهر، ڳوٺ، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هڪ وڏي ميلي جو ڏيک ڏيندا آهن. هنڌ هنڌ ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن، جتي ٻارَ توڙي وڏا، سڀ پنهنجي روايتن تي خوش ٿيندا آهن. ثقافتي ميلا نوجوانن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت، اتحاد ۽ گڏيل سڃاڻپ جو سبق ڏين ٿا.

سنڌي کاڌا ۽ مهمان نوازي: سنڌ جي ثقافت صرف لباس يا رقص تائين محدود ناهي، پر سنڌي کاڌا به هتي جي تهذيب جو اهم حصو آهن. ساڳ، ڀينڊين جو ٻوڙ، سنڌي برياني، مڇيءَ جو پلاءُ، ڪڪڙ جو ٻوڙ، تريل ساوا مرچ ۽ پٽاٽا، لسي ۽ ٻيا روايتي ذائقيدار کاڌا پنهنجو الڳ مقام رکن ٿا. هن ڏينهن تي گهڻا ماڻهو خصوصي طور تي روايتي کاڌا تيار ڪري ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا آهن.

ثقافتي ڏهاڙو امن، محبت ۽ گڏيل سڃاڻپ جو پيغام: سنڌ جي ثقافت جو بنيادي پيغام محبت، امن ۽ ساٿ آهي. هر سنڌي ملڪ جي هر قوم، هر ٻولي ۽ هر رنگ سان محبت ڪري ٿو. ثقافتي ڏهاڙو اسان کي سيکاري ٿو ته اختلافن جي باوجود گڏجي رهڻ ئي اصل ثقافت آهي. سنڌ جي روايتن ۾ ڪوڙ، نفرت ۽ دشمنين جي ڪٿي به جاءِ ناهي.

سنڌ فقط هڪ ڌرتيءَ جو ٽڪرو نه، پر رب جي محبوبن جي دعائن سان جڙيل هڪ روشن ديوان آهي. هتي جي مٽي مقدس، ماڻهن جون دليون مقدس ۽ هتي جي روايتون نوراني آهن. سنڌ الله وارن جي نظر ۾ هميشه محبت جي ڌرتي، انسانيت جي درسگاهه ۽ نور جي منزل رهي آهي. الله سنڌ کي سلامت رکي، سنڌ جي ماڻهن کي خوش رکي ۽ رب جي دوستن جو فيض هميشه سنڌ تي قائم رکي. آمين.

سنڌ جي سورمن ۽ دودن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي هن ڌرتي کي پنهنجي خون سان سيراب ڪيو ۽ اها وصيت ڪري ويا ته مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون. سنڌڙي! تون زنده رهين، تنهنجو ثقافتي ورثو هميشه آباد رهي ۽ تنهنجا ٻچا پنهنجي سڃاڻپ ۽ فخر سان تنهنجو ڪنڌ بلند ڪندا رهن….

استاد بخاريءَ ڪيڏو نه سٺو انقلابي درس ڏنو آهي ته:

”جو قوم جياري سو جيئندو رهندو،

جو عام اجاري سو جيئندو رهندو،

مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پَڪَ آ،

جو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو.”