ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ارپنا کان اڳ

ڪراچي  يونيورسٽي ۾ جڏهن ايوننگ ڪلاس سسپينڊ ٿيندا آھن ۽ ستارا ۽ چنڊ شاگردن جا يادن جو ديوان ٿي پوندا آھن. تڏھن انھيءَ وقت اسٽاف ڪالوني جا پروفيسر، مئڊمون ۽ گرلس ھاسٽل جو ڇيڳڙيون واڪ ڪرڻ ۽ ڪالوني وارن اسٽورن تان ضرورت جو وکر وٺڻ لاءِ نڪرنديون آھن. تڏھن ان وقت ٽيچرز فليٽ جي اولهندي گيٽ تي ٽي دوست اڪثر ويٺل ھوندا آھن. ھڪ کي شارٽس ۽ ٽي شرٽ ۽ ڳچي ۾ 1.5 جو چشمو تعويذ وانگر ٻڌل ھوندو آھي، ٻي دوست کي گھڻو ڪري شلوار قميص ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪڏھن کيس فل سوٽ ٽاءِ پاتل ھوندي آھي. توڻي کيس فل سوٽ سونھندو پيو آھي، پر کيس اھو ڳرو محسوس ٿيندو آھي، کيس ڪراچي جي فضائن ۾ رھندي ٽيھارو سال ٿي ويا ھوندا، تڏھن به مٿس ڪراچي جي جڙتو گدلي فضا جو رنگ چڙھي نه سگھيو آھي. سندس روح تي سرڪار سائين شاھ صدر رح لڪي جي پاڪ خاڪ جو حسن سينگاريل ھوندو آھي. ڪراچي ۾ پڙھندي پڙھائيندي ورھيه گذري ويا ھوندس تڏھن به مٿس جڙتو ڏيک ويک چڙھي نه سگھيو آھي. ھميشه سچ ڳالھائڻ جي ڪري ڪالھ جا دوست اڄ جا دشمن ٿي پوندا اٿس. دوستن جي بيوفائيءَ تي گھڙي کن پريشان ٿيندو آھي ۽ پوءِ بي ڏوهي هوندي به دوستن کي ڀاڪر ۾ ڪندو آھي. ھنن دوستن سان ڪڏھن ڪڏھن ھڪ رولاڪ دوست پڻ اچي ويھندو آھي، جو سندن جوڀن رت رچنا سجنا جي دور جو يار آھي. رات جو جنھن وقت ھو ٽيچرز فليٽس جي اولهندي گيٽ تي ويھندا آھن، تڏھن سندن ٻارڙا کڙکٻيتن ۽ پوپٽن وانگر ڊوڙندا ڊڪ ڊوڙ راند پيا ڪندا آھن. ٻارن کي بيفڪري ۾ راند ڪندي ڏسي کين چنڊ جھولي ڪرڻ وارو وقت ۽ ڪو اڻپورو  پنڌ ياد پوندو آھي، انھيءَ رات جڏھن ھنن سيمينٽ جي دڪي تي ڪچھري پئي ڪئي ۽ ٻارڙن جي راند ڏسي روڊ جي ھن پاس قديم بڙ جي وڻن ھوائن تي جھومي ڄڻ تاڙيون ٿي وڄايون. شارٽس ۽ ٽي شرٽ پهريل دوست ٻارڙن جي نازڪ ھٿن ۾ سنھيون ڪاٺيون ڏسي الائجي ڪھڙي سر شاري وچان کين پاڻ وٽ سڏي چيو؟

“ھاڻ ڊڪ ڊوڙ ختم، ھي ڪاٺيون مائيڪ سمجھو ۽ سامهون ويٺل انڪل کان انٽرويو وٺو.”

ٻالڪ علي، حسنين ۽ آدريان ھڪ ٻي جي پوءِ ڀاري ڪندي سامھون واري دڪي تي ويٺل رولاڪ دوست اڳيان صحافين جيان مِڙي ويا.

علي ۽ آدريان ٿوڙا وڏڙا باقي حسنين کانئن ننڍو ھو.

“توھان کي ٽينڪ، راڪيٽ لانچر ھلائڻ اچي ٿو؟”

آدريان سوال ڪيو.

“نه”

“انٽرنيٽ چيٽنگ”

“نه”

“اڙي چاچا توھان کي ته ڪجھ نٿو اچي”

آدريان جو لھجو ڪيڊبري چاڪليٽ جھڙو وڻندڙ ھو.

“توھانPSP, PS5  وڊيو گيمز ھلائڻ ڄاڻو ٿا؟”

علي سوال پڇيو ٿي.

“نه”

علي ۽ آدريان جي معصوم مکن تي حيرت جا رنگ ھئا.

“توھان ڪراچي يونيورسٽي ڇو ايندا آھيو؟”

علي ساھي کڻي سوال پڇيو.

“رلڻ ۽ وکرڻ”

روڊ جي ھن طرف قديم بڙ جي وڻن جا پن ڇڻي گرلز ھاسٽل جي ڇت ۽ ڇيڳڙين جي مکن ۽ جاڳرن جي لتڙ ۾ پئي آيا.

“توھان ڇو ٿا رلو؟”

آدريان واري سان پڇيو.

“چمڻ لاءِ”

“پير؟ ھٿ؟ ڇا ٿا چمو؟”

آدريان جي ڳلن تي مرڪ ڇانيل ھئي.

“مٽي”

“مٽي!؟”

آدريان، علي ۽ حسنين جا ٽھڪ پڙاڏجي ويا،

علي ڪجھ پڇڻ لاءِ چپ چوريا ته پريان ويٺل پيءُ سڏيس ۽ ڪن ۾ ڪجھ سمجھايس.

“شايد تخليقڪار جي چمي اثرائتي ٿئي ٿي، مٽي چمڻ سان ڪجھ جڙي پوندو ھوندو!؟”

علي پيءُ وٽان بيٺي سوال ڪيو.

“ڪڏھن ڪھاڻيون، نظم وجود جي ديوار تي فريم ٿيو وڃن.”

آدريان وٽ سوال کٽي ويا ھئا، پيءُ کي ڏسڻ لڳو، پيءُ سڏي کيس ڪنن ۾ ڪجھ چيو.

“آدريان ٽپ ڏيندي سامھون ننڍي ڪاٺي مائيڪ ڪري سوال ڪيس.”

“توھان کي گلاب پٽڻ ايندا آھن؟”

“صبح جا پٽيل گلاب ارپڻ کان پھرين شام ٿيڻ کان اڳ سڪيو وڃن.”

“ڇو گلاب زلفن ۾ سجائڻ نه آيا ڇا؟”

آدريان جي ترڇي سوال تي ڇرڪي پيو، شايد اھو سوال کيس پيءُ ٻڌايو ھو.

ھو ڪو اڃا جواب ڏي جو کيس کنگھ سوڙھو ڪيو، اڌ ساھ اندر اڌ ٻاھر، دوڏا نڪري آيس، ساھ پرين جي سوڙھي ڳچي جھڙو محسوس ٿيس.

شارٽس ۽ ٽي شرٽ وارو دوست تڪڙو وڃي پريان ڪار مان منرل جي بوتل کڻي ھٿن ۾ ڏنس، ھن کنگھندي منرل جي بوتل کي ڏٺو ته متان سونھري پاڻي ھجي. پاڻي ڍڪ ٻه پي سامت ۾ آيو، وري کنگھندو رھيو.

پريان سندس جيڏل چيس.

“اڄ توکي ٻارڙن کنگھائي ڇڏيو، اھڙو ته توکي ڪميشن جي امتحان به ڪونه کنگھايو ھو.”

***