ڪراچي يونيورسٽي ۾ جڏهن ايوننگ ڪلاس سسپينڊ ٿيندا آھن ۽ ستارا ۽ چنڊ شاگردن جا يادن جو ديوان ٿي پوندا آھن. تڏھن انھيءَ وقت اسٽاف ڪالوني جا پروفيسر، مئڊمون ۽ گرلس ھاسٽل جو ڇيڳڙيون واڪ ڪرڻ ۽ ڪالوني وارن اسٽورن تان ضرورت جو وکر وٺڻ لاءِ نڪرنديون آھن. تڏھن ان وقت ٽيچرز فليٽ جي اولهندي گيٽ تي ٽي دوست اڪثر ويٺل ھوندا آھن. ھڪ کي شارٽس ۽ ٽي شرٽ ۽ ڳچي ۾ 1.5 جو چشمو تعويذ وانگر ٻڌل ھوندو آھي، ٻي دوست کي گھڻو ڪري شلوار قميص ھوندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن ڪڏھن کيس فل سوٽ ٽاءِ پاتل ھوندي آھي. توڻي کيس فل سوٽ سونھندو پيو آھي، پر کيس اھو ڳرو محسوس ٿيندو آھي، کيس ڪراچي جي فضائن ۾ رھندي ٽيھارو سال ٿي ويا ھوندا، تڏھن به مٿس ڪراچي جي جڙتو گدلي فضا جو رنگ چڙھي نه سگھيو آھي. سندس روح تي سرڪار سائين شاھ صدر رح لڪي جي پاڪ خاڪ جو حسن سينگاريل ھوندو آھي. ڪراچي ۾ پڙھندي پڙھائيندي ورھيه گذري ويا ھوندس تڏھن به مٿس جڙتو ڏيک ويک چڙھي نه سگھيو آھي. ھميشه سچ ڳالھائڻ جي ڪري ڪالھ جا دوست اڄ جا دشمن ٿي پوندا اٿس. دوستن جي بيوفائيءَ تي گھڙي کن پريشان ٿيندو آھي ۽ پوءِ بي ڏوهي هوندي به دوستن کي ڀاڪر ۾ ڪندو آھي. ھنن دوستن سان ڪڏھن ڪڏھن ھڪ رولاڪ دوست پڻ اچي ويھندو آھي، جو سندن جوڀن رت رچنا سجنا جي دور جو يار آھي. رات جو جنھن وقت ھو ٽيچرز فليٽس جي اولهندي گيٽ تي ويھندا آھن، تڏھن سندن ٻارڙا کڙکٻيتن ۽ پوپٽن وانگر ڊوڙندا ڊڪ ڊوڙ راند پيا ڪندا آھن. ٻارن کي بيفڪري ۾ راند ڪندي ڏسي کين چنڊ جھولي ڪرڻ وارو وقت ۽ ڪو اڻپورو پنڌ ياد پوندو آھي، انھيءَ رات جڏھن ھنن سيمينٽ جي دڪي تي ڪچھري پئي ڪئي ۽ ٻارڙن جي راند ڏسي روڊ جي ھن پاس قديم بڙ جي وڻن ھوائن تي جھومي ڄڻ تاڙيون ٿي وڄايون. شارٽس ۽ ٽي شرٽ پهريل دوست ٻارڙن جي نازڪ ھٿن ۾ سنھيون ڪاٺيون ڏسي الائجي ڪھڙي سر شاري وچان کين پاڻ وٽ سڏي چيو؟