پاڪستان جي معاشي منظرنامي ۾ جڏهن به ڪا مثبت خبر سامهون اچي ٿي، ته اها اميد جو نئون ڏيئو ٻاري ٿي. اهڙي ئي هڪ اهم اڳڀرائي طور ملڪ ۾ گاڏيون ٺاهيندڙ وڏي غير ملڪي ڪمپني پاران ايندڙ پنجن سالن دوران 30 کان 40 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري جو اعلان سامهون آيو آهي. ساڳي وقت ڪمپني طرفان اليڪٽرڪ گاڏين جي لانچ ڪرڻ جي تياري ۽ حڪومت کان ڏهن سالن تي ٻڌل واضح آٽو پاليسي جو مطالبو ملڪ جي صنعتي ۽ توانائي واري مستقبل بابت هڪ سنجيده بحث کي جنم ڏئي ٿو. اها حقيقت ڪنهن کان لڪل ناهي ته دنيا تيزيءَ سان روايتي ٻارڻ تي هلندڙ گاڏين کان هٽي ڪري اليڪٽرڪ گاڏين ڏانهن وڌي رهي آهي. ماحولياتي تبديلي، ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ توانائي جي متبادل ذريعن جي ڳولا، ملڪن کي مجبور ڪري رهي آهي ته هو پنهنجي ٽرانسپورٽ نظام کي جديد بڻائين. پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ جيڪو گهڻو ڪري درآمدي تيل تي ڀاڙي ٿو. اليڪٽرڪ گاڏين ڏانهن منتقلي صرف ماحولياتي ضرورت نه، پر معاشي حڪمتِ عملي پڻ آهي. غير ملڪي ڪمپني جو سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان يقيناً خوش آئند آهي، پر ان سان گڏ جيڪي شرط ۽ مطالبا سامهون آيا آهن، تن کي سنجيدگي سان سمجهڻ ضروري آهي. ڏهن سالن تي ٻڌل هڪ واضح ۽ مستحڪم آٽو پاليسي جو مطالبو اصل ۾ سيڙپڪارن جي اعتماد سان جڙيل آهي. پاڪستان ۾ پاليسين جي عدم تسلسل، بار بار تبديلين ۽ غير يقيني صورتحال، ماضي ۾ ڪيترن ئي سيڙپڪاري منصوبن کي متاثر ڪيو آهي. جيڪڏهن حڪومت واقعي صنعت کي وڌائڻ چاهي ٿي ته پاليسي جي استحڪام کي يقيني بڻائڻو پوندو.
ٻئي طرف، آٽو فنانسنگ ۾ واڌ ۽ بينڪن جي قرضن جي حد وڌائڻ جي تجويز به ڌيان جوڳي آهي. جيڪڏهن گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ قرضن جي حد 30 لک مان وڌائي هڪ ڪروڙ تائين ڪئي وڃي ٿي، ته اها وچولي طبقي لاءِ ڪجهه سهولت پيدا ڪري سگهي ٿي، پر ساڳي وقت مهانگائي ۽ قرضي معيشت جي خطري کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هتي حڪومت کي هڪ متوازن پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، جيئن نه رڳو طلب وڌي، پر معاشي استحڪام به برقرار رهي. اليڪٽرڪ گاڏين جي حوالي سان سڀ کان اهم سوال انفراسٽرڪچر جو آهي. ڇا پاڪستان وٽ اهڙو نظام موجود آهي، جيڪو وڏي پيماني تي اليڪٽرڪ گاڏين کي سپورٽ ڪري سگهي؟ چارجنگ اسٽيشنز، بجلي جي فراهمي ۽ ٽيڪنيڪل مهارتن جي کوٽ-اهي سڀ چئلينجز آهن، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن صرف گاڏيون متعارف ڪرايون وڃن ۽ بنيادي سهولتون مهيا نه ڪيون وڃن، ته اهڙي تبديلي ڪامياب نه ٿي سگهندي. ان کان علاوه، مقامي سطح تي خام مال جي صنعت کي فروغ ڏيڻ جي ڳالهه به انتهائي اهم آهي. جيڪڏهن گاڏين جي پيداوار لاءِ ضروري شيون ملڪ اندر تيار ٿين، ته نه صرف قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پر روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. اهو قدم ملڪ کي درآمدي انحصار کان به ڪجهه حد تائين آزاد ڪري سگهي ٿو. ساڳي وقت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تازي واڌ پاڪستان لاءِ خطري جي گھنٽي آهي، ڇاڪاڻ ته تيل مهانگو ٿيڻ سان هر شيءِ مهانگي ٿي وڃي ٿي، ڪِرايا، ڀاڙا ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون جنهن جو سڌو اثر غريب طبقي تي پوي ٿو. جيوپوليٽيڪل تڪرارن سبب خام تيل جي اگهن ۾ واڌ، پاڪستان جهڙن ملڪن جي معاشي دٻاءَ کي وڌيڪ وڌائي ٿي. اهڙي صورتحال ۾ اليڪٽرڪ گاڏين ڏانهن منتقلي هڪ ڊگهي مدي واري حل طور سامهون اچي ٿي، جيڪا ملڪ کي توانائي جي بحران کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي.
نتيجي طور، پاڪستان وٽ هن وقت هڪ اهم موقعو موجود آهي. جيڪڏهن حڪومت واضح، ڊگهي مدي واري ۽ صنعت دوست پاليسيون اختيار ڪري، انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري ڪري ۽ مقامي صنعت کي هٿي ڏئي ته آٽو انڊسٽري نه صرف ترقي ڪري سگهي ٿي، پر ملڪ جي معيشت لاءِ هڪ مضبوط ستون بڻجي سگهي ٿي. ٻي صورت ۾ هي موقعو به ٻين ڪيترن ئي موقعن وانگر ضايع ٿي سگهي ٿو. هاڻي فيصلو حڪومت جي هٿ ۾ آهي-ڇا اها هن موقعي کي سنڀالي هڪ نئين صنعتي دور جي شروعات ڪندي، يا وري روايتي بي ترتيبي ۽ پاليسي جي کوٽ سبب هن امڪان کي وڃائي ويهندي؟