بلاگنئون

لالچ موت آڻي ٿي، صبر اميد کي زنده رکي ٿو

انساني تاريخ جو هر دور شاهد آهي ته لالچ انسان کي اندر کان خالي ڪري ڇڏي ٿي. جڏهن ته صبر انسان کي اندر کان مضبوط بڻائي ٿو. لالچ هڪ اهڙي باهه آهي، جيڪا صرف ٻين کي نه، پر سڀ کان پهرين پاڻ انسان کي ساڙي ٿي ۽ صبر هڪ اهڙو چراغ آهي، جيڪو اونداهه ۾ به اميد جي روشني پيدا ڪري ٿو. فلسفي جي زبان ۾ چئجي ته لالچ نفس جي بيماري آهي، جڏهن ته صبر روح جي شفا آهي. لالچ رڳو دولت جي خواهش جو نالو ناهي اها طاقت، شهرت، حسد، مقابلي ۽ پاڻ کي ٻين کان مٿانهون سمجهڻ جي خواهش به ٿي سگهي ٿي. جڏهن انسان لالچ جي قبضي ۾ اچي ٿو ته هو انصاف وساري ويهي ٿو، انسانيت کي پٺتي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ اخلاقي قدرن کي لتاڙي اڳتي وڌڻ چاهي ٿو. نتيجي طور سماج ۾ ناانصافي، استحصال، بداعتمادي ۽ نفرت وڌي ٿي. قديم يوناني فلسفي ارسطو چيو هو ته هر انتها انسان کي تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. لالچ به انتها جو ئي ٻيو نالو آهي. جڏهن خواهش حد کان وڌي وڃي ٿي ته اها عقل کي مات ڏئي ڇڏي ٿي. تاريخ شاهد آهي ته وڏيون سلطنتون، طاقتور حڪمران ۽ امير ترين ماڻهو به لالچ سبب زوال جو شڪار ٿيا آهن. لالچ انسان کان سڪون کسي وٺي ٿي؛ ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ باوجود به مطمئن نٿو رهي. ان جي ابتڙ، صبر انسان کي وقت سان هم آهنگ ڪري ٿو. صبر سيکاري ٿو ته هر شيءِ فوري نٿي ملي، هر مسئلو هڪ ئي ڏينهن ۾ حل نٿو ٿئي ۽ هر سفر کي منزل تائين پهچڻ لاءِ وقت کپي. صبر انسان کي انتظار ڪرڻ، برداشت ڪرڻ ۽ حالتن کي سمجهڻ جي سگهه ڏئي ٿو. صبر انسان کي اهو شعور عطا ڪري ٿو ته ڏک مستقل ناهي ۽ خوشي هميشه لاءِ ناهي، زندگي وهندڙ درياءَ وانگر آهي.

اوڀر جي فڪر ۾ صبر کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڪنفيوشس چيو هو ته جيڪو ماڻهو پاڻ تي ضابطو آڻي ٿو، اهو دنيا کي فتح ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته لائوزو مطابق خاموشي ۽ صبر اندروني طاقت جا وڏا ذريعا آهن. اسلامي تعليمات ۾ به صبر کي اڌ ايمان قرار ڏنو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ بار بار صابرن لاءِ خوشخبري ڏني وئي آهي، ڇو ته صبر انسان کي اميد سان ڳنڍي رکي ٿو. اڄ جو جديد دور لالچ کي ڪاميابيءَ سان ڳنڍي ٿو. وڌيڪ ڪمائڻ، وڌيڪ حاصل ڪرڻ ۽ ٻين کان اڳتي نڪرڻ کي زندگيءَ جو مقصد بڻايو ويو آهي. سوشل ميڊيا به انسان جي اندر مقابلي جي باهه ٻاري ڇڏي آهي. ماڻهو ٻئي جي ڪاميابي ڏسي پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ شارٽ ڪٽ ڳولهڻ شروع ڪري ٿو. اهوئي لمحو آهي، جتي لالچ جنم وٺي ٿي ۽ اتي ئي اخلاقي زوال جي شروعات ٿئي ٿي. لالچ انسان کي بي رحم بڻائي ٿي. هو ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ کان به نٿو ڪيٻائي. ڪاروبار ۾ ٺڳي، سياست ۾ ڪرپشن، تعليم ۾ واپار ۽ رشتن ۾ مفاد اهي سڀ لالچ جون ئي مختلف صورتون آهن. جڏهن سماج ۾ لالچ وڌي وڃي ٿي ته اعتماد ختم ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن اعتماد ختم ٿئي ٿو ته قومون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون. ٻئي پاسي صبر انسان کي اميد سيکاري ٿو. صبر انسان کي سيکاري ٿو ته ناڪامي به سکيا آهي، ڏک به تجربو آهي ۽ انتظار به ترقيءَ جو حصو آهي، جيڪو ماڻهو صبر سان محنت جاري رکي ٿو، اهو آخرڪار منزل تي پهچي ٿو. صبر انسان کي جذباتي فيصلا ڪرڻ کان بچائي ٿو ۽ کيس عقل سان اڳتي وڌڻ جو رستو ڏيکاري ٿو.

نفسيات جي ماهرن مطابق صبر انسان جي ذهني صحت لاءِ انتهائي اهم آهي. صبر ڪندڙ ماڻهو گهٽ پريشان ٿين ٿا، دٻاءُ کي بهتر نموني سنڀالين ٿا ۽ زندگيءَ جا فيصلا وڌيڪ سمجھداريءَ سان ڪن ٿا. اهڙا ماڻهو رشتن ۾ به ڪامياب ٿين ٿا، ڇو ته هو ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ معاف ڪرڻ ڄاڻن ٿا. اصل ۾ لالچ “هاڻي سڀ ڪجهه” چاهي ٿي، جڏهن ته صبر “وقت سان سڀ ڪجهه” تي يقين رکي ٿو. لالچ تڪڙو فائدو ڏئي ٿي، پر ڊگهي نقصان سان گڏ؛ صبر تڪڙو نتيجو نٿو ڏئي، پر مستقل ڪاميابيءَ جو بنياد رکي ٿو. لالچ انسان کي اڪيلو ڪري ٿي، صبر انسان کي ماڻهن سان جوڙي ٿو. آخر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته لالچ موت آڻي ٿي نه رڳو جسماني موت، پر ضمير، اخلاق ۽ انسانيت جو موت. جڏهن ته صبر اميد کي زنده رکي ٿو، اميد بهتر سڀاڻي جي، اميد انصاف جي ۽ اميد انسانيت جي بقا جي. اچو ته پنهنجي زندگيءَ ۾ صبر کي ساٿي بڻايون ۽ لالچ کي دشمن سمجهون. ڇو ته جيڪو صبر اختيار ڪري ٿو، اهو وقت سان کٽي ٿو ۽ جيڪو لالچ ۾ اچي ٿو، اهو آخرڪار سڀ ڪجهه وڃائي ويهي ٿو. مهذب سماج جي تعمير صبر سان ٿيندي آهي، لالچ سان نه.