شاعر دلين جو مسيحا هوندو آهي، جيڪو پنهنجي ڪلام جي حرارت سان سرد دلين کي گرمي ۽ گداز بخشي ٿو. هو پنهنجي احساس سان هر نقطي کي واضح ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو، پر ضروري ناهي ته هر ماڻهو ان کي سمجهي سگهي. 70 واري ڏھاڪي ۾ جڏھن ڦوھ جواني ۾ قدم رکيوسين ته ريڊيو ٻڌڻ جو شوق پروان چڙھيو. استاد رجب علي ريڊيو حيدرآباد جو نوجوان ڳائڻو ھو. ھن جو ڳايل امداد حسيني جو غزل، ڪاش مان چنڊ ھجان تنھنجي اڱڻ تي اڀران ننڊ ۾ ڪيئن ٿو لڳين ٽڪ ٻڌي ڏسندو رھان. نئين ٽھي ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. سندس آزاد شاعري به ڇا خوب ھئي:
سونا روپا لمحا،
جادو جاڳائيندا،
رسندا پرچائيندا،
نچندا ۽ ڳائيندا،
مينديءَ جي رنگن کي،
موڙن جي خوشبو کي،
ور کائيندا آيا،
ڪر موڙيندا جاڳيا،
نازڪ نازڪ کٽڪا،
ڪنورا ڪنوارا جذبا.
آزاد شاعري کي پروان چاڙهيندڙ ۽ نوجوانن جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ امداد حسيني حيدرآباد ضلعي جي ٽکڙ ڳوٺ ۾ پڙهيل لکيل سيد خاندان ۾ سيد فضل حسين شاھ جي گھر 10 مارچ 1940 تي جنم ورتو. هي سنڌ جو البيلو شاعر ھو. ھن پنھنجي ملازمت جي شروعات سنڌي ادبي بورڊ ۾ بطور لائبريرين ڪئي. 1970 ۾ ھو سنڌيالاجي ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو ۽ 1973 ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ مقرر ٿيو. 1977 ۾ ٽماھي مھراڻ جو ايڊيٽر بڻيو. 1993 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين. شاعري جي مڙني صنفن ۾ آزاد شاعري واحد صنف آهي جيڪا پڙهندڙ کي وڌ ۾ وڌ آزادي مهيا ڪري ٿي ته جيئن پنهنجي ڳالهه کي اثرائتي نموني بيان ڪري سگهجي نه قافيه نه رديف جي پابندي نه ڪنهن بحر وزن جي سخت پابندي ۽ نه وري خاص موضوع جي پابندي، امداد ان صنف سان خوب نڀائي پڙهندڙن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي.
امداد حسيني غزل، گيت، وائي، بيت، ٽيڙو، رباعي، قطعو، ڪافي ۽ نظم به لکيا. امداد نه صرف شاعر ھو، پر هو بھترين نقاد به ھو. هو نوان تجربا ڪرڻ، نوان خيال پيدا ڪرڻ ۽ ادب ۾ انقلاب آڻڻ جو حامي ھو. نثر ۽ نظم کي هڪ ئي وقت واپرائڻ جي شناس رکندو ھو. موسيقي جي ڄاڻ رکندڙ توڙي ڪمپيئرنگ ۾ لاجواب پرفارمنس ڏيندڙ ھو.
70ع جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ھفتيوار پروگرام “جهڙا گل گلاب جا” کي خوبصورتي سان پيش ڪندو رهيو، ان جو پهريون پروگرام ڌرتي تي هو ته آخري چنڊ تي. انهيءَ ۾ سائسني نقطهءِ نظر سان گڏ شاهه ڀٽائي جي بيت جي سٽ جي نسبت مان شاعراڻو موضوع به رکيو ويو هو ۽ نثر هوندي به ان ۾ موسيقيت جي رواني سان گڏ آرٽسٽڪ هئڻ جون خوبيون پڻ هيون. امداد جو آواز به ڏاڍو دلڪش، پر ان ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي شموليت ۽ سندس من موهيندڙ آواز به پروگرام “جهڙا گل گلاب” کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا هئا. ورھاڱي کان اڳ سنڌي شاعري ۾ نواڻ اچي چڪي ھئي. نئين دور جا لاڙا، نوان خيال ۽ موضوع پروان چڙھيا. ماحول، منظر ڪشي، تجربا ۽ مشاھدا، لفظن جو سينگار ۽ ان جي استعمال جو فن ڄاڻندڙ ھو.
امداد حسيني جو سنڌي ادبي سنگت سان گهرو لاڳاپو رھيو. سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار گڏجاڻين جو بندوبست ڪرڻ ۾ سندس ڪوششن کي وساري نٿو سگهجي. 1973 ۾ امداد حسيني ان وقت نوجوان اديبا سحر بلوچ سان پيار جي شادي ڪئي، جيڪا ان وقت ماھوار سوجھرو ڪراچي جي سب ايڊيٽر ھئي، جيڪا هاڻي پروفيسر سحر امداد جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. سنڌ جي ادبي تاريخ جي اھا جوڙي ان وقت جي انتھائي خوبصورت جوڙي ھئي. سال 2022 ۾امداد حسيني حڪومت پاڪستان جو صدارتي “تمغهءِ حُسنِ ڪارڪردگي” به حاصل ڪيو. جڳ مشھور اداڪار دليپ ڪمار سنڌ جي نامياري شاعر طور امداد سان ملاقات ڪئي. مون کي ياد آھي، جڏھن سنڌ جي ڏاھي استاد ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسحاق ابڙو جي پنجين ورسي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس دعوت ڏني جيڪا 31 مئي 2012 تي شريف اسڪوائر حيدرآباد ۾ ملھائي وئي تنھن ۾ پاڻ ڪراچي کان اچي شرڪت ڪري ورسي کي مانائتو ڪيائين. سنڌ جو ھي البيلو شاعر 27 آگسٽ 2022ع تي ھن فاني دنيا کان موڪلائي ويو. امداد جو هڪ پيارو نغمو: