پاڻي جياپو آھي زندگي آھي ۽ پنجاب سنڌ کان اھو جياپو کسي چولستان صحرا جون ويران ۽ بنجر زمينون آباد ڪرڻ خاطر منهنجي سنڌ جي سون جھڙين سرسبز ۽ شاداب زمينن کي بنجر ۽ غير آباد ڪرڻ جون ھزارين ڪوششون ڪري رھيو آھي ۽ سنڌ سان اھو ظلم ھينئر کان نه پر تقريبن 1960ع کان آھي. جڏهن پنجاب پنھنجا ٽي درياءَ راوي، ستلج ۽ بياس، ڀارت کي وڪڻي ڏنا ۽ ان کانپوءِ سنڌ جو پاڻي چورائڻ لڳا اھا سڀني کي خبر آھي ته سنڌ کي پنهنجي حق جو ته پورو پاڻي به نٿو ڏنو وڃي. پنجاب ڇا ڪندو مارچ کان برف ڳرڻ شروع ٿيندي ڊيم ڀريندو ويندو. اپريل ۽ مئي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، ڇو ته پاڻي آهي ڪونه جو پنجاب سنڌو ۾ پاڻي ڪونه ڇڏيندو. ھا باقي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ جڏھن سانوڻيءَ جون شديد برساتون پونديون پوءِ سنڌو ۾ پاڻي اماڻيو ويندو ته جيئن پنجاب کي بچايو وڃي ۽ سنڌ کي ٻوڙيو وڃي. اڙي سامراج تون ڇا ٿو سمجهين سنڌي چريا آھن جاھل آھن، جو تنهنجو هر ظلم ۽ ڏاڍ تي پنهنجو ڪنڌ جھڪائيندا؟ نه بلڪل به نه ….
ھاڻي سنڌي سجاڳ ٿيا آهن سنڌ جو ٻچو ٻچو غير آئيني ۽ غير قانوني ڪئنالن خلاف دانھين پيو. شاباس ھجي سنڌ جي وڪيلن کي جيڪي بنا ڪنهن لالچ ۽ پئسن جي سنڌ جيجل جي جياپي جو ڪيس وڙھي رھيا آھن. واقعي وڪيل جوڌن ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ نڌڻڪي ۽ لاوارث ناھي. اصل سڄي سنڌ اٿلي پئي آھي غير آئيني ڪئنالن خلاف. سامراج تون ڇھه واھ ٿو ڪڍين… ياد رک ڇھه ڪئنال ڇا سنڌو مان پاڻي جو ھڪ ڍڪ به کڻي نه سگھندين. شرم اچڻ گھرجي وفاق کي، پنجاب صوبي جو دارومدار ئي سنڌ جي ڪلھن تي آھي. پنجاب ڇا پاڪستان ملڪ جو دارومدار ئي سنڌ صوبي تي آھي.
سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي، سنڌ جا پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا رستا بند پيل آھن. ياد رھي ته ھي احتجاج نھايت ئي پرامـن آھي ڪوبه جھيڙو بدامني نه آھي، ھن پرامن ڌرڻي جا اڳواڻ سنڌ جا جوڌا وڪيل آھن ۽ اسان کي ھنن بھادرن تي فخر آھي، جيڪي ھيڏي گرمي جي باوجود به نٽھڻ اس ۾ جيجل سنڌ ۽ اسان جي ماءُ سنڌو کي ظالمن کان بچائڻ جي ھر ممڪن جدوجهد ڪري رھيا آھن ۽ ھن ڌرڻي جو مقصد صرف ئي صرف اھو آھي ته وفاق حڪومت سنڌو مان ڪئنال نه ڪڍڻ جي فيصلي جو جلد کان جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪري، سنڌ حڪومت کي به شرم اچڻ گھرجي ۽ وفاق تي پريشر وجھي ته “غير آئيني ڪئنالن” ٺاھڻ جو فيصلو واپس وٺي نه ته ٻي صورت ۾ سنڌين جو به چئلينج آھي ته ھاڻي سنڌي پوئتي ھٽڻ وارا ناھن، پر ھاڻي وڙھي حق وٺڻ وارا آھن.
ياد رھي ته “سنڌ” پنجاب جي ساھ جي رڳ آھي، جيڪڏهن رڳ ٽٽي ته زنده نه رھي سگھندو. ھي تيل، گئس بجلي پاڻي سنڌ جا ته آھن جيڪي استعمال پنجاب ۾ آھن. ڪوئلو ٿر مان ٿو نڪري، بجلي پنجاب ٿي وڃي، انھي ڪوئلي نڪرڻ جي ڪري ٿر جي بھترين زمين برباد ٿي وئي آھي ان جو ازالو ڪير ڪندو؟ انھي کانسواءِ “ٿر ڪول” ۾ نوڪرين ۾ وري سڀ پنجابي آھن. جڏهن ته اھي نوڪريون سنڌين جو حق آھن، الائي ڪيتريون ناانصافيون ٿيون آھن سنڌ سان.
سنڌ ھيڏي درياءَ بادشاهه جي مالڪ ھوندي به پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رھي آھي سنڌ جي ٻچن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ناھي. سنڌ جون آباد زمينون غير آباد ۽ بنجر ٿي رھيون آھن ۽ توهان وري چئو ٿا ته ھڪ ڪئنال ڪڍڻ سان قيامت نه اچي ويندي. شرم ڪريو سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙو ھڻو پيا. سنڌ سڪائي تباھ ڪري ڇڏي اٿئو ھن کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي قيامت ٿيندي .